ڀارت ۾ وري بي جي پي حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊگهي ۽ سخت مقابلي واري چونڊ مهم ۽ پوءِ ست مرحلن تي ٻڌل چونڊن کانپوءِ ڀارت ۾ اقتدار جي دوڙ ۾ ڪاميابي ڪنهن حاصل ڪئي، ان جي خبر عوام ۽ باقي دنيا کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويندي، 19 مئي تي آخري مرحلي کانپوءِ صبح کان ڀارتي پارليامينٽ جي 524 سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ جي لاءِ وڌل ووٽن جي ڳڻپ مقامي وقت موجب صبح 8 وڳي کان جاري آهي، شروعاتي رجحان موجب 250 کان وڌيڪ سيٽن تي نريندر مودي جي پارٽي بي جي پي (ڀارتيه جنتا پارٽي) جڏهن ته مجموعي طور تي 300 کان وڌيڪ سيٽن تي ان جو اتحاد اڳتي آهي، چونڊن ۾ تقريبن 60 ڪروڙ ماڻهن ووٽ وڌا، جو 39 لک اليڪٽارنڪ ووٽنگ مشينن ۾ محفوظ آهن، ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته بي جي پي حڪومت ٺاهڻ ۾ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، مختلف چينلز پاران ٻڌايو پيو وڃي ته ڀارتيه جنتا پارٽي 328 سيٽون کٽي پهرين نمبر تي آهي ۽ ڀارتي چونڊن ۾ نريندر مودي جي پارٽي ميدان ماري ورتو آهي، ڪانگريس 104 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب لوڪ سڀا جي 542 سيٽن جي لاءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي جنهن موجب ڀارتيه جنتا پارٽي جو اتحاد نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ الائنس 322 سيٽون حاصل ڪيون. حڪمران پارٽي جي مخالف انڊين نيشنل ڪانگريس جي اتحاد يونائيٽيڊ پروگريسيو الائنس 106 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ٻين پارٽين 112 سيٽون حاصل ڪيون. حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ ڪنهن به پارٽي کي 272 سيٽون گهربل هونديون آهن ۽ بي جي پي اتحاد گهربل تعداد کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. ياد رهي ته 2014 ۾ حڪومت ٺاهيندڙ پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ان جي اتحادين 336 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته مخالف پارٽين انڊين نيشنل ڪانگريس کي 60 سيٽون مليون هيون.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …