چي جي رائيفل ۾ گولي ڦاسي پيئي آ!

ھو انقلاب جي رومانيت جو سمنڊ جھاڳڻ لاء ارجنٽائين جي “روساريو ” شھر جي حسناڪين کي الوداع چئي ڪيوبا جي گھاٽن ٻيلن کان وٺي بلوويا جي پھاڙن تائين سامراج جي خلاف آزادي جي لاء ائين بي خوف ٿي وڙھيو ڄڻ موت ھن جو چوٿون ڀاءُ ھجي، ھو ڦڦڙن جي بيماريءَ جي علاج کان وڌيڪَ قومن جي شعوري سگھہ جو ماھر ھو ان ڪري ئي ھن جي آخري لکيل ٻن خطن م اوھانکي اعتماد ۽ ڀرسو ملندو، ھو فتح تي يقين رکندڙ اھو شخص ھو جنھن سان جيڪو مليو تنھن کي زندگي کان وڌيڪ سوڀ سان پيار ٿي ويو، تڏھن تہ ھن چيو ھو “موت جتي بہ ايندو اسين سندس مرڪي آڌرڀاء ڪنداسين “بشرطيڪ اسان جي ڇڏيل ھٿيارن کي ڪي ھٿ اڳتي اچي کڻڻ لاء تيار ٿين “
ھن جي اکين م اھڙي دنيا تخليق ڪرڻ جو خواب ھو، جيڪا دنيا لٽ ڦر کان پاڪ ھجي، جنھن دنيا م ڪو بہ غريب بک تي نہ سمھي، ان ڪري ھن آمريڪا سامراج کي للڪاريو، ھن کي گوريلا جنگ جي گرن جي چڱي طرح پروڙ ھئي ان ڪري ھن جو خيال ھو تہ ھي ڪم خالي ھٿين جبل کي ھٽائڻ جو ڪم آھي، جنھن لاء بھرحال ھن کي گھڻا ھٿ گھرجن، ان لاء ھن وٽ وڏي کان وڏو ھٿيار عوام جو ويساھہ ھو، ھو ھڪ سچو انقلابي ھو ھن کي ھن ڳالھہ تي يقين ھو تہ انقلابي ماڻھن وٽ معجزي جي طاقت ھوندي آھي، انقلابي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي خلاف جدوجھد م ماٺ نہ ڪندڙ، اڻ موٽ ۽ ڪو بہ ٺاھہ نہ ڪندڙ ھوندا آھن، ھن لکيو تہ گوريلا جنگ عوامي حمايت کان سواءِ، ڄڻ ھڪ اڻٽر تباھي ڏانھن منھن ڏيڻ ۽ پڻ بذات پاڻ تباھي آھي، جنھن جو ھو خود اڳتي ھلي بوليويا م مثال بڻيو، جن جي آزاديءَ لاء ھو وڙھي رھيو ھو سي کيس پنھنجو دشمن سمجھي رھيا ھئا، ھن جي زندگي جو سفر جيڪو چوڏنھن جون اوڻيھہ سؤ اٺاويهه کان شروع ٿيو ء اٺ آڪٽوبر اوڻيھہ سؤ اٺھٺ تائين جو اوڻيتاليھن سالن جي سفر م اوھانکي فقط ھن وٽ ويڙھہ ملندي، ننڍپڻ م سھڪي جي بيماريءَ سان ويڙھہ ۽ جواني سامراج سان وڙھندي ھن جي ڏسڻ م ايندي ھو اڌ صدي جي موت جي لڳ ڀڳ عمر رکڻ جي باوجود اڄ بہ ھر انقلابي جي جدوجھد جو آئيڊيل آھي، ھن جون ننڍڙيون پر خوابن سان ڀريل اکيون، سفيد چھري تي سمنڊ جي لھرن جهڙي ڏاڙھي ء سرخ تاري واري ٽوپي جي تصویر اڄ بہ دنيا جي ھر شھر ۾ اوھانکي ملندي، ھن کي دنيا جا ماڻھو سوڀ ۽ اميد جو اھڃاڻ سمجھن ٿا، ڪيترن چي جي عقيدي مندن جو خيال آھي تہ ”جنھن جي گھر م چي جي تصوير آھي ان گھر ۾ ھمٿون ھونديون ان گھر کي دنيا جي ڪا بہ طاقت جھڪائي نٿي سگھي! ”


ھن وٽ انقلاب رومانس ھو، تنھن ڪري ئي تہ ھن پنھنجي ڪامريڊ گھرواري ۽ ٻارن کي فيڊرل ڪاسٽرو جي حوالي ھڪ خط جي ڪاغذ سان گڏ ڪيو، جن وٽ سواء ھڪ اميد جي ٻيو ڪجھه بہ نہ ھو،
ھن جو موت اسڪول جي آڳند تي ٿيو جتي صبح جو ھن ماسترياڻي جي حجي جي مشق کي درست ڪندي مرڪي چيو ھو پاڻ وري شام جو ملنداسين، چي وڙھندي ماريو ويو ”ھن جي پستول جون گوليون ختم ٿي ويون آھن ۽ ھن جي رائيفل م گولي ڦاسي پيئي آ” ، ھي ھا ھن جي دشمنن جا ھن جي لاء آخري جملا ، ھن نشي م ڌت سامراجي سپاھي ٽران کي چماٽ ھڻي چيو، گولي ھلاء…….! ء پوء مشن گن جي گولين م ھو شھيد ٿي ويو ھن جي اکيون کليل ھيون ھو موت جي ھنج م بہ مزاحمت ڪندي ھڪ اميد سان ويو تہ جيسين غلامي ۽ جبر ھن دنيا م ھوندو تيسين آزاديءَ لاء وڙھندڙ ماڻھو سندس ڇڏيل بندوق کي ھٿ م کڻي سامراج سان وڙھندا رھندا، اھيا ئي چي گويرا جي نظرياتي سنت آھي، اھيو ئي چي جو آخري سبق آھي جنھن جو حجي اسان کي درست ڪري پڙھڻو آھي.
( چي کي سالگرہ جي ڏينھن تي ننڊڙي ڀيٽا)
حيدر ملاح

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …