پ پ پ پاران سڏايل گھڻ پارٽي ڪانفرس ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي پاران وزنائتو موقف رکڻ تي سوشل ميڊيا تي تعريف

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سڏايل گھڻ پارٽي ڪانفرنس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين جي تقرير تي سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو ساراھيو پيو وڃي گذريل ڏينھن سي ايم ھائوس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي پ پ پ پاران سڏايل گھڻ پارٽي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته هاڻي ڪابه ڳالهه ڳجهي ناهي ته اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش ڪنهن بڻايو؟ جيستائين صوبن کي مڪمل خودمختياري نه ڏني ويندي تيستائين رياست ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن منظم ٿي وئي آهي هر ڪم پئسي سان ٿئي ٿو ايستائين جو اسپتالن جا ايم ايس به پئسن عيوض مقرر ٿين ٿا. پيپلزپارٽي هاڻي گهڻو ڪمائي ورتو، هاڻي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري باقي سنڌ جي مسئلن تي اسان سڀ گڏ آهيون ۽ 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي پڻ اجازت نه ڏينداسين. پر آئون سي ايم کان پڇان ٿو تہ سي ايم صاحب بحريا کي ھزارين ايڪڙ زمين ڇو ڏني وئي، منھنجي وطن جي تحفظ جي ضمانت ڪير ڏيندو، اسپتالن ۾ غريب مسڪين ماڻھن کي علاج جون سھولتون ڇو نہ آھن، ڪوڙن ڊوميسائيلن تي سنڌ جي نوجوانن جو حق ڇو کسيو ويو آھي. اين ايف سي ۾ طئي ٿيل پئسا صوبن کي ملڻ گهرجن. صوبن کي ٽيڪس اوڳاڙي ۽ وسيلن تي اختيار پڻ ڏنا وڃن.

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …