ڇاسنڌ جي درست تاريخ لکي ويندي؟

آئون سنڌ کي ام الاارض سمجھان ٿو سنڌ سڀني کا پھرين ھئي اھيو منھنجو ويساھ آھي.ھونئن ته صدين کان سنڌ سان سنڌ جي سونھن سان ڪافي قومن کي ساڙ رھيو آھي صدين کان سنڌ تي ڪاھون ٿينديون رھيون ته جيئن سنڌ کي فتح ڪري ڪوجهي ڪجي پر سنڌ حملا آورن جون سڀئي ڏاڍايون برداشت ڪندي پنھنجي سونھن سلامت رکندي آئي آھي.
اڳ به سنڌ جي تاريخ لکڻ وارن سنڌ سان انصاف نه ڪيو ۽ پاڪستان ٺھڻ کانپوء سنڌ جي تاريخ سان سنڌ جي ئي قلمڪارن جيڪي ويل وھايا آھن اھي به گھٽ نه آھن. اسين خوش فھمين ۾ جھمريون ھڻندا رھندا آھيون جيئي جيئي تي نچي نچي ساڻا ٿي ڪري پوندا آھيون پر ڪڏھن به اھيو نه سوچيو اٿئون ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيل تائين تمام ھوشياري سان اسان جي پيرن ھيٺيان زمين کسڪائي ڪڍي پئي وڃي. اسان سنڌ تي سنجيدگي سان سوچڻ بجائي ھميشه ان فڪر ۾ رھندا آھيون ته ھن دفعي ڪھڙا ڀوتار ۽ انھن جي پارٽي اليڪشن کٽندي. عام ماڻھوء کان وٺي اسان کي ڏاھپ ڏسيندڙ قلمڪار ڏھائو پڻ ان خفي ۾ لڳو پيو آھي.
اڄ تائين سنڌ جي اڪثر ڏاھن دانشورن سنڌي قوم لاء ڪو پليٽ فارم جوڙي ناھي ڏنو جنھن تان اليڪشن ۾ ايندڙ لاء چٽو موقف ھجي سنڌ جي دوستي ۽ دشمني جي وچم لڪير ڇڪيل ھجي ھتي ڀلي ڀوتار سنڌ کي تين وال ڪن سنڌ جا وسيلا غيرن حوالي ڪري پنھنجا ڀڀ ڀرين پر اليڪشن ۾ انھن کي وڏو مان ۽ شان ڏنو ويو آھي. اڄ ڏينهن تائين اھي ساڳيا ئي خاندان ۽ انھن جا واٺا اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل آھن ۽ سنڌ دشمني ڪرڻ ۾ پڻ وسان نه پيا گھٽائين ايوب کھڙي کي ون يونٽ جي ڪري غدار ڪوٺيو ويو پر ايوب کھڙي کان وڌيڪ سنڌ سان غداريون ڪندڙ سنڌ کپائيندڙ سنڌ جي ويرين کي پاليندڙ تاتيندڙ سنڏ جا ھيرا لڳا پيا آھن 1973 جي آئين ۾ قومن جي نڙي تي ننھن رکي آئين پاس ڪرايو ويو ان آئين جي جوڙيندڙن کي ڇا چئيجي؟
ان بعد ضياء جي مارشالا دوران ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌين جا ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا ھزارين ماڻھن جا جسم گولين سان پرڻوڻ ڪيا ويا ڪوڙا ھنيا ويا ٽارچر سيلن ۾ ساڙيو ويو ڇا ان تي ڪنھن قلمڪار تفصيل سان لکيو آھي؟
ان بعد ايم ڪيو ايم کي تاتي پالي اھيو نانگ سنڌين جي ڳچي ۾ وڌو ويو اھيو ڪم.ڪنھن ڪيو.ڇا اسان جا پنهنجا ان ملوث ھيا يا نه؟
ايم ڪيو ايم پاران شھرن مان سنڌين کي ڪڍڻ لاء جيڪي ظلم ڪيا ويا انهن جا دڪان انهن جا گهر ، ڪاروبار، زندگيون، عزتون ھر قسم جا ڏاڍ ڪيا ويا.ڇا ان تي ڪنھن لکيو آھي؟
ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي ۽ بربريت کي منھن ڏيڻ لاء ڪجھ سنڌي نوجوانن مزاحمتي جنگ جو اعلان ڪيو انهن سان وڙھيا پنهنجا شھر بچائڻ سڀ ڪجه ڪرڻ لاء تيار ٿي ويا .ڇا تاريخ انھن کي وساري ڇڏيندي يا سنڌ جي ارڏن پٽن جي لسٽ ۾ نالو لکندي؟
جڏھن سنڌ تي پناھگير دھشتگرد کي واڳ ڌڻي ٺاھيو ويو ته ان وقت سنڌين جي حق حاڪميت بچائڻ لاء ڪير اٿي کڙا ٿيا ۽ ساري سنڌ ٽي ڏينھن بند ڪرائي اھيو ثابت ڪيو ته سنڌ سنڌين جي آھي.
ڇا ڪو قلم ان تي ٻه جملا لکڻ جي ھمٿ ساريندو؟
مشرف جي دؤر ۾ دھشتگردن ۽ ڀوتارن کي تحفي ۾ نوان ضلعا ٺاھي ڏيڻ جو رواج پيو ۽ ڪالاباغ ڊيم ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن مان شاگردن جي داخلا تي پاپندي ڪراچي ۾ نجي توڙي سرڪاري نوڪرين تي سنڌين لاء دروازا بند ڪرڻ جھڙن ڪڌن ڪمن ڪو قلم سچ لکندو؟
سنڌ سان ھڪ وڏو ظلم شھيد بي بي جي شھادت پڻ آھي ڇا ان ۾ ڪي پنھنجا ته ملوث نه آھن ان معاملي کي ڪير چٽو ڪندو؟
سنڌ جي وجود جي ويرين ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن سان اقتدار جي ورڇ جي فارمولي تي ٻٽو نظام آڻيندڙ سنڌ دشمن ڀوتارن جي منھن تان پردو لاھڻ لاء ڪو قلم کڄندو ۽ ان نظام کي ختم ڪرائڻ لاء جدوجهد ڪندڙ ۽ سرن جا نظرانا ڏيندڙ شھيدن کي ۽ غازين کي تاريخ جي صفحن ۾ ڪير لکندو ؟.
سنڌي نوجوانن جي چچريل لاشن تي جدوجهد ڪري اھيو سلسلو روڪائيندڙ پارٽي جي حق ۾ لکڻ جي ھمت ڪير ڪندو ؟
سنڌين ۽ بلوچن جي وچم نفرتون وڌائڻ لاء ۽ سنڌ ۾ خانا جنگي ڪرائڻ لاء پرڏيھين جي پگهار تي پلجندڙ نام نھاد ڪوڙن قوم پرستن جڏھن سنڌي پورھيتن جا لاش سنڌ اماڻيا ته ان مھل سنڌ مان ڪھڙي قوم پرست مذمت ڪندي ان عمل جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ۽ بک ھڙتالون ڪرايون ڇا ان عمل تي ڪو قلمڪار ٻه سٽون لکندو.
منھنجي نظر ۾ سنڌ جي اھم مسئلن تي جدوجهد ڪرڻ ۾ محترم ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ان جي پارٽي ھر اول دستي جو ڪم ڪيو آھي ۽ مزاحمت ڪئي آھي، لانگ مارچون، بک ھڙتالون ڪيون ، قوم پرست سياست کي تعليمي ادارن کان ٻاھر آندو، ھارين جي آزادي لاء ڪيترن ئي ڀوتارن جا جيل ٽوڙايا ، مزدورن کي ملن ۽ ڪارخانن ۾ پنهنجا حق ڏياريا، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ، سنڌي نوجوانن کي روزگار ۽ معدني وسيلن تي سنڌين جي مالڪي لاء ڀرپور جدوجهد ڪئي، جيلون ۽ ٽارچر سيل سٺا آھن ڪيترن ئي نوجوانن پنھنجي جان جا نظرانا ڏيئي سنڌ کي بچائڻ لاء جدوجهد ڪئي آھي ڇا سنڌ جو ڪو قلمڪار ھيڏي وڏي تاريخ کي تاريخ جي صفحن ۾ درج ڪندو ۽ سنڌ جي حلالي ۽ حقيقي قلمڪار جو ڪردار ادا ڪندو؟.
محمد علي ابڙو

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …