پي ٽي آئي جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر خرم لغاري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

پي ٽي آئي جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر خرم لغاري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر خرم لغاري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي خرم لغاري چيو ته مون سان گڏ 5 ٻين اسيمبلي ميمبرن به پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سمورا اسيمبلي ميمبر پارٽي ڇڏڻ جو اعلان پريس ڪانفرنس ۾ ڪندا.
خرم لغاري پنجاب ڪابينه جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته پنجاب ڪابينه ۾ شامل ٿيڻ جو معيار ڪهڙو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏيکاريو ڪجهه ٻيو ويو هو جڏهن ته ٿيو ٻيو ڪجهه آهي. ممڪن آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ٻيا اسيمبلي ميمبر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏين.
ياد رهي ته خرم لغاري ماضي ۾ به پارٽي پاليسين تي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي. جڏهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار خلاف گروپ ٺهيو هو ته هي ان ۾ به شامل هو.

وڌيڪ پڙھو

مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُالله، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين خلاف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *