پونم دلت

پونم دلت

! غالبن ٻه هزار چار جو زمانو هو پاڪستان اندر محڪوم قومن جو اتحاد پونم ملڪي سطح تي سرگرم هو ۽ پونم جا اڳواڻ سنڌ جي سياسي دوري تي آيل هئا.پهريون جلسو ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ ايس ٽي پي جي ميزباني هيٺ ٿيو ان کان پوءِ سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر واري علائقن جا دورا رکيل هئا. ان دوران پليجو صاحب حسب روايت پونم کان عليده ٿي چڪو هو. سيد جلال محمود شاهه وارا ڪنهن فورم جي نمائندگي ڪندا هئا باقي اظهر جتوئي، مولانا عزيزالله ٻوهيو، قمر ڀٽي وارن جا تنظيمي حال ته پاڻ سڀني کي ساريل آهن انڪري دورن جا سمورا پروگرام ايس ٽي پي جي ميزباني هيٺ هئا اسان بدين، ٽنڊو محمدخان، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ڏيپلي ۾ پروگرام ڪندا اسلام ڪوٽ تائين پهتاسين. ڏيپلي ۾ ماني ۽ راڳ جو بندوبست ان وقت جي ايس ٽي پي ضلعي صدر محمد شريف ميمڻ ڏيپلائي ڪيو هو جتي پهريون دفعو لوڪ فنڪار مصري ڏيپلائي کي روبرو ٻڌڻ جوموقعيو مليو هو، پونم جي بلوچ، پختون، ۽ سرائڪين اڳواڻن ان محفل مان ڏاڍو مزو ورتو جو ڪافي ڏينهن تائين کڙي نيم دي نيچي واري لوڪ گيت بابت پيا ڳالهائيندا هئا. ٻئي ڏينهن اسلام ڪوٽ ۾ ۱۲ وڳي جلسو شروع ٿيو جلسن جي ڪمپئرنگ مون پئي ڪئي سو ڳوٺ ڳوٺ جي جلسن ۾ ڪمپرنگ هڻي ٿڪائي وڌو هو. اسلام ڪوٽ جي جلسي جي آخري صدارتي مقرر محمود خان اچڪزئي کي مان تقرير لاءِ سڏ ڪري سامهون ئي پارٽي جي هڪ دوست روپلي مالهي سان گڏجي هوٽل تي چانهه پيئڻ چڙهيس. هوٽل صاف سٿري هئي همراهه کي چانهه جو چيوسين ته همراه اهيو چئي چانهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هيءُ هوٽل، ميگهواڙن، ڪولهين ۽ ڀيلن جي آهي سو اوهان کي چانهه نه ڏيندس. اسان کيس سمجهايو ته اسان به ڪولهي آهيون سو مهرباني ڪري اسان کي چانهه پيار پر همراهه ٺپ نابيري واري بيٺو اسان کي چانهه نه ملي هوڏانهن جلسو هلي رهيو هو سو اسٽيج سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جلسي جي اختمام جو اعلان به ڪرڻو هو سو اڄ جي مشهور اصطلاح وارن دلتن جي هوٽل تان چانهه کان سواءِ موٽي اچي اسٽيج تي ويٺس. مانجھند ۾ تقريبن سو گهر ڪولهين، باگڙين جا آهن جن مان اڪثريت نجي جيلن مان آزاد ٿيل خاندانن جي آهي. منو ڪولهي ۽ ٻيا ۵۰ کن ڪولهي ايس ٽي پي جا ڪارڪن آهن. ڏياري توڙي عيدن تي سندن گهر ڀاتي منهنجي گهر ايندا رهندا آهن کين چانهه، ماني به ملندي آهي ۽ کٽن تي ٽڪ جي وڇايل رلين تي کين ويهاريو ويندو آهي. جيستائين منهنجي امان جيجي حال حيات هئي ڪولهين جي گهر وڃي ساڻن ڪچهريون به ڪري ايندي هئي ته چانهه به پيئي ايندي هئي. اسان جون ناري تحريڪ جون مرڪزي اديون به مختلف وقتن تي ڪولهين ۽ باگڙين جي عورتن وٽ گهرن ۾ وڃي سندن سياسي تربيت ڪنديون رهنديون آهن. تازو ۱۴ فيبروري تي مانجهند جي ميلي ۾ امر شهيد ڪنور ڀڳت رام جي واپسي جي پروگرام ۾ ڪنور صاحب جا سڄي سنڌ مان ڀڳت مانجهند ۾ ٻائي جي مندر ۾ آيا. اڪثريت هندو سيٺين جي هئي. مندر جو شيوڌاري ڀڳوان باگڙي آهي. سڀني آيل مهمانن هندن توڙي مسلمانن لاءِ هڪ ئي قسم جي ماني تيار ڪئي ويئي هئي جيڪا ڀنڊار شريف جي نالي جي دسترخوان تي موجوده هئي. سائين جيئنم سيد جي پوٽي ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه، انعام شيخ، اظهار سومرو، علي آڪاش، بخشڻ مهراڻوي، عزيز ڪنگراڻي، امين ڀٽو، گل ملاح،امتياز دانش ، محمد علي ابڙو، حفيظ ميمڻ، شبير مگسي، خدابخش درس، وقاص کوسو، رفيق ملاح،محمد صالح ميمڻ، عادل ڪاڇي، رئيس اڪرم ڪاڇي، صدرالدين عمراڻي، ديدار ميمڻ سميت انيڪ مسلمانن سان گڏ رهڙڪي جي سائين ولڀ، آڪاش، جروار جي انيل، سڪرنڊ جي ڊاڪٽر پريم، سن جي ڀڳوانداس، ٿاڻي بولا خان جي پريمداس، مانجهندائي ديوان سونو جيڪو هاڻي سڪرنڊ ۾ رهي ٿو سميت لڳ ڀڳ ٻن هزار مسلمانن، باگڙين، مٿين ذات جي هندن، ڪولهين ڀنڊار شريف جي دسترخوان تي گڏجي ماني کاڌي ساڳيون پليٽون، ساڳيا ڪوپ ساڳيا سنڌي. مان ته اسلام ڪوٽ واري ان هوٽل واري کي ڪيئن دلت چوان جنهن محظ اسان کي ان بنياد تي چانهه نه پياري ته اسان سندس اڪثريت واري علائقي ۾ اقليتي مسلمان هئاسين جن کي هن دلت سمجهي پاڪ پوتر ڪوپن کي پليت ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان کي چانهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو . سو سنڌ جي اندر دلت سجاڳ تحريڪ جا بڻياد معروضي حالتن جي بنهه ابتڙ آهن. سنڌ اڃان گڏجي، رهڻ، جيئڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي روايتن کي پٺي نه ڏني آهي. سڀني جاتين کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي جاگيردارانا سماج جي اونچ نيچ وارين بدعتن، جي خلاف طبقاتي جدوجهد ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ناهي بلڪي اهيو ڪم انقلابي ڪم تصور ڪيو ويندو. ميگهواڙن، ڪولهين ، باگڙين، ڀيلن، کي ان طبقاتي تحريڪ کان الڳ ڪري دلت ڪري بيهارڻ کان بهتر آهي ته کين سنڌ جي گڏيل قومي طبقاتي تحريڪ جو حصو بنائڻ جي ڪوشش ڪجي ان ۾ ئي سنڌ جو ڀلو ٿيندو.

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …