چمبڙ ۾ ٻن ڪولھي ڀائرن گھر ۾ ڦاھي کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

چمبڙ ويجهو ٻن ڀائرن گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڪڙيو گهنور ۾به نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. چمبڙ جي ڳوٺ ڪرم رند ۾ٻن سڳن ڀائرن 29 ورھين جي چندر ۽ 27 ورھين جي جامن پٽ فتو ڪولھي آپگهات ڪري ڇڏيو. ٻنهي نوجوان گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، جڏهن ته آپگهات جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا ، اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا. هوڏانهن ڪڙيو گهنور ۾نوجوان علي پٽ عبدالوحيد چانڊيو مبينا طور غربت سبب آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان غربت سبب آپگهات ڪيو، پوليس موجب نوجوان پيءُ کان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙھو

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

اصل قوتن ھٿ ھٽايو تہ مڪاني چونڊن جا نتيجا سڀني ڏٺا

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) …