ڀارت ڪورونا سبب فوتگين ۾ چين کان بہ اڳيان نڪري ويو

ڀارت ڪورونا وائرس سان متاثر ملڪن ۾ چين کان به اڳتي نڪري ويو.

ڀارت ۾  نئين ڪورونا وائرس سان فوتين جو انگ چين ۾ ان ئي وائرس سبب فوتين کان وڌي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ وڌيڪ 175 ڄڻا ان وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ اتي فوتين جو گڏيل انگ 4 هزار 706 ٿي ويو آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو مجموعي انگ هڪ لک 65 هزار 799 آهي، جڏهن ته ان جي سڀ کان وڌيڪ متاثر رياست مهاراشٽرا آهي.

هوڏانهن چين ۾ اڄ جمعي ڏينهن ڪورونا وائرس جو هڪ به نئون مريض سامهون نه آيو، نه وري ان بيماري سبب ڪا فوتگي ٿي آهي.

چين ۾ ڪورونا سان متاثرن جو انگ 82 هزار 995 ۽ فوت ٿيندڙن جو انگ 4 هزار 634 آهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس گذريل سال جي آخر ۾ چين جي شهر ووهان مان پکڙجڻ شروع ٿيو هو.

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …