پورھيت ئي ھن دنيا کي ترقي ڏياريندڙ آھي –

يوم مئي جي موقعي ڪيل تقرير جو متن

اسان ماڻھو اھڙي جھان ۾ رھون ٿا. جنھن ۾ اسان جون خوشيون، خواھشون، مرضيون،پنھنجي تاريخ جوسچ ان قسم جي ڪا ڳالھ اسانجي پنھنجي زندگي ۾عملي طور شامل ڪانه آھي. اھا انڪري شامل ڪانھي جو اسان پنھنجي زندگي ٻٽي غلامي۾ ڀوڳيون ٿا. ۽ غلام ماڻھو جي ڪا به پنھنجي مرضي يا خواھش نه ھوندي آھي. غلام ماڻھو خوشي به اھا ملھائي سگھندو آھي جيڪودائرو ھن جو آقا ڪڍي ڏيندو آھي. غم ۽ ڏک به ان جا علامتي ڪردار بنجي ويندا آھن.ان۾ ڏک به ھر فرد جو انفرادي ڏک ھوندو آھي. گھر ۾ ويھي ڏک جا ڳوڙھا ڳاڙي بک ۾ پنھنجي پيٽ ۾ گوڏا ۽ ٺونٺيون ڏئي ٻيڻا ٽيڻا ٿي ڪنھن کٽ جي پائي کي ڪنھن ٿوڻي کي ڀاڪر پائي روئيندو آھي پر اھو ڏک به قومي اجتماعي ڏک جو روپ اختيار نٿو ڪري.

پھرين مئي اھڙو ڏينھن آھي. جنھن 1886 کان پوءِ سڄي دنيا جي محنت ڪش پورھيت ھاري ۽ عام ماڻھو جي زندگي تي تمام گھڻا اثر ڇڏيا آھن. توھان کي خبر آ ته جئين ڦيٿي جنم ورتو ان دنيا کي تبديل ڪيو. ڦيٿي جي اچڻ جي ڪري گاڏيون ٺھيون، موٽرون ٺھيون، ڪارخانه ٺھيا، ريل ٺھي، بس ٺھي، ائين دنيا ۾ ترقي جو نئون آغاز ٿيو. اسان ماڻھن پنج ھزار سال اڳ ڍڳي گاڏي ايجاد ڪري اسان ڦيٿوته ٺاھي ورتو ھو پر اسان جي اھا ايجاد صرف ڍڳي گاڏي تائين محدود رھي ۽ صرف چار ٻوريون کڻڻ جي اھڃاڻ تائين محدود رھي. پر ان ايجاد تان دنيا جي ٻين ملڪن وڌيڪ جديد ڦيٿي کي ايجاد ڪري سڄي دنيا  جي ھيئت کي تبديل ڪري ڇڏيو. جڏھن جاگيردار دنيا جي اندر بادشاھتون قائم ٿيون ته انھن بادشاھتن جي پاڇي ھيٺ پلجندڙ ننڍا ننڍا جاگيردار جن کي رعايتن ۾جاگيرون ڏنيون ويون. گھڻو ڪري اھي بادشاھن جي خاندانن جا فرد ھئا، ڪو ڪنھن جوسالو ھو ڪو ڪنھن جو ڀيڻويو ھو، ڪو ڪنھن جو ڀائيٽو ھو، ڪو ڪنھن جو ڀاڻيجو ھو ائين بادشاھن طرفان اھي جاگيررون چنڊ فردن کي ڏنيون ويون، اھي جن جن علائقن ۾ ويا. انھن علائقن ۾ انھي بادشاھي رياست جي طرفان ٻه ٽي سئو ھٿياربند، سپاھي، تلوارن، بندوقن ۽ بارود وارا انھن جي حوالي ڪيا ويا. پوءِ جيڪي عوام جون ذاتي ملڪيتون ھيون اھي قبضي ھيٺ ٿينديون ويون. ڪنھن جو پنج ايڪڙ کيٽ ھوته اھو قبضو ٿي ويو. ڪنھن جو پاڻي جو کوھ يا تلاءُ ھو ته اھو قبضو ڪيو ويو. ڪنھن وٽ پنج گھوڙا ڍڳيون مينھون ھيون ته اھي قبضي ھيٺ اچي ويون ائين قبضي گيري جو ھڪ تسلسل دنيا جي اندرشروع ٿيو پوءِ جڏھن لٽ ڦر مان پئسو گھڻو جمع ٿيو ته اھو پئسو انھي جديد تحقيق ۽جستجو کي جنم ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ھي ڪارخانا دنيا ۾ وجود ۾ آيا. جڏھن ڪارخانا ٺاھيا ويا. ته ان جا مالڪ ساڳيا جاگيردار ھئا ڇو ته يورپ ۽ آمريڪا کان شروعات ٿي. اتي جيڪي جاگيردار ھئا جيڪي بادشاھن جا نورنظر ھئا انھن کي اھا اضافي لٽ ڦر جي ملڪيت ڏئي انھن کان ڪارخانا لڳرايا ويا ۽ انھن جي علائقن ۾ جيڪي ماڻھو ڪم ڪار ڪندا ھئا. اھي غلامن جي شڪل ۾ انھن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪار جي لاءِ ويندا ھئا، ان وقت ڪو به پئسو مقرر ڪونه ھو. ڪابه پورھئي جي قيمت مقرر ڪانه ھئي۽ نه وقت مقرر ھو، جيترو انسان ڪم ڪري سگھيو ٿي اوترو ڪم ورتو ويو ٿي.جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ ۾ طاقت 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي ھئي ته ان کان 18 ڪلاڪ بنا وقفي جي ڪم ورتو ويندو ھو، باقي صرف ڇھ ڪلاڪ ھن کي ان لاءِ ڏنا ويندا ھئا ته جيئن ھو ٻئي ڏينھن جي ڪم ڪار جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگھي. ڪڏھن ڪڏھن لالچ حرص ۾ ورتل اھي سرمائيدار چوويھ چوويھ ڪلاڪ به ڪم وٺندا ھئا. جنھن سبب پورھيت طبقي جا ماڻھو مسلسل ڪم جي ڪري کاڌو۽ آرام صحيح نه ملڻ جي ڪري بيمار ٿي تڙپي تڙپي مري ويندا ھئا اھي لاش کڻي کڏن ۾ دفن ڪيا وينداھئا. ان وقت جي مزدور جي حالت ائين ھئي جوانھي مزدور جي پويان غنڊا چھبڪ کڻيو بيٺا ھوندا ھئا، جي اھي ڪم ۾ ٿوري سستي ڪندا ھئا ته انھن کي تشدد جو نشانو بنايو ويندوھو. ان وقت مشينون ايتريون ائڊوانس نه ھيون، مثلن سمنڊ ۾ ھلندڙ ٻيڙا انھن ۾ ايڏيون وڏيون انجڻيون ڪونه ھيون پر اھي وڏا جنگي يا مال بردار ٻيڙا انسان ھلائيندا ھئا،ساڳي طرح ڪارخانن ۾ مزدور ڪم ڪندا ھئا مشينون ايتريون جديد نه ھيون انھن کي انساني سگھ ھلائيندي ھئي. اڄ جي جديد دور ۾ پنج ھزاز مزدورن جو ڪم صرف چار ڪمپيوٽر آپريٽر ڪن ٿا. ڪارخانا ائين جدت اختيار ڪري جديد شڪل ۾ پھتا آھن. نه ته دنيا کي تبديل ڪندڙ پھرين طاقت ڦيٿو ھو ته ٻي طاقت ھن جديد دنيا کي ھن حالت۾ پھچائيندڙ ڪمپيوٽر آھن . ھي انھي زماني جي ڳالھ آھي جڏھن مزدورن کي صرف پئسو ڪمائڻ جي مشين سمجھيوويندو ھو. سرمائيدارن سمجھيو پئي ته اسان جي دولتايتري ڪافي ناھي۽ اسان جي نفعي جي لاءِ ضروري آھي ته اضافي قيمت جيڪا صرف انساني پورھيوڏياري سگھندو آھي. پوءِ جڏھن ڪارخانا لڳا مزدوراچي ويا ته پوءِ انھن ڪارخانن کي ھلائڻ جي لاءِ جنھن ڪچي مال جي ضرورت ھئي، تنھن ۾ اناج جي لاءِ ھنن جيڪي سرسبز زرخيز زمينون پنھنجي فوجي طاقت ۽ دٻدٻي سان قبضي ھيٺ آنديون، پوءِ جديد ھٿيارن سان ليس فوج جي ذريعي دنيا کي قبضي ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيا. ائين قبضا ڪندي جتي زمينون سرسبز ھيون جتي پاڻي جا وھڪرا ھئا ۽ جتي اناج ڀلو ٿيو ٿي انھن کي قبضن ھيٺ آندو ويو لاطيني آمريڪا ،ايشيا ۽ آفريڪا جون زمينون جيڪي تمام زرخيزھيون ۽ درياءِ جي وھڪرن سان گڏ ھيون انھن تي قابض ٿي ويا. جيئن انھن سرمائيدارن کي ڪچو مال ملي سگھي، ھنن وٽ ٻه طريقا ھئا يا ته پئسن تي ڪچو مال خريدڪن يا وري انھن زرخيز زمينن تي قبضو ڪن. ھنن زمينن تي قبضا ڪري سڄي پيداوار کڻي  ڪارخانن ۾ مزدورن کي مشين وانگر ھلائي ڪارخانن کي ترقي وٺرائي. اھڙين ڪارواين جي خلاف بغاوت ٿي.

1848 ۾ يورپ ۾ جتي جتي صنعت موجود ھئي اتي لٽ مار ڦرلٽ استحصال ۾ تيزي آئي تيئن انھي کي رد ڏيڻ جي لاءِ سماجي سياسي دانشور پيدا ٿيا جن انھن سرمائيدارن جي بدمعاشي کي للڪاريو. پئسي ڪمائڻ  لاءِ انساني زندگين کي ڪوئلي وانگر ساڙيو ماريو پيووڃيان جي خلاف بغاوت جو علم کڙو ڪيو ويو. ان تسلسل جي نتيجي ۾ آمريڪا جي شھر  شڪاگو ۾ 1886 ۾ مزدور گڏ ٿيا انھن ھڙتال ڪئي  ۽ اعلان ڪيو ته اسان جي پورھئي جو وقت مقرر ڪيو وڃي. اسان جو جيڪواضافي ٽائيم آھي انھي جو الڳ معاوضو ڏنو وڃي. اسان جي ٻارن کي تعليم جي سھولت ڏني وڃي ، جيڪي سرمائيدار نفعو ڪمائين ٿا انھي نفعي مان مزدورن کي به بونس ڏنو وڃي. اھا جيڪا تحريڪ ھلي ان وقت دنيا ۾ انقلابن جوتصور اڃان چٽو نه ٿيو ھو، قبيلائي ۽ سرداري شڪل ۾ جنگيون ٿينديون ھيون، ڌارين ڀرمار ۽ سامراجي قوتن جي خلاف لاطيني آمريڪا ۽ يورپ ۾ ويڙھ ھلي پئي. آئرلينڊ ۽ جرمن ۽ايشيا ۾وڙھيا پئي پر ھي جيڪا جديدانقلاب جي شڪل آھي، ڳاڙھو رنگ جيڪو انقلاب جو نشان آھي اھو 1886 ۾ انھن وڙھندڙ پورھيتن جي رت سان بڻيو آھي . ان وقت جيڪي مزدور نڪتا ھئا انھن جي ھٿن ۾ اڇا جھنڊاھئا مطلب ته امن جو جھنڊو ھو، انھن جھنڊن مان مراد اھا ھئي ته اسان توھان سان وڙھڻ نٿاچاھيون ،توھان جو نقصان نٿا چاھيون پر اسان صرف پنھنجا حق چاھيون ٿا. اسان اوھان جي ڪارخانن تي قبضا ڪرڻ نٿا چاھيون اسان کي صرف انساني حق ڏئي اسان جي ھٿن جي پورھئي جو قدر ڪيو وڃي. اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.ته اسان پاڻ به عزت سان جيئون ۽ پنھنجي ٻارن ٻچن کي به بھتر نموني پالي سگھون. ان وقت سرمائيدارن سان اھي بادشاھتون انھن جي ڍال بڻيل ھونديون ھيون.

1886 ۾ انھن پورھيتن تي گوليون ھلائيانھن پورھيتن کي شھيد ڪري انھن جا لاشزمين تي ڪيرايا ويا. پوءِ اھي اڇا جھنڊا انساني رت سان ڳاڙھا بنجي ويا. انھن جي رت سان سڄي دنيا ۾ ڳاڙھو رنگ آزادي ۽ انقلاب جو اھڃاڻ بنجي ويو آھي. اڄ اھو ڳاڙھو رنگ انھن سامراج ، سرمائيدار قبضي خورن جي خلاف بغاوت جو نشان بڻيل آھي. ان کان پوءِ سڄي دنيا جا انقلابي انھي ڳاڙھي رنگ جي نشان سان پنھنجي انقلابي تحريڪن کي اڳتي وٺي وڃي رھيا آھن.

انھي لٽ ڦر جي دور ۾ انگريز اسان جي زمين تي پھتو جڏھن. سنڌ ميرن جي حاڪميت ھيٺ ھئي ۽ آزاد خودمختيار رياست جي حيثيت رکندڙ ھئي. ائين انگريز سڄي دنيا مان ڪاھون ڪندا ھن گڏيل ھندستان ۾ پھتا جتان پوءِ ھنن سنڌ تي ڪاھ ڪئي، سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ کانپوءِ انھن سنڌ کي پنھنجو غلام بنايو.،ان وقت سنڌين وٽ نه جديد جنگي ٽرينگ ھئي نه افرادي قوت ھئي نه منظم فوج ھئي جنھن جي ڪري سنڌين اھا جنگ ھارائي ۽ انگريزن جو قبضو ٿيو. پوءِ بجلي، ريلوي نظام سميت جيڪا ترقي ڏسو پيا اھا سڀ انگريزن ڪرائي. انگريزن انڪري ترقي نه ڪرائي ھئي ته ھو ڪو ماڻھن کي سھولت ڏيندا ھاڻي ھنن کي لاڙڪاڻي ۽ شھدادڪوٽ جو اناج ۽ ساريون ، سکر ۽ خيرپور جي ڪپھ ٿرپارڪر ۾ جيڪو برساتن ۾ جيڪو اضافي اناج پيدا ٿئي ٿو. اھو انھن جي قبضي ۾ ڪئين ايندو.۽ انگريزن جي منڊي ۾ ڪئين پھچائجي. ان بنياد تي ھنن اھا ريلوي لائين وڇائي ان لاءِ ئي فوجي نظام آندو ويو جنھن کان پوءِ سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن، پنھنجي شناخت۽ حق حاڪميت کان محروم ٿيا. ته ھاڻي جيڪو ھي پھرين مئي جو تسلسل آھي ان جدوجھد قرباني کان پوءِ سڄي دنيا جي اندر سرمائيدارن جي لاءِ دنيا سوڙھي ٿي. دنيا ۾ انقلاب جي ھلچل شروع ٿي وئي، مارڪسزم جيڪو مزدورن جو منشور ڏنومارڪس ۽ اينگلس گڏجي جيڪو منشور ٺاھيو جنھن کان پوءِ “دنيا جا مزدور ھڪ ٿي وڃو” جي نعري  تحت ڪيميونسٽ تحريڪون ۽ سوشلسٽ جدوجھدون ۽ سرمائيدارن خلاف ھڪ وڏي ھلچل شروع ٿي وئي،جنھن جي نتيجي ۾ اھو ٿيو ته سرمائيدارمجبور ٿي ان پنھنجي لٽ  استحصال ۾ گھٽتائي آندي. ان کي خبر ھئي ته جيڪڏھن آئون پنھنجي استحصال ۾ گھٽتائي نه آڻيندس ته ھاڻي مزدورن رڻ ٻاري ڇڏيو آھي، ھي ڪارخانن تي قبضا ڪري وٺندا.۽ سڀاڻي منھنجو ڪجھ به نه رھندو. انڪري اٺ ڪلاڪ ٽائيم مقرر ٿيو.مزدورن جي ٻارن جي لاءِ اسپتالون ٺھيون. ان جي لاءِ اسڪول ٺھيا. انھن جي پڙھائي لاءِ وظيفا مقرر ٿيا. اور ٽائيم مقرر ٿيو بونس جو راوج آيو انشورنس جو رواج آيو جئين  سرمائيدار پنھنجي نفعي کي سڄي دنيا مان ڦريل مال تي نفعو وڌايو ته ھن ان مان ڀڳڙن جي کلن جيان ڪجھ حصيداري انھن مزدورن کي ڪرائي جنھن ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾  ڪميونسٽ تحريڪن ۽ مزدورن جي ھلچل  جو اثر گھٽجي ويو ۽ ڪميونسٽ انقلاب جي جيڪا شڪل روس اختيار ڪئي. ۾ پئي اتي اڃان به بادشاھت قائم ھئي ۽ زار شاھي جي جبريت ھئي جنھن ڪري زار شاھي جي خلاف لينن يورپ ۾ ڪيل سڄي جدوجھد جو روس ۾ پنھنجو ڪم ڏيکاريو پوءِ جيڪو پھريون پرولتاري  مزدورن جو انقلاب روس ۾ آيو ۽ روس سان گڏ رھندڙ جيڪي ننڍيون ننڍيون رياستون ھيون انھن گڏجي سوويت يونين ٺاھيو ۽ سڄي دنيا جي اندر پھريون مثال قائم ٿيو ته ڪنھن وڏي سرمائيدار  بادشاھ، ڪنھن وڏي آقا ۽ تونگر کان سواءِ ھي غريب ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت ھٿوڙا ھڻندڙ مزدور حڪومتون ٺاھي سگھن ٿا .۽ دنيا کي ھلائي سگھن ٿا.اھو سوويت يونين جو ڪامياب تجربو ھو جنھن سان 67 سال پورھيتن جي حاڪميت قائم رھي. ان حاڪميت جي جيڪي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آھن  وقت جي ڪمي سبب بيان نٿا ڪري سگھجن. پر سوويت يونين جي انقلاب سڄي دنيا جي مزدورن ۾ اتساھ پيدا ڪيو.سڄي دنيا ۾ جاگيردارن ۽سامراجي قوتن جي خلاف ھلچل ھلي وئي، پرمار سامراجي طبقن ۽ طاقتن خلاف آفريڪا آزاد ٿيو پوءِ لاطيني آمريڪا آزاد ٿيو، ائين ملڪ آھستي آھستي آزاد ٿيندا ويا. تان جو ھندو ستان به آزاد ٿيو.

اسان وٽ سنڌ ۾ حقيقي معني ۾ سنڌي مزدور آھي ڪونه،اسان وٽ ڪارخانو اسان جو ڪونھي، ھنيئر آصف زرداري ٻه ٽي ڪارخانا ھنيا آھن يا ڪي ٻه ٽي ڪاٺياواڙي ميمڻ ڪارخانا ھنيا آھن، پر ڪارخانا اسان وٽ ڌارين پرمارن سان آيا ھندو ڪارخانيدار ھو ان کي ڀڄايو ويو۽ ملڪ ڇڏايو ويو. ڪنھن چنيوٽ ،پنڊي ۽ لاھور جي واپارين ڪارخانا لڳايا ۽ جيڪي اڳ ۾ ٺھيل ھئا انھن تي ھندوستاني سرمائيدار اچي قبضو ڪيو.انھن مقامي مزدورن کي نه رکيو انھن سمجھيو ٿي ته جيڪڏھن مقامي مزدور رکنداسين ته يونينون ٺھنديون مزدورن جي حقن جون تحريڪون ھلنديون. ڌاريون مزدور ايندو اھو موچڙي ۾ به صحيح ھوندو اھو چمچاگيري ۾ به سرمائيدارن جو ھوندو ۽ مقامي مزدور کي ڏنڊا به ھڻندو.ان جي ڪري ڌارين مزدورن کي مزدور نه پر غنڊي  طور سرمائيدار پنھنجي ڪارخاني ۾ ڀرتي ڪيو. جنھن تي اھا ڊيوٽي آھي ته اھو مقامي مزدور کي ڏنڊا ھڻي ڀڄائي ڇڏي ته جيئن مقامي مزدور اسُري نه سگھي.

سنڌي ماڻھو اسي سيڪڙو زراعت سان وابسطا آھي. انڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي پنھنجي وجود ۾ اچڻ کان ھڪ گڏيل ٽرم اسان متعارف ڪرايو “ پورھيت” پورھيت مطلب جيڪو ھاري آھي زميندار وٽ ڪم ڪري ٿو، جيڪو ھي آزاد ڇڙواڳ مزدور آھي، جيڪو واڍو آھي ، جيڪو رازو آھي ، جيڪو ڪوڏر ھڻي ٿو ، جيڪو تغاري کڻي ٿو، جيڪولوھارڪو ڪم ڪري ٿو، جيڪو ھوٽل تي ڪم ڪري ٿو ،چڻا کپائي ٿو، گاڏو ڌڪي ٿو،  بيڪري بٺي تي ڪم ڪري ٿو اھو به پورھيت جي کاتي ۾ آھي . ڪارخاني۾ اھو به پورھيت آھي انھي ڪري اسان سمورن محنت ڪش طبقن جي حصن کي ملائي “پورھيت ”جو ٽرم تخليق ڪيو آھي ته اسان جي نظرئي ۾ اسان جي فلسفي ۾ اسان جي پارٽي جي نعري ۾ “جيئي سنڌ ” “جيئي پورھيت عوام” شامل آھي. اسان انھن سمورن محنت ڪشن کي پورھيت جي کاتي ۾ گڏ ڪري منظم ڪري ھڪ انقلابي طاقت ۽ قوت ۾ تبديل ڪري سماج اندر حقيقي آزادي آڻڻ چاھيون ٿا. جيئن اڳ ۾ چيو ويندو ھو ته انقلاب جو ھر اول دستو مزدور آھي ، ھاڻي جتي مزدور ناھن اتي انقلاب جو ھر اول دستو ڪير ٿيندو؟ چين ۾ مزدور ئي ڪونه ھئا اتي ته جنگي سردار ھئا چين ۾ ان کان پوءِ ڪومل تانگ اچي ويا جيڪي سردارن جا پاليل ۽ پٺو ھئا. اتي جاپان ڌارين سرمائيدار طور قابض ھو. پوءِ مائوزيتنگ جھڙي ڏاھي ماڻھو چيو ته ضروري ناھي ته اسان مزدورنط کي ھر اول دستو بنائي انقلاب جي لاءِ تياري ڪريون.اسان وٽ جيڪو به محنت ڪش طبقو آھي ھاري آھي چاھي مزدور آھي چاھي سردارن جي گھرن ۾ فارمن تي ڪم ڪندڙ اھي سڀ جو سڀ پورھيت محنت ڪش جي شڪل ۾  اسان جي انقلاب جو ھر اول دستو آھن. انڪري ھن سمورن ھارين کي گڏ ڪري چين جي اندر انقلاب کي سمجھيو ۽ ان کي آندو. اڄ سڄي چين جي اندر جيڪو سماجي سائنسي ۽جيڪا معاشي ترقي آھي اھا اوھان جي سامھون آھي. ته جيڪي به قومن جا ليڊر ھوندا آھن اھي ڪتابن ۾ لکيل ڳالھين جي بنياد تي لڪيرجا فقير ناھن ٿيندا. ليڊر ھميشه تخليقي صلاحيتن جا مالڪ ھوندا آھن،جيڪي دنيا جي محققن ،تاريخدانن ،سائنسي سماجي فلسفن جي چيل ڳالھين جي ڏنل سياسي ۽ سائنسي فارمولن جي روشني ۾ پنھنجي سماج جو تجزيو ڪري پوءِ فارمولو لاڳو ڪري ان آڌار تي ھوقوم۽ وطن جي حق ۾ فيصلا ڪندا آھن ۽ نتيجا وٺندا آھن. اھوئي حقيقي انقلاب آھي، اسان وٽ حالت اھا ھئي ته اسان جو اڳوڻو نسل مزدورن ۽ ڪميونسٽ سياست جي نالي ۾ لڪير جو فقير ھو. چيو ويندو ھو ته ھتي جون ۽ جولاءِ ۾ قھر جي گرمي ھوندي  ھئي ۽ روس جي سائيبريا ۾ ماڻھو اوور ڪوٽ پائي ھلندا ھئا ڇوته اتي رت ڄمائي ڇڏڻ واري سردي ھئي. ادا ھاڻي جڏھن روس جا ماڻھو اوور ڪوٽ پائين ٿا ته پاڪستان جا جيڪي پنجاب ۽ سنڌ جا ڪامريڊ ھئا اھي به اور ڪوٽ پائي ھلندا ھئا، ڇو ته روس وارا انقلابي اھي پائيندا ھئا، ته  جيڪا لڪير جي فقير واري روايت ۽انڌي تقليد واري بغير سوچ سمجھ جي اڳين کي ڏسي انھي تي ھلڻ اھا ھوندي آھي سياست ۾عقيدي پرستي.  پوءِ عقيدي پرستي توھان جي دل روح ۽ نظرئي جي بنياد تي ھجي يا پگھارجي بنياد تي ھجي ، روبل ڊالر پائونڊ جي بنياد تي عقيدي پرستي ھجي يا نظرياتي روحاني بنياد تي ھجي . ته سياست ۾عقيدي پرستي ناقابل عمل آھي ان سان ڪڏھن به قوم جا ڏک دور نه ٿيندا.انجي ڪري ھيڏي وڏي طاقت ھوندي به پاڪستان ۾ ڪميونسٽ انقلاب نه آيو، سوشلسٽ انقلاب نه آيو، سنڌ ۽ بلوچن جي قومي آزادي جي تحريڪ ذريعي به انقلاب نه آيو.  بنگلاديش جي ماڻھن ۾ ڀاشاني جھڙي مائوسٽ  نظرياتي دانشور ۽ سھروردي جھڙي زبردست قسم جي  سماجيات جي ڄاڻونء به انقلاب ڪونه آندو پر ھڪ آرنري پوري ساري پڙھيل شيخ مجيب جي اڳواڻي ۾انقلاب آيو. ڇو ته شيخ مجيب الرحمان معروضي حالتن کي سمجھندي پنھنجي معاشري جي تخليق ۽تشڪيل ۾ ڪامياب ويو انڪري عوامي انقلاب آيو. بنيادي سوال آھي ته سنڌ به ھن وقت ان ڳالھ جي تقاضا ٿي ڪري ته آيا اسان سنڌي  ماڻھن کي  عقيدي پرستي ۾ پيرن ميرن سيدن جي ھٿن کي چمي چمي چپن ۾ ڇالا پئجي ويا آھن. ٿيو ڪجھ ڪونه، جيڪو ڏسون ابا سيد آھي وڃو پيرن تي ڪرون ،ادا ھي ڦلاڻو مرشد آھي ته وڃيو ان جا ھٿ چمون، ان ۾اسان پنھنجا نسل وڃائي ڇڏيا آھن. پر اھي جيڪي نوان نوان سياسي پير پيدا ٿيا آھن جيڪي اڌ پڙھيل ٻه چار چوپڙيون لکيائون . ھاڻي اھي جيڪي پويان پير آھن انھن کان به وڌيڪ پاڻ کي مڃائڻ ۽ پنھنجي پوئلڳي ڪرائڻ ۾رڌُل آھن.  ته ماڻھو عقيدي پرستي جي بنياد تي انھن جي تقليد ڪن ، ماڻھو انھن کان سياسي عمل جو سوال نه پڇن، ماڻھُو انھن جي خراب ڪرتوتن تي نه ڳالھائين، ماڻھو بس چپ ڪريو انھن جي آڏو ھٿ ٻڌيوبيٺا جيئي جيئي جا نعرا ھڻن. انھي گمراهي ۾ ستر سال سنڌ کي ھلايو ويو آھي، ستر سال سنڌ کي انھي گمراهي  ۾ ڦاسائڻ جي ڪري اڄ سنڌ پنھنجي قومي وجود بابت سواليه نشان بڻايو بيٺي آھي. پوءِ اھو عقيدي پرست ڀلي ظاھري طور چوي ته آئون ڀٽي جو پوئلڳ آھيان پر اھو ڀٽي جو پوئلڳ ڪونھي ، اھو آصف زرداري جي ھن حرامخوري ،اقتدار پرستي، مفاد پرستي ۽ سنڌ جي وجود جو سوداگرن جو ٽولو آھي. ھنن ٽي ھزار روپيه انڪم سپورٽ جي خيرات جي پن جي پويان عوام کي لڳائي ڇڏيو آھي ته ادا ڪھڙو به آھي پر اسان کي ٽي ھزار روپيه ته ڏي ٿو. انھن سان جي قومي غيرت جي تقاضا ختم ٿي وئي آھي . مڙئي شرم پرچائڻ جي لاءِ جيئي ڀٽو پر اسان وينداسين انھن ٽن ھزارن جي پويان خيرات جي پن ۽ نوڪري جي لالچ پويان وينداسين. ھي ڦلاڻو ايم پي اي ، ايم اين ايھن جو پيءُ وزير مشير ھو ھاڻي اھو ڏاڍو مڙس آھي، متان سڀاڻي پوليس کان ٻڌائي مارائي ان خوف ۾ اسان انھن کي ووٽ ڏينداسين، اسان انھن سان پنھنجا سياسي رشتا جوڙيون ٿا.اسان پنھنجي سياست پنھنجي وطن ،تاريخ ، سچ ۽ قوم جي نجات سان نٿا جوڙيون، جنھن ڪري اسان قومي گمراهي  ۾ورتل آھيون.

اسان کي ڪو ڪھڙا به لقب ڏي اسان کي ڪھڙن نالن سان ياد ڪري چوي ته اسان ڀاڙيا ٿي ويا آھيون، چوي ته اسان خوفزده آھيون. چوي ته اسان ايجنٽ آھيون چوي ته اسان پنھنجو حوصلو وڃائي ڇڏيو آھي جيڪو به اسان کي لقب ڏنو وڃي اسان جي اکين تي آھي. ايس ٽي پي جو ان تي ڪوبه سوال ڪونھي اسان ھڪ ذميوار جي حثيت ۾ پاڻ کي سنڌي قوم  آڏو احتساب لاءِ پيش ڪندي پنھنجي سياسي فڪر ۽ فلسفي جي بنياد تي سڄي سنڌ کي گڏ ڪري منظم طريقي سان سنڌ مٿان مڙھيل غلامي ۽ ذلتن کان آزاد ھڪ باوقار سنڌ بنائينداسين. جنھن ۾ سنڌي بحثيت قوم جي پنھنجي وطن جي مالڪ بنجندا.

اڄ سنڌ ۾ تيل گئس ۽ ڪوئلو چپي چپي تي ملي ٿو پر ڪنھن سنڌي غريب ھارياڻي پورھيت مسڪين يا ان جي پٽ کي اتي آفيسري جي نوڪري ناھي. جنھن به سرادر جي علائقي مان تيل  ملي ٿو اتي ان کي نوازيو وڃي ٿو، غيبي ديري مان تيل نڪتو آھي ته اتي ان جو مالڪ چانڊين جو سردار ٿيو بيٺو آھي، روز ڏھ ھزار ماڻھن جو پگھار ڪمپني کان وٺندو، باقي ڪمپني وارا ميڙي سيڙي وفاق کي پنھنجو حصو ڏئي باقي پنھنجي ملڪ کڻي ويندا. جي گھوٽڪي مان معدنيات نڪري ٿي ته اتي مھر سردار ويٺا آھن، جي لُنڊن جي علائقي مان گئس نڪري ٿي ته ان جو مالڪ لُنڊن جو سردار آھي ، بدين مان معدنيات نڪري ٿي ته مسٽرزرداري يا ڪوٻيو ان جو مالڪ آھي. ائين اسان جي تيل گئس  جي وسيلن جي لٽ مار ۽ قبضن جوسلسلو جاري آھي اسان جي ٻچن کي بکيو، تباھ، برباد، بدحال ڪري رکيو ويو آھي اھا حالت آھي جو ٿر جي عورتن جي جسمن ۾رت جون نسون سُڪي ويون آھن مناسب کاڌو نه ملڻ جي ڪري سندن ڇاتين ۾ کير ناھي جو جنم وٺندڙ ٻارن کي پيارين نتيجي ۾ نه صرف ٻن ٽن ڏينھن جا معصوم ٻار تڙپي تڙپي مريو ٿا وڃن پر جنم ڏيندڙ مائرون به زندگي جي جنگ ھارايوڇڏين. حڪمرانن کي ڪا پراوه ڪانھي، جڏھن ته انھي ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آھي، چون ٿا ته جيڪڏھن اھو ڪوئلو صحيح انداز ۾ استعمال ڪيو ويندو ته ھڪ ھزارسالن تائين سنڌ ۾ ڪوبه ماڻھو بکيو ڏکيو نه ھوندو.پر بدقسمتي اھا آھي ته اسان پنھنجي وسيلن جا مالڪ نه آھيون، اسان ان شيءِ کي پنھنجو نٿا سمجھون.

ھي ڪارخانا انڊسٽريون سنڌ ۾ شوق سان نه لڳايون ويون آھن ڪنھن پنجاب مان پنڊي لاھور جي چوڌري ۽ فيصل آباد گجرات جي چوڌرين اسان تي ٿورو ناھي ڪيو، جيڪو چوي ٿوته مون ھتي ھي ڪارخانو لڳائي سنڌ تي احسان ڪيو آھي.

انھن ان ڪري ڪارخانو لڳايو آھي جوسنڌ کي خداتعالي سمنڊ جي زمين ٺاھيو آھيھي سمنڊ جو بندر سنڌ ۾ آھي ان ذريعي سڄي دنيا مان ڪچو مال گھرائجي ٿو۽ مشينري گھرائجي ٿي اھا ان چوڌري کي پنجاب ۾ پڄائڻ ۾ مھانگي ٿي پوي. اتان جيڪو مال ڪارخاني مان نڪرندو انکي وري  وڪري لاءِ ڪراچي پورٽ تي ھن کي آڻڻو پوندو، ان لاءِ ھن پنھنجي نفعي کي نظر ۾ رکي سنڌ ۾ ڪارخانا لڳايا آھن، ھتي پھرين سائيٽون ٺاھيون ويون پوءِ ڪوسٽل ايريا ٺاھياويا پوءِ ايڪسپورٽ زون ٺاھيو ويو پوءِ حيدرآباد۽ سڄي ملڪ ۾ ڦلاڻا ڦلاڻا زون جوڙياويا.

آئون انھن سرمائيدارن کان پڇان ٿو ته توھان اسان جي سرزمين تي ڪارخانا لڳايا آھن ته ڇا اتي اسان جي ٻچن کي روزگار ڪرڻ جو حق ناھي؟ اسان جي ڪنھن ايم بي اي ،ايم پي اي، انجينئرنگ ۽ ڊاڪٽري پاس نوجوانن کي ان فيڪٽري ۽ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾نوڪري ڪرڻ جو حق ناھي؟. اھو صرف انھي ڪري ٿئي پيو جو اسان جا چونڊيل نمائيندا ڀاڙيا آھن، چون ٿا ته ڪنھن ڳوٺ مان ھڪ ھمراه جو گذر ٿيو ته اتي ھن ڏٺو ته گدڙ چوطرف پيا ڀيل ڪن. ڪو ان جي تس ۾ منھن ھنيو پيو آھي ته ڪو ٿال ۾ منھن ھڻي ڪجھ کائي پيو ڪو کٽ تي ستو پيو آھي ته ھمراه کي وڏو تعجب ٿيوته ھن ڳوٺ جي ھڪ ھمراه کي سڏ ڪري چيو ته ڇا سبب آھي جو توھان جي ڳوٺ ۾ گدڙ ائين ڀيل ڪري رھيا آھن، ڪو ڪجھ انھن کي ڪري به نٿو؟ ان تي ان ھمراه چيو ته ادا گدڙ ڀيل ڪيئن نه  ڪن جو اسان جي ڳوٺ جا ڪتا ڀاڙيا ٿي ويا آھن. سو اسان جا ايم پي اي ايم اين اي انڪري چونڊيا ته اھي وڃي سنڌ جي حقن جي لاءِ ڳالھائين، اسان جي ٻچن کي روزگار ڏيارين ،اسان انھن کي انڪري ووٽ ڏنو آھي ته اھي اسان کي صحت ۽ تعليم جون سھولتون ڏين، پر انھن اسان جي الھ تلھ جو سودو ڪري ھاڻي اسان جي وات جو گرھ به کسي رھيا آھن.

ھن سمورين حالتن کي سمجھڻ کان پوءِ به جيڪڏھن توھان پنھنجو رويو درست نٿا ڪريو ته پوءِ ڪنھن تي به ميار ڪانھي، پوءِ تاريخ تي ميار نه ھوندي ، پوءِ قادر مگسي تي ميارنه ھوندي، ته قادر مگسي اسان کي غلامي مان آزاد نه ڪرايو.  اسان کي حق نه وٺي ڏنو، جيڪڏھن پاڻ کي خبر ھجي ته ھي بگھڙ آھي۽ ھي منھنجو ٻچو آئون ان جي حوالي ڪيان ته اھو ھن جي رکوالي ڪندو ته اھا بي عقلي آھي، بگھڙ جوڪم آھي کائڻ ، اھو ان جي رکوالي ڪيئن ڪندو؟ بگھڙ جي کائڻ کان پوءِ اسان انکي ٿُڪ بجو ڪنداسين ۽ گھر جي ڪنڊ ۾  ويھي روئينداسين ته ان سان ڇا ٿيندو؟

پ پ پ ۽ مسلم ليگ جو ڪم اھو آھي جيڪو اسان گذريل سٺ سالن کان ڏسون پيا، ھنن کي محل ٺاھڻا آھن سي محل دبئي، ڪراچي، لاھور ۽ پنڊي ۾ ٺھندا پيا، بيئنڪن جا اڪائونٽ ڀربا پيا. ھاڻي پاڻ تي ڇڏيل آھي ته پاڻ ڇا ٿا ڪريون، غيرت جورستو، عزت جو رستو پنھنجي حقن جو رستو ٿا وٺون.

 اسان کي غيرتن جو رستو وٺڻو آھي ته غيرتن جو رستو اھو آھي ته سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ پيدا ٿئي ٿو ان تي سنڌين جو حق آھي جنھن سنڌ سان غداري ڪئي آھي ان کي اسان پنھنجو نه سمجھنداسين. نه ان جو ڪو ساٿ ڏينداسين،

سنڌ اسان جي ماءُ آھي ان جي خلاف لنڊن وارو دھشتگرد الطاف جنھن اسان جي نوجوان نياڻين کي نه صرف قتل ڪيوپر انھن جو عصمت دريون ڪري سندن لاش چوڪن تي اڇلايا، ھي بدترين دھشتگرد آھي سڄي حيدرآباد ڪراچي ۾ سنڌين کي ڳولھي ڳولھي قتل ڪيو ويو اھو دھشتگرد لنڊن ۾ ويٺو آھي ۽ چوي ٿو ته سنڌ مون کي ٻه اڌ ڪري ڏيو، ان جي جيڪا ڪلاڪن جي بڪ آھي سا روز ٽي وي چينل پيا ڏيکارين ائين جي منھنجي تقرير رڳو ھڪ ڪلاڪ ڏيکارين ته آئون زرداري يا نوازشريف کان وڏو ليڊر ٿي وڃان پرمنھنجي تقرير اھي ڪونه ڏيکاريندا ڇو ته انھن کي خبر آھي ته منھنجي تقرير ۾ سچ آھي منھنجي تقرير ۾ غيرت آھي، منھنجي تقرير ۾ پنھنجي وطن جو فڪر آھي، غريب عوام جو درد آھي اھا نه ڏيکاريندا. ڪا ڳالھ ناھي، ڪا پرواه ناھي پاڻ گھرگھر وينداسين، گھٽي گھٽي چوڪ چوڪ تي وڃي ماڻھن کي تيار ڪنداسين، ائين پنج ڪروڙ انسان تيار ٿي جڏھن روڊن تي نڪري ايندا ته پوءِ ٻڌايو ڪير آھي ماءُ جو لال جيڪو اسان کان پنھنجي سنڌ کسي سگھي.اڄ انھي الطافڙي مھاجر جي نالي ۾ پنجانوي ھزار ووٽ کنيا آھن ان تي به مون کي شڪ آھي، ڇو ته اسان اليڪشن کان اڳ ۾ پنھنجا خدشا پيش ڪري ڇڏيا ھئا ته ھي اليڪشن ايجنسيون ھٿ سان انھن کي کٽرائينديون. اھا اسان پھرين پريس ڪانفرنس ڪري چيو ھو ته ھي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردي کي صاف ڪري ان جي چھري کي سياسي چھرو ڪرڻ جي سازش آھي۽ ھي سيٽ انھن کي کٽرائي ويندي. ائين اصل سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ڪرايو ويندو، تهاليڪشن کٽڻ کان پوءِ جيڪو ھنن جو پھريون پيغام آيو آھي اھو ته سنڌ کي تقسيم ڪيو وڃي.

اي الطاف ، اي ايم ڪيو ايم وارو ٻڌو، آئون اوھان سان مخاطب آھيان، سنڌ ان وقت وجود ۾ آئي جڏھن الله تعاليٰ ھن ڌرتي کي تخليق ڪيو، سنڌ اسان جي ماءُ آھي، سنڌ اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت آھي، سنڌ ۾ ھن کان پھرين ڪيترائي ھلاڪو خان چنگيز خان آيا. سڪندر يوناني۽ احمد شاھ عبدالي ، الگزينڊر، نادر شاھ ، ۽ مدد خان پٺاڻ آيو، شاھ بيگ ارغون ، محمد خان تغلق ، محمد بن قاسم ۽ جارج نيپئر آيا، پاڪستان جا ايوب يحييٰ ضياءِ ۽ مشرف آيا پر سنڌ اسان جي ماءُ آھي جا پنھنجي اوچي ڪنڌ سان لکين ڪروڙين يتيمن ۽ بي سھارن کي پناھ ڏيندي پنھنجي عزت وقار کي بحال ڪندي پنھنجي قومي وجود کي قائم رکندي پئي اچي ۽ ھي اسان جو قومي وجود ڪنھن خيرات ۾ ملندڙ ناھي، نه ھي ڪنھن ڪوڙي ووٽ، ڪنھن اسٽيبلشمنٽ جي آشيواد سان مليل ناھي.

 اسان جي وڏن پنھنجي گرم رت سان ھن وطن جي حرمت جي حفاظت ڪئي آھي، ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪئي آھي ، اوھان اڌ سنڌ جي ڳالھ ڪريو ٿا ۽ اسان ھڪ انچ به سنڌ جو ڪنھن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آھيون، مون کي يقين آھي ته پنج ڪروڙ انسان سنڌ جا آھن ۽ جيستائين ھڪ به سنڌي زنده ھوندو ته وطن جي حفاظت لاءِ جدوجھد ۽ مزاحمت جاري رکندو. ته جيڪڏھن اوھان وٽ ڪو فارمولو ھوندو ته پنج ڪروڙ انسانن کي ختم ڪريھن ڌرتي کي تقسيم ڪري ويندا ته آئون توھان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسان جي ابن ڏاڏن جون جيڪي ھڏيون آھن اھي به قبرن مان نڪري اوھان جي خلاف وڙھنديون رھنديون. ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات به اھڙي نه ايندي جو توھان تقسيم شده سنڌ ۾ سڪون سان ويھي سگھندا.

آئون اسلام آباد جي اسٽيبلشمنٽ کي راحيل شريف ۽ نواز شريف کي واضع پيغام ڏيڻ ٿو چاھيان ته اوھان اھي نغما نه ڳايو ته اوھان سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي ڪچلڻ جي لاءِ اوھان شھري دھشگرد پيدا ڪرڻ جي لاءِ جيڪا مافيا پيدا ڪري رکي آھي اوھين نسل پرستي جي بنياد تي سنڌ کي تقسيم ڪري رھيا آھيو، ڪڏھن پختونن جي شڪل ۾ ڪڏھن مھاجرن جي شڪل ۾ ڪڏھن پنجابي بلوچن جي شڪل ۾ اوھان نسل پرستي جي روپ ۾ نفرتن جون ديوارون کڙيون ڪري اوھان سمجھو ٿا ته سنڌ جو مينڊٽ  تقسيم ڪندا. سنڌ جي قومي آزادي ۽ حق خودارديت جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري ويندا ۽ اسان ھميشه ڪامياب ٿي وينداسين. اھا اوھان جي ڀل آھي، ھي نه سمجھو  ته ھي جيڪو اڄ مھاجر صوبي جو نعرو لڳايو پيووڃي اھو اوھان جون ايجنسيون چون پيون ته اھي نعرا ھڻندڙ  بين الاقوامي ايجنٽ آھن،  ڪنھن غيرملڪي آقا جي مفادات جي لاءِ ڪم ڪن پيا ، جيڪڏھن توھان سنڌ جي کي انتظامي طور ڪو صوبو ڪا ڊويزن ٺاھي انھن کي ڏيندا ته اوھان کي آئون اھوواضع ڪريان  ٿو ته اھو ٽڪرو ڪڏھن به پاڪستان جو حصو نه رھندو، اھو پاڪستان ٽوڙي جناح پور يا مھاجرستان ٺاھيو ويندو. اھا اوھان مٿان اخلاقي ذميواري ٿيندي ته 1940 جي قرارداد تحت سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي ھئي. انھي قرارداد تحت ھي پاڪستان وجود ۾ آيو آھي، جيڪڏھن ڪو بين الاقومي ايجنٽ به اسان جي وطن جي تقسيم جي سازش ڪري ته اوھان تي اھا اخلاقي ذميواري آھي ۽ سياسي قانوني ذميواري آھي ته اوھان اسان جي وطن جي حفاظت جي لاءِ سنڌ جي ھنن پٽن جو ساٿ ڏيو ۽ سنڌ کي مستحڪم رکڻ جي جدوجھد ۾ اوھان سنڌين سان گڏ بيھو. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي ملڪ کي پوائينٽ آف نو رٽرن تي موڪليو وڃي پوءِ ڪجھ به نه بچندو.

پنھنجو عزم آھي ته پاڻ ھن وطن کي بچائينداسين،

ايس ٽي پي جو عزم آھي ته  وطن جي وحدت کي قيامت تائين سلامت رکڻ لاء رت جو آخري ڦڙو قربان ڪنداسين.
ھاڻ سياست ۾ ھڪ فيشن اچي ويوآھي ( 6 منٽي فيشني ) ھر ماڻھو ڪا به ڳالھ ٿئي ٿي ته ابا الطاف سنڌ ورھائڻ جو اعلان ڪيو آھي ان تي  قوم پرست ڇا پيا ڪن؟  گهر ويٺا آھن؟

 ڇا قومپرست پستول کڻي پنهنجي نرڙ تي ھڻن ڇا؟ الطاف سنڌ ورھائيندو انڪري اسان پاڻ کي ماريون ٿا.
اڙي عقل جا انڌا ھي ھڪڙي ريلي ڪڍي، چار ٽپا ڏيڻ سان ، 6 ڪلاڪ جي ھڙتال سان ڇا الطاف صوبي تان ھٿ کڻي ويندو ؟ ھي ھڪ سنجيدھ ويڙھ آھي.

 او دانشورو، او قلمڪارو، او ڇھ 6 منٽي ٽيڊي ڪامريڊو،

 ھي ھڪ سنجيدھ جدوجهد جي ويڙھ آھي ڊگهي وقت جي ويڙھ آھي ان لاء قوم کي ترقي پسند پارٽي ٿي نه، پيپلز پارٽي ٿي نه، مسلم ليگ ٿي نه، ڪا تحريڪ ٿي نه پر سنڌي قوم کي سنڌي قوم بنجي منظم ٿي ھنن جي خلاف صف بندي ڪري آخري شڪست تائين پاڻ مڃائڻو پوندو، سياسي ٽپن سان ڪجهه نه ٿيندو، سو سنڌ بچائڻ لاءاھي جيڪي ڀولڙي وارا ٽپا آھن اھي ڪم نه ڏيندا. چون ٿا ته“ ھڪ شينھن بيمار ٿي پيو سو شينھن جھنگل جو بادشاھ بيمار ٿيو ته ڊاڪٽر ڪٿان اچي؟ سو ھڪ ڀولڙي چيو ته آئون ڊاڪٽر آھيان شينھن جوعلاج ڪندس، ان ڀولڙي کي وٺي آيا، ھن ڪيڏي مھل ڪن رکي شينھن جي وات تي وري ٽپ ڏيو وڻ تي چڙھي وري ھيٺ لھيو اچي،  شينھن جي ٽنگ کي لوڏي وري ٽپ ڏيو وڻ تي چڙھي اھوسلسلو ھلندو رھيو، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ شينھن مري ويو ته سڀني چيو ته ابا ھي ڇا ڪيئي شينھن کي ماري ڇڏيئي، ته ڀولڙي چيو ته زندگي رب جي ذات جي ھٿ ۾ آھي باقي اوھان ڏٺوڪونه پئي ته وسان مون به ڪونه گھٽايو. ٽپا مون به قھر جا ڏنا.

سو ھي جيڪي ڀولڙي وارا ٽپا آھن سي سنڌ کي ڪونه بچائي سگھندا. سنڌ بچائڻ لاء سياسي عمل جي ضرورت آھي، تون سنڌي آھين مان مگسي نه آھيان مان سنڌي آھيان، تون چانڊيو نه آھين سنڌي آھين، تون عورت نه آھين تون سنڌي آھين ، تون مرد نه آھين سنڌي آھين جڏھن ايئن سڄي سنڌي قوم گڏجي اعلان ڪري ته ھي ڌرتي اسان جي ماءُ آھي، جيڪو به ھن ڌرتي جي خلاف قدم وڌائيندو ان جي ڄنگھ ڪو نه ھوندي ، جيڪو زبان کوليندو ان جي زبان ڪٽي ويندي، جيڪو لٺ کڻي اڳتي وڌندو ان جي ٻانهن ڪرائي کان ڪٽي ويندي. ايئن جڏھن سنڌي قوم غيرت جو مظاھرو ڪندي تڏھن پاڻ وطن بچائي سگهنداسين ۽ يقين رکو منھنجو وچن آھي ھن قوم سان ھن ڌرتي سان ته وطن جي بقاءَ جي جنگ ۾ قادرمگسي 88 وانگر اڳواڻي ڪري قوم کي زنده رکڻ جي لاءِ ڪردار اداڪندو . باقي ھي جيڪي به ڀولڙي وانگر خواب ڏسن پيا ڀلي ٽپا ڏين.ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين جڏھن خلق روڊن  تي نڪرندي   ته دما دم مست قلندر ٿيندو، سنڌ جا ويري قبر ۾ ويندا يا سمنڊ ۾ ٽپا ڏيندا ۽ جيڪي اڙدو ڳالهائين ٿا ۽ سنڌ کي پنھنجي ماءُ سمجھن ٿا . ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين انھن جا اسين محافظ بنجنداسين، انھن کي چئون ٿا ته الطاف ۽ ان جي دھشتگرد ٽولي کان نه دڄو، اسان اوھان جي ۽ اوھان عزتن جي حفاظت ڪنداسين. الطاف جا ٽرينگ يافته دھشتگرد ڪنھن کي ماري سگھن ٿا، ڪنھن معصوم ھٿين خالي انسان کي ڪنھن راھ گذر کي گوليون ھڻي سگھن ٿا. پوءِ جڏھن انھن کي ٻه چماٽون ٿيون لڳن ته ياد حافظ وانگر سڄي ڏھن سالن جون ڪھاڻيون به ٻڌائيندا پيا ويندا آھن

ھي ڪھڙي اسان سان جنگ جي ميدان ۾ جنگ ڪندا؟ 1996 ۾ جڏھن ٻورين ۾ بند لاش پيا ڏيندا ھئا ان وقت اسان ڪراچي جي گھٽي گھٽي ۾ وڃي للڪاريو ته اسان صرف پنج ھزار ماڻھو آيا آھيون، اسان مان ڪنھن کي ماري ٻوري ۾ لاش بند ڪريو ڀلا،. ھي ڪيترا مڙس ماڻھو آھن اھا اسان کي خبر آھي، اھي صرف پنھنجي ساٿين کي ماري سگھن ٿا. لڪي لڪي معصومن کي ماري سگھن ٿا پرجنگ جي ميدان ۾ ھي ڇا وڙھندا؟ ھنن جا ھڪ سئو دھشتگرد ۽ اسان جو ھڪ سنڌي نوجوان ميدان ۾ آيو ته ھي جتيون ڇڏي ڀڄي ويندا.

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …