ٿر ۾ نوجوان کي بااثرن ڪپڙن آجو ڪري تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو.وڊيو وائرل

ٿر جي ڏاهلي واري علائقي جي ڳوٺ ڪُنڙي ۾ بااثر ماڻهن طرفان نوجوان نظام الدين راهمون جي تذليل ڪندي سندس منهن تي ڪارنهن ملي، جنهن کانپوءِ کيس ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ڳوٺ اينٽڪڻ واسي نوجوان کي گذريل ڏينهن 20 کان وڌيڪ ماڻهن تذليل ۽ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. متاثر ڌُر جو چوڻ آهي ته نوجوان نظام راهمون حيدرآباد ۾ مزدوري ڪندو آهي، جيڪو مائٽن سان گڏ عيد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پهتو ته علائقي جي بااثر ماڻهن کيس ڪارنهن جو الزام مڙهي تذليل جو نشانو بڻايو. بااثر جوابدار طرفان نوجوان جي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو به رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا منظرعام تي اچي وئي آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر عبدالله احمد متاثر ڌُر خوف مان حيدرآباد رواني ٿي وئي، اُها بااثرن جي خوف سبب پوليس سان به ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي، تنهن ڪري پوليس جي سيڪيورٽي ۾ متاثر نوجوان ۽ سندس وارثن کي گهرايو ويو آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اُهي جوابدار وڊيو ۾ به نظر اچي رهيا هئا.

وڌيڪ پڙھو

شھدادڪوٽ ايس ٽي پي جو مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ ايس ٽي پي جو مھانگائي خلاف احتجاجي مظاھرو