ڄامشورو ضلعي جي تعلقي ٿاڻو بولا خان جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڌانڌلي جو انڪشاف ٿيو آهي. پولنگ اسٽيشنز توڙي ٻين علائقن ۾ بيلٽ پيپر تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. ٽائون ڪميٽي ٿاڻو بولاخان، 7 يونين ڪائونسلز يوسي سري، مول، تونگ شريف، ٿاڻي عارب خان، موندر خان باريجو، ڌماچ ۽ ٿاڻي احمد خان جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پيپلز پارٽي جي حامين پاران ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ بيلٽ پيپرن تي تير تي ٺپا هڻي وڊيوز رڪارڊ ڪري پ پ اميدوارن کي وڊيوز موڪليون ويون، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
وائرل ٿيل وڊيوز ۾ اڻڄاتل ماڻهو يونين ڪائونسل مول تي پ پ طرفان چيئرمين جي اميدوار راشد حملاڻي ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار ليکراج جي چونڊ نشان تي تي ٺپا هڻي رهيا آهن، ڄاڻايل يوسي تي ڄامشورو اتحاد پاران چيئرمين لاءِ خير محمد شهڻو کي اميدوار نامزد ڪيو ويو هو، هڪ ٻي وڊيو ۾ يوسي سري تي پ پ طرفان چيئرمين جي اميدوار محمد خان پالاري جي چونڊ نشان تي ٺپا هنيا پيا وڃن، سندس مقابلي ۾ ڄامشورو اتحاد طرفان رئيس عطا محمد پالاري اميدوار ميدان تي لٿل هو.
اهڙي ريت سري ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي اميدوار پ پ جي موهن لال جي چونڊ نشان تي ٺپا هڻڻ جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن، جنهن پولنگ تي سندس مقابلي ۾ ڄامشورو اتحاد پاران شهباز خاصخيلي اميدوار نامزد ٿيل هو. ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن خير محمد شهڻو، عطا محمد پالاري ۽ شهباز خاصخيلي جو چوڻ آهي ته تعلقي ٿاڻي بولاخان تي آر او ماجد کوکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد جي نگراني ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي آهي، پ پ اميدوارن جي حامين کي اڳ ئي هزارين بيلٽ پيپر ملي چڪا هئا جن پنهنجن اميدوارن جي چونڊ نشان تي ٺپا هڻي آهي ووٽ پولنگ اسٽيشنز تي پهچايا ويا، اهڙين وڊيوز جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي.
