پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي پر صوبي جي ٻين حصن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب 23 جولاءِ کان برسات جو سلسلو سنڌ ۾ دخل ٿيندو، 23 کان 25 جولاءِ تائين ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برساتن جو امڪان آهي.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 کان 26 جولاءِ تائين ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽي، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، خيرپور، دادو، ڄامشوري، ٽنڊي الهيار ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي صوبي جي سڀني ضلعن جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ڊي ايم اي چيئرمين کي خط جاري ڪندي چيو آهي ته سمورن انتظامن کي مڪمل ڪيو وڃي، مشينري ۽ عملي کي ايمرجنسي بنيادن تي الرٽ رکيو وڃي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا ويريئنٽ جي شرح 100 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا ويريئنٽ جي شرح 100 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڀارت مان پکڙجندڙ ڪورونا جي قسم ڊيلٽا ويرينٽ جي شرح 100 …