وفاقي وزير پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ٽي آءِ جي فرمائش تي مقرر ڪيو ويو هو.
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته ووٽ جهموريت جو حق آهي ۽ سڀ پنهنجو حق استعمال ڪن.
شيري رحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جي پنهنجي هڪ حيثيت ۽ ساک آهي.
هن چيو ته اسان کي به اليڪشن ڪميشن سان ڪيئي شڪايتون آهن، سندن فيصلن تي اسان به سوال اٿاريندا آهيون ۽ حل به ڳوليندا آهيون، پر اسان ادارن جي بي حرمتي ۽ بي عزتي ناهيون ڪندا.
