چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾پوليس جو آپريشن – ٻہ اهلڪار شهيد – پوليس واپس موٽي وئي

شھيد پوليس وارا بڪتر بند گاڏي ۾ هئا – گوليون بڪتربند گاڏي مان پار ٿي اهلڪارن کي لڳيون

چڪ ڀرسان ٻن پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ بعد پوليس پارٽي آپريشن اڌ ۾ ڇڏي واپس موٽي وئي. چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين سان ٻن ڪلاڪن تائين مقابلي کانپوءِ واپس موٽي وئي. ڊي ايس پي لکي جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران ڏوهاري ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪري رهيا هئا، ٻن اهلڪارن جي شهيد جي ڄاڻ ملڻ باوجود وڌيڪ نفري نه موڪلي وئي، جنهن ڪري وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ پوليس پارٽي واپس موٽي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته وڌيڪ نفري نه پهچڻ جي صورت ۾ واپس موٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه بچيو. ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ايس ايڇ او لکي غلام مرتضيٰ ميراڻي جو مڙهه خيرپور ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار پنهوار جو مڙهه چڪ منتقل ڪيو ويو آهي. چڪ ڀرسان مقابلي دوران ڏوهارين جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار جهانزيب، رسول بخش ۽ صدام حسين زخمي ٿي پيا، جن کي سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ساڳئي علائقي ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ به پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا

وڌيڪ پڙھو

Custom ‎informative Essay Writing Service

That function is expressly reserved for persuasive essays. Now you can wrap up all your …