ڄامشورو-نوجوان ظفر ڪانڌڙو جا قاتل سندس پنھنجا گھر وارا نڪتا-ايس ايس پي ڄامشورو جي پريس ڪانفرنس


ظفر ڪانڌڙو کي بيدردي سان قتل ڪندڙ قاتل ظاهر ٿي ويا ـ ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم جي پريس ڪانفرنس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ڪجهہ ڏينھن اڳ قتل ٿيندڙ مقتول ظفر ڪانڌڙو جا پنهنجي سالي سان ناجائز تعلقات ھجڻ ۽تمام گھڻو تنگ ڪرڻ جو الزام سبب سندس گهر وارا ۽ سس ناراض ھئا ـ بار بار منع ڪرڻ باوجود ظفر ڪانڌڙو سالي سان تعلقات ختم نه ڪيا ـ
جنهن تان سندس ئي سس ڪنيز ذڪيه تيش ۾ اچي پنهنجي ڀاء انعام جتوئي پٽن يامين مگسي ياسين مگسي ۽ آصف مگسي سان گڏجي قتل جو منصوبو جوڙيو ويو ـظفر ڪانڌڙو کي شربت ۾ نشو ڌئي بيهوش ڪري گهر ۾ بيدردي سان ڪهي قتل ڪيوايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ڄامشورو پوليس اسٽيشن تي پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو آھي ته ڪنيز رڪيه جو ڀاء انعام جتوئي وڏو عادي مجرم آھي ڪيترن ڪيسن توڙي هڪ قتل ۾ اڳ ئي ملوث آھي جنهن جي پوليس کي تلاش هئي هن ڪيس ۾ اڃا به تحقيقات جاري آھي ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ڄامشورو پوليس جي بهتر ڪارڪردگي ڏينهن رات مسلسل محنت جاکوڙ ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق منگي ۽ سندس ٽيم جي لاء 20 ھزار انعام جو اعلان ڪيو ويو

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …