ڀاشا ڊيم ٺھڻ سان سنڌ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي ويندي- ڊاڪٽرقادرمگسي

ڀاشا ڊيم ٺھڻ سان سنڌ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي ويندي- ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ هڪ دفعو ٻيهر پاڻيءَ جي کوٽ کي مستقل طور منهن ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيندي ڀاشا ڊيم سنڌو درياهه مٿان جوڙڻ جو بنيادي مقصد ئي آهي ته سنڌ جا ماڻهو مستقل طور تي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي مرن، هن چيو ته ڀاشا ڊيم لاءِ سسٽم ۾ گهربل پاڻي ئي نه آهي هي حڪمران اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته اسان پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهي رهيا آهيون. جڏهن ته ڀاشا ڊيم جو منصوبو سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو آهي ڊيم تي ٻه بجلي جا يونٽ لڳايا ويندا هر يونٽ مان 560 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي ائين هي ڊيم 4500 ميگاواٽ بجليءَ جي پيدوار ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو اهيو ڪيئن ممڪن آهي ته درياهي وهڪرن ۾ هر پنجين سال واڌ ٿيئي ٿي ۽ ڀاشا ڊيم جهڙو 6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گنجائش رکڻ واري ڊيم کي فقط پنجن سالن ۾ هڪ دفعو ڀريو وڃي هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته درياه ۾ ٻوڏ وارن سالن ۾ ڀاشا ڊيم کي ڀريو ويندو پر چشما لنڪ ڪينال ۽ ٿر ڪينال اسان جي حڪمرانن جي نيتن تي شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ڪافي آهن جن لاءِ چيو ويندو هو ته هي ڪينال فقط ٻوڏ وارن سالن ۾ وهايا ويندا پر هي سڄو سال سنڌو درياه مان سنڌ جي حصي تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪم اچن ٿا.
ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ٻين الاقومي سروي جي هڪ ٽيم جي ڪٿ مطابق ترتيب وار 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ هيٺ وڃڻ گهرجي. 1991 واري ڄام صادق جي دٻڙ ڌونس واري حڪومت جي معاهدي جنهن معاهدي تي سنڌ جا ماڻهو راضي نه هئا مطابق سنڌ کي سمنڊ جي لاءِ روز جي بنياد تي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي روز جي بنياد تي ڏنو ويندو پر ھڪ ڏينھن به ان معاهدي جي طعه ٿيل نقطي تي عمل نه ڪيو ويو.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن. ملڪ جا حڪمران ملڪ ۾ وڏا پروجيڪٽ آڻي ڪميشنن ۽ چندن جي آڙ ۾ ڪرپشن جي لالچ ۾ ڊيم جوڙي سنڌ کي نه ڪيل گناهن جون سزا ڏيئي رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي ڊيلٽا جو علائقو تباهي جي ڪناري تي آهي سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کي ڳڙڪائي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ دراصل معاشي طور اڳ ئي تباھ حال سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ برابر هوندو. دنيا ايگريڪلچر سائنس ذريعي زراعت جي پيداوار وڌائڻ جي ڪوششن ۾ آهن، ڊيمن جا متبادل پيدا ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ به پاڻيءَ جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ سان گڏ زمينن جي اسڪرين لائنگ تي ڌيان ڏنو وڃي، ملڪ ۾ موجوده ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ڌارين کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس ڪيو وڃي جيڪي پاڻي سان گڏ سنڌ جون ٻيون شيون به استعمال ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ايس ٽي پي سنڌو درياهه تي ٺهندڙ هر ڊيم جي خلاف جدوجهد جاري رکندي، سنڌو درياهه کي بچائڻ جي جدوجهد هن دور جي سڀ کان مقدس جدوجهد هوندي. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت پاڻيءَ تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندو

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …