پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وچ ۾ ٿيل معاھدن کي رد ڪندي چيو آھي تھ سنڌ کي لساني ۽ نسلي بنيادن تي ٻن ٻولين جو صوبو قرار ڏئي اختيارن کي انتظامي معاشي ۽ سياسي ورھاست طور تصور ڪرڻ واري عمل کي سنڌ دشمن سمجھون ٿا، پيپلزپارٽي ۽ ايم  ڪيو ايم وچ ۽ مسلم ليگ(ن) ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ اقتدار جي حاصلات جي لاءِ ٿيل معاھدا سنڌ دشمن آھن، جنھن کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ڪو انتظامي يونٽ ناھي جنھن ۾ ھڪ معاھدي جي نالي تي انتظامي يونٽ ٺاھڻ جي ڳالھھ ڪئي وڃي ٿي. ڪالھھ حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني ھيٺ “سنڌ قومي ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن، قومپرستن جماعتن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن، ساڃاھھ، اديبن، شاعرن، وڪيلن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل معاھدي جو پھريون نتيجو اھو نڪتو آھي تھ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو چيف سيڪريٽري نسل پرست آيو آهي، هاڻ هر آفيسر جي مقرري ۽ بدلي اهو نسل پرست چيف سيڪريٽري ڪندو. هن چيو ته خالد مقبول صديقي قتل ڪيسن ۾ گھربل آهي، انڊيا مان ايندڙ هٿيارن جي سنڀال جو انچارج رهي چڪو آهي، ان خالد مقبول صديقي جي گهر مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا نوجوان گم آهن، پر توهان دهشتگردن جي ڪيسن کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، توهان جي ان پاليسي کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي، پ پ ڪرپشن ڪرڻ کانپوءِ هاڻ آخري وار اسان جي تاريخي وطن تي ڪيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري سنڌ کي ورهائڻ واري سازش جو حصو آهي، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پهرين حڪومت ۾ آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو ته هنن ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري عملي طور تي سنڌ کي ورهائڻ جو بنياد وڌو هو، سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو چوڻ واري سوچ کي رد ڪيون ٿا، اسان ٻولي جي بنياد تي نفرت جا مخالف آهيون، اسان چاهيون ٿا ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائين، پر حالت اها آهي ته جڏهن سنڌي لئنگيج استاد ڀرتي ڪيا ويا ته اهي به ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڀرتي ٿي ويا. ھن چيو ته اسان سنڌي ننڌڻڪا ناهيون، اسين ڪروڙين انسان آهيون، پنهنجي وطن جي حفاظت ڪنداسين، هنن جي معاهدن کي رد ڪيون ٿا، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ(ن) سنڌ دشمن آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ جو گڏيل پارلياماني الائنس جڙي جيڪو هنن پارٽين جو مقابلو ڪري. هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ هڪ معصوم اميد جاڳي آهي ته سنڌ جي قومي قيادت سڀ اختلاف وساري هڪ گڏيل اتحاد ٺاهي پارلياماني محاذ تي گڏ ٿئي، ان سان گڏ اسان توهان کان به واعدو وٺڻ چاهيون ٿا ته توھان سڀاڻ اليڪشن ۾ مجبوريون ڄاڻائي پيپلزپارٽي جي حمايت نھ ڪندا. ھن چيو تھ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ ۾ نسل پرست جي بنياد تي نفرت يا خون سنڌين طرفان ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي، سنڌين ته اردو ڳالهائيندڙن جي ورهاڱي کانپوءِ آجيان ڪئي، کين کاڌ خوراڪ ۽ رهائش ڏئي انهن کي جيئڻ جهڙو بڻايو. هن چيو ته ڄاڻي واڻي اردو ڳالهائيندڙن جي سنڌين ڳالهائيندڙن سان نفرت پکيڙي وئي، ڪجهه ماڻهن پنهنجي سياست ۽ مفادن خاطر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن سان نفرت وارو ٻج ڇٽيو، اسان سنڌي ڳالهائيندڙن ڪڏهن به اردو ڳالهائيندڙن سان نفرت ناهي ڪئي، هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هزارين سالن جي ارتڪا جو سفر ڪيو آهي، سنڌ اسان جي لاءِ وطن آهي، ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول چوي ٿو ته ايم ڪيو ايم 30 سالن ۾ ايترا مطالبا ناهن مڃرايا جيترا اڄ مڃايا آهن، سنڌ ماءُ آهي ان ماءُ جي سودي تي پيپلزپارٽي، آصف زرداري ۽ بلاول زرداري چوي ٿو اهي معاهدا اسان جي خواهشن وٽان آهن، اھڙڻ ماڻھن کي ٻڏي مرڻ کپي، جيڪي ماءُ جو سودو ڪري خوش پيا ٿين. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته شهباز شريف توهان وزيراعظم ٿيا آهيو، پر سنڌ جي ماڻهن کي پاڪستان جي وزيراعظمن کان اميد نه رهي آهي، ڇو ته سنڌ سندن ايجنڊا تي ناهي رهي. هن چيو ته بي اعتمادي واري رٿ جي ڪاميابي جي لاءِ توهان جيڪي ايم ڪيو ايم معاهدا ڪيا آهن اهي پڙهيا به آهن يا رڳو ائين تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ صحيحيون ڪري ڇڏيون اٿو. هن چيو ته شهباز شريف توهان جي حڪومت ۾ ئي نائن زيرو تي آپريشن ڪري ملڪ دشمن منصوبن جو سڄو رڪارڊ هٿ ڪيو ويو ھو، اڄ توهان انهن سان معاهدا ڪري رهيا آهيون توهان کي ان تي وضاحت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آدمشماري جي حوالي سان معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڪراچي جي حوالي سان مشاورت ڪنداسين باقي سڄي سنڌ توهان جي ايجنڊا تي ناهي، ڪراچي سنڌ جي گادي وارو هنڌ آهي، پر آدمشماري جي شفافيت جي سڄي سنڌ کي ضرورت آهي. هن چيو ته شهباز شريف توهان کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو معاهدو ڪيو ۽ معاھدي ۾ چيو اٿو ته هڪ ٽائيم فريم به ڏينداسين، سنڌ ڪو انتظامي يونٽ ناهي، سنڌ سنڌ جي ماڻهن جو وطن آهي، توهان کي خبردار ڪيون ٿا ته توهان ان معاهدي تان هٿ کڻو نه ته سنڌ جي ماڻهن جي مزاحمت جي لاءِ تيار ٿي وڃو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هي معاهدا پيپلزپارٽي ڪيا آهن، رڳو ٻاهر ملڻ جي لاءِ (ن) ليگ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هي معاهدا سنڌ دشمن، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ آئين دشمن آهن. هن چيو ته معاهدي ۾ رڳو ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ مشاورت تي سنڌ جا فيصلا ڪرڻ واري ڳالهه کي تسليم نه ڪنداسين، هاڻ سڄي سنڌ جا فيصلا اها ايم ڪيو ايم ڪندي جيڪا ملڪ دشمن آهي، جنهن جا ثبوت توهان جي سامهون آهن. هن چيو ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون کان مٿاهن معاهدن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي قومي قيادت سدائين گڏ هوندي آھي، سنڌ جي ماڻهن کي مايوس نه ڪيو آهي نه ئي ڪنداسين. هن چيو ته اڄ زرداري کي وڏو دانا ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اليڪشن ۾ ماڻھن کي 10، 10 هزار ڏئي ووٽ وٺي ٿو، اهو زرداري وڏو ماهر آهي جيڪو سنڌ ۾ صوبا ٺاهڻ جا معاهدا ڪري ٿو، جيڪي زرداري کي ساراهين ٿا انهن کي شرمندا ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سمورن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کي عرض آهي ته هو پنهنجو رخ ڏسن. هن چيو ته عمران خان سنڌ جا ٻيٽ ڦرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، عمران خان چيو هو ته ڪراچي جا پئسا اندرون سنڌ وارا کائي وڃن ٿا، سنڌ جي ماڻهن کي پي ٽي آئي جون به ڳالهيون ياد آهن. ھن سپريم ۾ مقامي حڪومتن جي حوالي سان داخل ھڪ پٽيشن جي فيصلي بابت ڳالھائيندي چيو تھ ان پٽيشن تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ھڪ بينچ فيصلو ڏنو ۽ ياد رھي تھ اھي جسٽس گلزار جا آخري ڏينھن ھئا، ان پٽيشن ۾ جيڪي مطالبا ڪيا ويا اهي سڀ ايم ڪيو ايم جي پنهنجن مفادن تي ٻڌل هئا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته تازو ٿيل معاھدن کانپوءِ 2013ع جيان سنڌ جا ماڻهو ڀرپور احتجاج ۽ مزاحمت جو ارادو رکن ٿا، اسان هر فورم تي احتجاج ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته نوڪرين ڏيڻ جا مخالف ناهيون، پر پيپلزپارٽي جو رڪارڊ آهي ته هو ميرٽ جي لتاڙ ڪري ٿي، ڊوميسائيل جي حوالي سان اسان چئون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ڪنهن به شهر جو ڊوميسائيل ٺهرائي سگهن ٿا، ڊوميسائيل ۾ سياسي مداخلت نه ڪئي وڃي، ڪراچي سنڌ جو گادي جو هنڌ آهي ان کي ٻين ضلعن جي ابتڙ ڊيل ڪرڻ درست ناهي. هن چيو ته معاهدن ۾ جيڪي نقطا شامل ڪيا ويا آهن ان کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته ھي اسيمبليون پوءِ ڇا جي لاءِ آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وچ ۾ ٿيل معاهدا سنڌ دشمن آهن، ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته هتي قومي وحدتن جي مستقبل جو سوال آهي، اسان ڪنهن به جواز کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن (ن) ليگ سنڌ ۾ چونڊن جي سياست مان هٿ کنيو آهي ته ٻي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن هو سنڌ ۾ ووٽ جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ اهڙن معاهدن جي صورت ۾ (ن) ليگ وارن جو اوٻاوڙي کان وٺي سنڌ جا ماڻهو اهڙو استقبال ڪندا جيڪو (ن) ليگ وارن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت 10 ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪندو. نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته ڳالهين جو ورجاءُ اسان کي اهڙي رُخ طرف نٿو وٺي وڃي ته ڪرڻ ڇا گهرجي، اسان جون سياسي ڌريون هزارين سياسي اختلاف هجڻ جي باوجود گڏ ٿينديون رهيون آهن، پر تنهن جي باوجود سنڌ جي سياسي ڌرين کي گڏيل پليٽ فارم تي اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جا شروع کان وٺي سنڌ جي حوالي سان ڪيترائي ٽولس رهيا آهن، سنڌ کي ڀت سان لڳائي رکڻ لاءِ هنن جي پلاننگ ٿيندي رهي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي رويي ۽ پلاننگ تي اسان کي ڳالهائڻ گهرجي، ان خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي قومپرستن ۽ سياسي ڌرين ڏانهن اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هنن ڪالاباغ ڊيم جهڙي منصوبي خلاف تاريخي ڪردار ادا ڪيو، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن کي گهرجي ته هو پنهنجن ڪارڪنن جي تربيت ڪن، هڪٻئي جي خلاف غداري جا سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ گهرجن، اهڙا رويا سنڌ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته زرداري واري نظام جي ڪري ئي اسان جو سڄو سنڌي سماج سرداري ۽ قبائلي نظام ۾ ورهائجي ويو آهي، پر ان سرداري ۽ قبائلي نظام مان ڇوٽڪارو به سنڌ جون سياسي ڌريون ڏياري سگهن ٿيون اهو ڪم به انهن کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڳالهائڻ تي غداري جا الزام مڙهي گاريون به ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته زرداري جي معاهدن تي اسان کي احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي، اربن ۽ رورل سنڌ وارو اصطلاح ڪراچي ۽ اندرون سنڌ واري ڳالھھ جيان آھي، اسان کي اربن ۽ رورل سنڌ واري ڳالھھ تي شديد احتجاج ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ جي محاذ تي موجود ناهيون، اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان جي جدوجهد ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمزوري آهي، ان ۾ رڳو ليڊرن جو ڏوهه ناهي اسان هنن کي اسيمبلي ڏانهن اماڻي نه سگهيا آهيون، اسان کي پنهنجن ليڊرن کي پارليامينٽ ۾ اماڻڻ جا رستا ڳولڻا پوندا. نامياري دانشور پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هنن جي نظر ڪراچي تي رهي آهي، 48ع کانپوءِ قائد اعظم ۽ لياقت علي خان ڪراچي کي جدا ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ جيڪي معاهدن جون ڳالهيون ڪري پنهنجي فتح جو اعلان ڪري رهيا آهن اهي سنڌ ۾ 18 سيڪڙو آهن. هن چيو ته معاهدن ۾ انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب به اهو ئي آهي ته هو ڪراچي کي الڳ ڪرڻ چاهين ٿا، هو ڪراچي تي سدائين نظرون وجهي ويٺا رهندا آهن، اڄ سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ سنڌ دشمن معاهدن تي عمل جي لاءِ ضمانتي پنجابي ۽ پٺاڻ بڻجي رهيا آهن، انهن پنجابين ۽ پٺاڻن کي اهو ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو سنڌين جي وطن جي حوالي سان ٿيندڙ سنڌ دشمن معاهدن جا ضمانتي بڻجن. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ (ن) ليگ وچ ۾ ٿيل معاهدن کي آئين، قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف سمجهي ٿي، سنڌ تاريخي وطن آهي، اهو اسان سنڌين جو عالمي اصولن موجب هڪ مڃيل موقف آهي، ڀلي اسيمبليون کڻي ڪهڙا به قانون ۽ بل پاس ڪري ڇڏين پر سنڌ جا ماڻهو اهو حق رکن ٿا ته هو اهڙن قانونن، بلن ۽ معاهدن کي رد ڪن، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لال شاهه چيو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي سنڌ جي خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، اڄ به جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن اھي ان سلسلي جو تسلسل آهن. هن چيو ته عمران خان جون پاليسيون سنڌ دشمن هيون اسان عمران خان جا حمايتي ناهيون، پر عمران خان کي هٽائڻ جي لاءِ جيڪي معاهدا ٿيا آهن انهن جي قيمت به وري سنڌ ادا ڪندي، اهو اسان کي قبول ناهي، پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ سيد مسرور شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو هائبرڊ نظام آندو، جنهن ٻيٽ ڦرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ هڪ نصاب لاڳو ڪيو، وري هاڻ سوڪالڊ جمهوريت جي نالي تي نئون نظام آندو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ دشمن معاهدا سامهون آيا آهن. هن چيو ته سنڌ کي نسلي بنيادن تي ورهائي ۽ ويڙهائي رکڻ ئي هنن جو مقصد آهي، هنن معاهدن مان اھو تاثر ملي رھيو آھي تھ رورل سنڌ توهان جي ۽ اربن سنڌ اسان جي آهي، اسان چئون ٿا ته پيپلزپارٽي به سنڌ جي نمائندا تنظيم ناهي ڀلي سيٽون کٽي اچي، ائين ايم ڪيو ايم به سنڌ جي نمائندا پارٽي ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي جي صورت ۾ جيڪا آبادڪاري ٿئي پئي، اھا غير قانوني آھي، سنڌ ۾ وڏي پئماني تي غير قانوني آبادڪاريون ٿي رهيون آهن، اهي سنڌ جي لاءِ وڏو خطرو آهي، هي زرعي زمينون به کائي ويا آهن. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته پيپلزپارٽي جڏهن کان اقتدار ۾ ئي آهي سنڌ کي ڦرلٽ کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ڏنو اٿس، تازو ھاڻ اتحاد ۾ سڀ چور گڏ ٿيا آهن، جيڪي سنڌ جو سودو ڪري رھيا آھن، سنڌ جي پاڻي ۽ حقن تي ڌاڙو پيو لڳي، تازو معاھدو لساني بنيادن تي ٿيو آھي، جنھن کي اسان قبول نھ ڪنداسين. سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه محمد عالم بروهي چيو ته معاهدن جي هر نقطي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو راضي ٿيڻ ضروري آهي، ملڪ ۾ انتظامي يونٽن جي ڳالهه رڳو سنڌ تي لاڳو ٿيندي، ڇو ته ان معاهدي کي ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪجهه به ناهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وچ ۾ ٿيل معاهدن جي سمورن نقطن ۾ نشانو سنڌ آهي، ڇا سنڌ کي هنن فتح ڪيل علائقو سمجهيو آهي، (ن) ليگ وارن کي سنڌ کي وچ ۾ رکي معاهدا ڪرڻ تي شرم اچڻ گهرجي،يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ جي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ تي جڏهن بھ ڏکيو وقت آيو آهي سنڌ جي ماڻهن گڏ ٿي مقابلو ڪيو آهي، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاهدا ڪري رهي آهي، زرداري ليگ اقتدار جي لاءِ سنڌ جا ڳڀا ڳڀا ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي،نامياري ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته سنڌ جي قومي قيادت کي ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرجي، اڄ اسٽيبلشمينٽ جمهوريت جي حمايت واضح انداز ۾ ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ عنصر وڌيو آهي. هن چيو ته وفاقي جماعتن جي ايجنڊا تي سنڌ موجود ناهي، سنڌ جي ماڻهن بلوچستان سان تعلق رکندڙ قيادت کي کنڀي گم ڪيل ماڻهن ۽ قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد ۾ ڪرڻ تي هار ۽ اجرڪون پارائي آجيان ڪئي اهي به اڄ انهن معاهدن ۾ وچ ۾ پئي. وطن دوست پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر چيو ته اسان کي پارلياماني سياست ۾ پنهنجو مضبوط ڪردار پيدا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته انهن وٽ پارليامينٽ ۾ 5 سيٽون آهن. هن چيو ته بحريا ٽائون خلاف لکين ماڻهو گڏ ٿي احتجاج ڪري آيا، پر بحريا ٽائون جو ڪجهه به نه ٿي سگهيو، بحريا ٽائون کانسواءِ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وڏين طاقتن جي حوالي ڪيون ويون آهن. سنڌ ساگر پارٽي پارٽي جي اڳواڻ عبدالمومن ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي معاهدن جو هر نقطو کل جوڳو آهي، هنن سمورن جو جيڪو ڪردار رهيو آهي اهو سنڌ جي عوام سامهون وائکو ٿيل آهي. ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ايم ڪيو ايم، (ن) ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ٿيل ٻنهي معاهدن تي ماھر ويهاري جائزو وٺڻ گهرجي، رڳو جذباتي ۽ غير جذباتي تقريرون ڪري هليو وڃڻ مان ڪجهه ڪو نه ٿيندو، هنن معاهدن تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. نذير قريشي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪا سياسي جماعت ناهي، هي هڪ نسل پرست ٽولو آهي، جن کي پيپلزپارٽي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي، سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وچ ۾ معاهدن کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي، اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪا سياسي هلچل رهي ان ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي هئي، پي ڊي ايم ۾ سنڌ جي سياسي جماعتن جو حصو هجڻ گهرجي ها، جيڪڏھن سنڌ دوست جماعتون پي ڊي ايم جو حصو ھجن ھا اھڙي قسم جا معاھدا نھ ٿي سگھن ھا. هن چيو ته تجويز ڏني ته توهان هڪ قومي، جمهوري پارلياماني اتحاد جوڙيو.جيڪو سنڌ دوست ڌرين کي پارلياماني محاذ تائين پھچائي سگھي. سينيئر صحافي نعمت کهڙو چيو ته سنڌي اختر مينگل کان پڇڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن سنڌ جو ڪو اڳواڻ بلوچستان جي قومي وحدت خلاف معاهدي ۾ شامل ٿئي ها ته ان تي سندس ڪهڙي ڪيفيت هجي ها. وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري چيو ته سنڌ جي قومي قيادت کي هاڻ فيصلائتي جدوجهد ڏانهن وڃڻ گهرجي، وڪيل اڳواڻ خليل شاهه چيو ته بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ اسان ليگل ٽيم ٺاهي بحريا جي اسيرن جي لاءِ جاکوڙ ڪئي، منهنجي گذارش آهي ته سنڌ دوست سياسي پارٽين کي پنهنجون ليگل ايڊ ڪميٽيون ٺاهڻ گهرجن، ان کانسواءِ ھنن جماعتن کي ڪراچي کي پنھنجو سياسي مرڪز ٺاھڻ گھرجي.

وڌيڪ پڙھو

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ پاڪستان جي سمورن مسئلن جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.