پ پ پ پاران آصف جي امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ سخت احتجاج لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

پ پ پ پاران آصف جي امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ سخت احتجاج لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

پيپلز پارٽي آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي 10 جون تي امڪاني گرفتاري خلاف احتجاج ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي جنهن ڏينهن سومر 10 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت ۾ واڌ واري شنوائي رکيل آهي، ساڳئي ڏينهن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس به اسلام آباد ۾ ئي سڏائي ورتو آهي، ان کان اڳ اهو اجلاس ڪراچي ۾ رکيل هو، جتي اجلاس ڪرڻ بعد بلاول ڀٽو کي پريس ڪانفرنس ڪري پارٽي منشور هيٺ غربت گهٽائڻ واري پروگرام جو اعلان به ڪرڻو هو، اهڙو ذڪر وزير اعليٰ مراد علي شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ به ڪيو هو پر بلاول ۽ آصف علي زرداري جي لاڙڪاڻي ۾ عيد موقعي تي ٿيل ملاقات دوران طئه ڪيو ويو ته سينٽرل ڪاميٽي جو اجلاس ڪراچي بدران اسلام آباد ۾ ئي سڏايو وڃي، جنهن بعد بلاول نواب شاهه مان ئي ٽويٽ ذريعي سي اي سي جو اجلاس 10 جون تي اسلام آباد ۾ سڏائي ان جي ايجنڊا جو به اعلان ڪري ڇڏيو ته موجوده سياسي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. پ پ جي ذميوار ذريعن موجب سي اي سي اجلاس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي امڪاني گرفتاري خلاف پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويندو، احتجاج جي اهو سڏ صوبائي صدر ڏيندا، جن کي تياريون ڪرڻ جون اڳواٽ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو اهڙيون هدايتون ملڻ بعد جمعي واري ڏينهن لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ ڪالهه ڇنڇر تي حيدرآباد ۾ اجلاس ڪري چڪو آهي . پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت اهو به فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري معاملي ۾ وڪيلن جي هلندڙ جدوجهد جي نه رڳو ڀرپور حمايت ڪئي ويندي پر پارٽي ان تحريڪ جو ڀرپور ساٿ به ڏيندي، سي اي سي جي اجلاس ۾ پارٽي پنهنجي پيپلز لائرز ونگ کي 14 جون تي وڪيلن واري ڌرڻي ۾ ڀرپورشرڪت جون هدايتون به جاري ڪندي، وڪيلن جي موجوده تحريڪ کي جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي واري تحريڪ جيترو مضبوط ڪرڻ لاءِ ان جي مڪمل مدد ڪندي، ذريعن موجب سي اي سي اجلاس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس واري ايجنڊا تي پڻ غور ڪيو ويندو ، پ پ پ قيادت فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن آصف علي زرداري جي ضمانت ۾ واڌ ٿئي ٿي، تڏهن به پ پ قيادت 15 جون تائين اسلام آباد رهندي، پ پ ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي 14 جون تي نيب وٽ پيشي آهي، متان ان ڏينهن نيب پاران پ پ قيادت خلاف ڪو قدم کڄي، انڪري پارٽي اڳواڻ اسلام آباد ۾ موجود هوندا،

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …