پ پ پ پي ٽي آئي ۽ متحدہ جي نمائيندن ڪراچي لاءِ مشاورتي ڪميٽي جوڙي ورتي

پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان ۾ ڪراچي جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقاتن دوران ٽنهي جماعتن جي نمائندن تي ٻڌل مشاورتي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن ۾ گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي به موجود هئا، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاق سان ڳالهين جا 2 دور ٿي ويا، ڪميٽي ۾ وفاق ۽ سنڌ جا 3-3 نمائندا شامل هوندا، وفاق مان اسد عمر، علي زيدي ۽ امين الحق کي شامل ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت طرفان صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني کي شامل ڪيو، ڪميٽي جو چيئرمين وڏو وزير هوندو، ڪميٽي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *