
ڪوٽڙي جي رفعان فيڪٽري جي ملازمن فيڪٽري انتظاميہ جي ناانصافين خلاف۽ پنھنجي حقن جي حاصلات جي لاءِ فيڪٽري جي آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو آھي ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي ارشاد پنھنور ۽ ٻيا پڻ ملازمن جي حمايت ۾ احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا.ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي ڳالھائيندي چيو تہ ملازمن سان ڪنھن بہ صورت ۾ ناانصافي ٿيڻ نہ ڏينداسين .ملازمن جي جدوجھد جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ ملازمن سان ھر جدوجهد ۾ ايس ٽي پي گڏ ھوندي. ھن مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ فوري طور تي ملازمن جا مطالبا مڃي انھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي