ڇاسنڌ ۾ پ پ پ حڪومت ڪيرائي ويندي. هوت خان گاڏهي


سنڌ اسيمبلي جي ايوان اندر 99 ميمبر پ پ جا ۽ 69 ميمبر حزب اختلاف موجود آهن اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت لاء 85 ميمبرن جي ضرورت پوندي باقي 16 ووٽن جو فرق موجود آهي..
.. باوصوق ذريعا چون ٿا ته ته اصل بغاوت نيب زده ميمبرن جيڪي خاص طور نيب يا جيل ۾ اصل حڪمرانن جي تحويل ۾ آهن يا رهيا آهن. اقتدار کان پاسيرو ڪيل سردار ذاتي اسر رسوخ رکندڙ ميمبر. حڪومتي ۽ پارٽي قيادت سان ناراض هڪ پيراڻي گادي. سميت ڪو 23 کن ميمبرن جو تعداد ٻڌايو پيو وڃي.
… تبديلي جو طريقيڪار ڇا هوندو
. 1.وزير اعلي مراد علي شاھ جي ممڪنه گرفتاري جي صورت ۾ اسيمبلي اندر خفيا راءِ شماري جي گهر ڪئي ويندي جنهن جي اسپيڪر اجازت ڏيندو ان وقت ميمبر سينٽ ۾ ٿيل ووٽ آف نو ڪانفيڊس دوران ڪيل ريهسل دهرائندا. ذريعا چون ٿا ته زرداري صاحب سينٽ اندر چيئرمين جي مدد ان بنياد تي ڪئي ھئي ته سنڌ ۾ وزير اعلي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي. پر وو واعدا هي ڪيا جو وفا هو. مولانا فضل الرحمان به ناراض حزب اختلاف به اختلافن جو شڪار ۽ سنڌ جي اڪثريت سان کلواڙ به جاري.
. 2 پ پ جا سمورا اسيمبلي ميمبر آصف علي زرداري جي چيئرمين شپ ۾ ڪندڙ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا ميمبر آهن ڪنهن به پارٽي ڊسيپلين جي صورت ۾ آصف علي زرداري ئي صرف تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو جيڪو هن وقت جيل ۾ ۽ اهم ڪيسن ۾ جيڪي تيزي سان فيصلا ڪن پوزيشن ڏانهن وڌي رهيا آهن ان جي اها پوزيشن برقرار رهندي ته هو ڪنھن ميمبر خلاف ڪارروائي ڪري سگهندو. ذريعا ٻڌائن ٿا ته سندس اهڙي پوزيشن ختم ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
.. 3 پ پ جي ڪجھ وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن. انهن جي فرنٽ مينن. سندن تمام ويجهن آفيسرن کي حاصل ڪيل ڪرپشن جي پڪن ثبوتن سان گرفتار ڪري پ پ اندر وڌيڪ تضاد پختا ڪيا ويندا جنهن جي ابتدا
ضلع ڄامشورو جي طاقتور سردار سان اهڙي ماحول جي راھ رسم پيدا ڪرڻ لاءِ ڄامشورو ضلعي جي اڳوڻي ڊي سي سهيل بچاڻي کي تازو گرفتار ڪيو ويو آهي.
. 4 پ پ جي عوامي مزاحمت واري ڌمڪي يا خوف مان مرڪزي سرڪار آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپور جي گرفتاري وقت پ پ جي رڻ ٻارڻ واري ڏنل محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي ڏنل احتجاج جي سڏ دوران ٿيل احتجاجن مان اندازو لڳائي چڪي آهي جنھن سبب هاڻي ناڪاري قوتون زرداري ليگ جي نااهلي ۽ سنڌ سان ڪيل ويڌن ۽ اڃان به پ پ جي طرز حڪمراني ۾ تبديلي نه آڻڻ واري صورتحال سبب آرام سان سان پنهنجا قدم اڳتي وڌائي رهيا آهن جنهن سان زرداري ليگ جو ته صرف اقتدار وڄڻو آهي پر سنڌ لاءِ اڃان وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پ پ يعني زرداري ليگ پنهنجا پتا ڪيئن ٿي کيڏي ۽ پاڻ کي هن آيل وڏي بحران مان ٻاهر ڪيئن ٿي آجو ڪري

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …