چين امريڪا توسيع پسند پاليسي ۔

۔ ۔ ۔ ۔ پراڪسي وار کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي ته ان جو مفهوم اھو بيھندو ته ٻن دشمن يا مخالف قوتن وچ ۾ عملي جنگ کانسواء ھڪٻيء جي اھداف کي نقصان رسائڻ ۽ پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ ـ جنهن وقت سويت يونين موجود ھيو ۽ دنيا ٻن ڪيمپن سوشلزم ۽ سرمائيداري ۾ ورھايل ھيء ته سرد جنگ جي نالي ۾ اھا جنگ موجود ھيء جنهن ۾ معاشي ـ سياسي ـ توسيع پسندي سان گڏ سرمائيداري ۽ سوشلزم وچ ۾ نظرياتي ٽڪراء وارو پھلو به موجود ھو ھن وقت ھلندڙ پراڪسي وار جا وڏا مرڪز امريڪا چين آھن جن وچ ۾ ھلندڙ ڪافي عرصي کان خاموش پراڪسي وار ھاڻي تيز ۽ نروار ٿي رهي آهي ھن جنگ جو بنياد صرف معاشي ۽ ان سان جڙيل مفادن وارن علاءقن تي قبضي ۽ اٿر وڌائڻ لاء آھي ـ
سوويت يونين ۽ امريڪا جي سرد جنگ دوران چين جي پاليسي اھا ھيء ته ويڙاھيو ۽ ان ويڙھ جي نتيجي ۾ خاوشي سان جتان ملي مراعات حاصل ڪريو جيڪا ھن وقت روس جي آهي
چين جي معاشي سگھ گذريل ٽيھن سالن کان تيزي سان وڌي آهي ۽ تيزي سان ھو بين خطن جي معاشي مارڪيٽن تي قبضي کانپوء يورپ ۽ امريڪا جي مارڪيٽن تي قبضي طرف وڌي پيو پنجويھ سال اڳ چين جي ـ جي ڊي پي ـ امريڪا جي ـ جي ڊي پي جي مقابلي ۾ پنجاھ سيڪڙو تائين ھيء ھاڻي وڌي نوي سيڪڙو تائين پھتي آهي جنگي طاقت جي حساب سان چين جي نيوي فوج امريڪا کان به طاقتور ٿي چڪي آهي ساڳي وقت دنيا تي قبضيگيري لاء امريڪا کي ٻي چنگ عظيم کان وٺي ساليانو وڏي بجيٽ خرچ ڪرڻي پوي ٿي جڏهن ته چين ڪجھ سال اڳ تائين انهن خرچن کان آجو رھيو آهي ـ چين جي پنهنجي وسيع آبادي ۽ سستي ليبر ۽ ڪريل معيار زندگي سبب امريڪا ـ يورپ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ شيون ڪافي سستيون پون ٿيون ان ڪري سندس کاپي جي مارڪيٽ وسيع ٿيندي رهي ٿي پر سندس جاگرافي بيھڪ سبب سامان مارڪيٽ تائين پھچاءڻ ۽ پنهنجي ضرورت وارو سامان حاصل ڪرڻ لاء ڊگهن رستن کي استعمال ڪرڻ سبب سندس خرچ وڌيڪ اچي ٿو ان ڪري کيس ويجھن ۽ آسان سستن رستن جي ضرورت آهي جنهن تحت ھو ھاڻي ان مقصد لاء ٽلين ڊالر جي ھڪ خطو ھڪ روڊ ـ One Road One Belt . جي ھڪ وسيع سيڙپڪاري منصوبي سان ميدان ۾ آيو آهي جنهن سان وري سندس ٻيا مفاد به جڙيل آهن جھڙوڪ سندس وسيع آبادي ۽ فالتو ليبر جو ٻين ملڪن ۾ کاپو ـ سندس غير آباد علاقن جي آبادڪاري وغيره ٻئي پاسي سندس ان رٿاءن جي تڪميل سان ۽ مارڪيٽن تي قبضي کانپوء امريڪا جي ھڪ سپر پاور جي حيثيت تمام گهڻو متاثر ٿيندي ۽ مارڪيٽون کسجڻ سبب معاشي بدحالي پڻ اھڙي ماحول ۾ امريڪا لاء ضروري ٿي پيو آهي آهي ته چين جي انهن منصوبن کي تيار ٿيڻ کان اڳ روڪي ـ موجود تمام صورتحال کي ان تناظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي سنڌ پاڪستان خطي ـ دنيا ويندي سي پيڪ کان سنڌو مٿان ڊيمن جي افتتاح ـڪراچي تي قبضي گيري ارڙھين ترميم ـ صوبن جي مالي ايوارڊ ـاسيمبلين جي وزارتن جي غير فعال تيڻ ـ ڪشمير جي صورتحال ـ چين انڊيا تقرار ـ مودي جي بنيادپرستي کي دنيا غير مشروط حمايت ـ پاڪ سعودي تقرار ـ ايران چين معاھدو ـ اسراعيل متحده عرب امارات معاھدو سولاء سان سمجھ ۾ ايندو
۔ ۔ ۔ ھن وقت ٻن اھم خطن ۾ امريڪا ۽ چين سامھون آهن ھڪ ساءوٿ چاءنا سمنڊ ـ South Chaina Sea . جيڪو 35 ھزار ميلن جي ايريا ۾ فھليل آهي ۽ ان علاقي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ننڊا وڊا جزيرا موجود آهن جن تي مختلف ملڪن جا قبضا دعويداريون ۽ تقرار موجود آهن ـ جتان امريڪا جو 83 ٽلين ڊالر جو سايانو واپار ٿيء ٿو ۽ سڄي دنيا جي ڪاروبار جو لنگھ آهي جڏهن ته چين چين جي شھ رڳ جتان چين چين جي ٽوٽل واپار جو ٽيھ سيڪڙو جو لنگھ ۽ ٻاھران ايندڙ جي سامان جي لنگھ سان گڏ چين جي پنجن بندرگاھن مان ٽي ھن سمونڊ تي آهن چين ۾ ايندڙ تيل جي وڏي ترسيل ھن سامونڊي رستي سان آهي ـ دنيا جي مڇي جي ضرورتن جو ڏھ سيڪڙو ھن سمنڊ مان پوراء ٿيء ٿيء ٿو ويٽنام ـ فلپاءن ـ تائيوان جھڙن ملڪن جو ته گهڻو تڻو انحصار ھن سمنڊ تي آهي ـ امريڪا ۽ چين جي سرحد ڏھ ھزار ميل پري ھجڻ سبب ٻنهي ملڪن ۾ بري فوج جي سڌي جنگ ممڪن ناھن پر چيء سگ ٿو ته جيڪڏهن امريڪا ۽ چين جون فوجون ڪٿي آمھون سامهون آهن ته اھا بحري فوج آھي جيڪا ھن سمنڊ ۾ آهي ڇاڪاڻ ته ھن سمنڊ ۾ امريڪا جي سڌي دعويداري نه ھجڻ باوجود ھن سمبڊ جي حدن ٻيٽن ۽ لنگھن تي چين تائيوان ـ ويٽنام ـ فلفاءن ـ مليشيا ـ بروناء جا شديد ٽڪراء آهن ۽ ھڪٻيء جي سامهون بيٺل آهن ۽ چين کانسواء سمورا ملڪ امريڪا جا اتحادي بنيل آهن فلپاءن ۽ امريڪا وچ ۾ دفاعي معاھدي تحت ان جي ٻيٽن جي امريڪي فوج ۽ جنگي ٻيڙا ھميشھ موجود رھن ٿا ٻئي پاسي چين جي قبضي ھيٺ ٻيٽن کي وسعت ڏيء وڏا فوجي اڏا۽ طاقتور فوج ڪٺي ڪري رکي آهي ـ ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ ھن خطي ۾ چين جي توسيع پسند پاليسي سبب ڇين بمقابل ھن خطي جا ٻيا سمورا ملڪ جن جي پٺيان امريڪا بيٺل آهي ھوندا امريڪا ھن خطي ۾ چين کي منھن ڏيڻ لاء ڀارت ـ جپان آسٽرليا ۽امرڪا تي مشتمل قواعد ۔ Q ,A U D نالي ھڪ دفاء ادارو جوڙي ورتو آهي جيڪو ڪنهن به خراب صورتحال ۾ ھن خطي ۾ امريڪي ڪمداري ڪندو ـ
۔ ۔ ۔ ٻيو خطو آهي پاڻ وارو ڪنهن حد تائين بشمول ساءوٿ ايشيا ھن خطي اندر جيڪا ھن وقت صورتحال آهي ته چين پاڪستان بمقابل انڊيا اڳ بيٺل ھيا پر ھاڻي ان ۾ وڏي وسعت اچي ويء آهي چين جي وڏي معاشي سياسي سيڙپڪاري سبب ڀارت جا صوبا سمجھا ويندڙ ملڪ نيپال پوٽان جھڙا ملڪ به ڀارتي ڪيمپ مان نڪري چين طرف ھليا ويا آهن تازو ايران ڀارت چاھبھار بندرگاھ منصوبو ۽ وسطي ايشيا ـ افغانستان کي ريل ۽ روڊ سان ڳنڊڻ وارو منصوبو ختم ڪري چين سان اھڙو معاھدو ڪري چين جي ڪيمپ ۾ پھچي ويو آهي ۽ چين سان پاڪستان چين معاھدن کان به وڌيڪ ماليت جا معاھدا ڪري ورتا آهن اھڙي صورتحال کي محسڳس ڪندي امريڪا فوري طور ھڪ وڏو پتو کيڏي ھن خطي جي محدود ٽڪر کي وسعت ڏيندي عرب اسراعيل تائين وٺي ويو آهي جنهن سبب پاڪستان ۽ عرب ملڪن جي طاقتور اتحاد ۾ شديد ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويء آهي لبنان جي ڌماڪن کانپوء فوري طور ٻن سالن کان ھلندڙ ڳالهين کي ھڪ ھفتي اندر مڪمل جري عرب اسراعيل ھاھ جيڪو فلحال اسراعيل ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ آهي پر جلد اسراعيل فلسطين مسلي جو جوڳو حل ڪڍڻ کان پوء عرب اسراعيل معاھدي ۾ تبديل ٿي خطي جي ڪمداري اسراعيل حوالي ڪري عرب ملڪن کي وجود ۽ حڪمراني جي بقا جي گارنٽي پڪ ڏياري لبنان ۾ موجود حزب الله مليشيا ـ يمن ۾ موجود حوثي باغين ۽ شام کي رڳڙي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيء ويندي متبادل طور پاڪستان ـ ترڪي ـ مليشيا ـ ايران وغيره ڪو بلاڪ تشڪيل ڏيء سگهن ٿا پر ان بلاڪ جي تشڪيل جو ڪمزور پلر آهي پاڪستان جنهن جا پنجاھ لک شھري عرب ملڪن ۾ روزگار ڪن ٿا ۽ پاڪستان جي ٻاھران ايندڙ ڪمائي جو لڳ ڀڳ چاليھ سيڪڙو ٻين مراعات کان علاوه عرب ملڪن مان اچي ٿو ان جي بيدخل ٿيڻ ۽ ان جي جاء انڊيا ۽ بنگلاديش ماڻھن ذريعي ڀرڻ ـ سستي اگھ تي ملندڙ تيل جي رڪجڻ سان گڏ پاڪستان ۾ موجود ايران ۽ سعودي عرب جي پوء لڳي ڪندڙ مذھبي فورسز جي سامهون تيڻ جو خطرو به آهي جنهن لاء مولانا فظل الرحمان اڳ ميدان ۾ لٿل آهي ۽ سعودي عرب جي تمام ويجهو سمجھو ويندڙ مولانا طاھر اشرفي کي پاڪ فوج جي سربراھ جناب باجوا صاحب جي سعودي عرب رسڻ کان اڳ سعودي عرب مان آيل خصوصي جھاز وسيلي ولي عھد محمد پاڻ وٽ گھراء ورتو آهي چيڪو اڳ اڳي عمران خان جي خاصن خاص ماڻهون ذلفي بخاري ۽ شاھ محمود قريشي کي ھٽاءڻ جي گهر ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڪجھ حلڪا اھو به چون ٿا ته شام ۽ حوثي باغين خلاف پاڪ فوج جي ڪارواين ۾ حصو نه وٺڻ واري فيصلي جي فلم نوازشريف جي ڪنڌ ۾ ھڻي عمران خان کي اقتدار تي پھچاءڻ لاء سعودي عرب جي جيڪا پرميشن ورتي ويء ھيء ان جڳ به سڄو ڀانڊو فاٽي پيو آهي ـ
ان سموري ماحول مان نڪرڻ لاء رستا ٻھ نظر اچن ٿا ھڪ ڪجھ ڏيو ڪجھ وٺو يا اوھان به ميدان وٺو اسين به پوء جيڪو بچو
ان سموري سياسي وايو منڊل سان سنڌ به جڙيل آهي ۽ ملڪي سياسي ماحول به ان ڪري لڪاءن ۽ حالتن کي گھراء سنجيدگي ۽ ھڪٻيء سان جوڙي ڏسڻ جي ضرورت آهي خاص طور سنڌ واسين کي
۔ ۔ ۔ ھوت خان گاڏھي

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …