ڀنڀور تي جشن لطيف ۽ سسئي جي جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ جي تقريب ٿي گذري

ٺٽو ۾ ڀنڀور جي ڀٽ تي سنڌ سڪار سوسائيٽي پاران جشن لطيف ۽ سسئي جي جدوجھد کي ڀٽيا ڏيڻ واري ھڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ لطيفي فقيرن سسئي جي سرن کي من موھندڙ انداز ۾ ٻڌائي لطيف جي انسانيت واري فلسفي کي شاندار انداز ۾ پيش ڪيو. ھن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سردار اياز ميمڻ. فقير منظور علي ميمڻ انور دين ڪلمتي ۽ ٻين چيو تہ لطيف جي بيتن ۾ پيار آھي ۽ پيار سان دنيا کي فتح ڪري سگھجي ٿو. ھنن چيو تہ اڄ ڀنڀور جي ڀٽ تي لطيف جي انسانيت ۽ جدوجھد جي پيغام کي عام ڪرڻ آھي. سسئي جي جي جدوجھد اسان لا۽ ھمتن جو سبق آھي. ڇو جو ھمتن. سچاين ۽ عزم کي ڪير بہ شڪست نٿو ڏيئي سگھي. پرين ۽ پيار کي حاصل ڪرڻ لا۽ قرباني گھري ٿي ۽ سسئي قرباني ڏيڻ کان ھڪ وک بہ پوئتي نہ ھئي. ھنن چيو تہ ڀنڀور سونھن. پيار. نڙوت عشق. پاٻوھ. محبت. آدرشن ۽ عروجن جو شھر ھو. ھتان جا ماڻھون انگلينڊ. عربن ۽ ٻين ملڪن سان وڻج واپار ٿيندو ھو. ھنن چيو تہ سسئي عورت عورت ھوندي بہ ثابت ڪيو تہ حوصلو ۽ عزم ڪنھنجي ميراث ناھي. سسئي جي جدوجھد مان اسان کي شعور ۽ ھمت ملي ٿي. ھنن چيو تہ سنڌ انسانيت جي پوچارين جي ڌرتي آھي پر افسوس آھي سسئي جي ھن مقدس ڌرتي تي نياڻين جون عزتون نيلام پيو ٿين روڊن رستن تي نياڻين تزليلون پيو ٿين سنڌ تہ صوفين ۽ محبتن جي سرزمين آھي تنھنڪري اچو نفرتن جي نانگن کي فنا ڪريون ۽ وحشيپڻون ختم ڪري انسانيت جي ڀرم کي بچايون. ھنن چيو تہ اسان جي ملامال ڌرتي جا وارث وسلين کان محروم آھين ۽ اسان جو ماڻھون بزدل ٿي خودڪشيون پيو ڪري پر اچو پاڻ سسئي جو سبق ۽ لطيف جي واٽ تي ھلي سنڌ کي محبوب جيان پنھنجو سمجھيون تقريب کي معصوم ٻارڙي اديب حسن لطيف جي شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …