سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبي اندر انهن سمورن پوليس آفيسرن خلاف هر ممڪن ڪارروائي ڪنداسين، جيڪي سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پوليس کاتي جا ڪجهه آفيسر موجوده آءِ جي پوليس سيد ڪليم امام جي سربراهي ۾ سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪرڻ ۾ رُڌل آهن، جن پوليس آفيسرن کي سياست ۾ يا شهرت جو شوق آهي اهي پوليس جي نوڪري ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿين.
هن چيو ته پوليس کاتي ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، جن جي مسلسل ڪوشس رهي آهي ته صوبائي حڪومت جي ساک کي نقصان پهچائن، جيڪو پوليس آفيسر پاڻ ئي ڪرپٽ آهي، اهو ٻين تي، خاص ڪري ڪابينا جي ميمبرن تي ڪرپشن جو الزام ڪيئن ٿو لڳائي سگهي
