چانڊڪا جي وي سي نمرتا جي تڏي تي صحافي کي چماٽ ھڻي وڌي،سوشل ميڊيا تي وي سي ھٽائڻ جو مطالبو

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان آپي کان ٻاهر نڪري وئي. شاگردياڻي نمرتا جي تڏي تي هنگامو ڪيو ۽ سوال ڪرڻ تي انيلا عطاءُ الرحمان صحافين سان ڊگهي دير تائن بحث ڪرڻ کانپوءِ صحافي رميش ڪمار کي چماٽ وهائي ڪڍي. ڊاڪٽر انيلا عطاءُ الرحمان صحافي کي مبينا طو رڌمڪيون به ڏنيون ته تو سان اهڙو حشر ڪنديس، جو ياد رکندي.

اھڙي عمل کان پوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سيئنر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي واقعي جي مذمت ڪندي گھر ڪئي آھي تہ فوري طور وي سي چانڊڪا ڊاڪٽر انيلاءِ عطاءِ الرحمآن کي ھٽائي نمرتا ڪيس جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي

چانڊڪا جي وي سي نمرتا جي تڏي تي صحافي کي چماٽ ھڻي وڌي،سوشل ميڊيا تي وي سي ھٽائڻ جو مطالبو

وڌيڪ پڙھو

سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر ۾ باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪشمير جتوئي …