پهاڙون ڪي بيٽي


هن کي بلوچستان جي پهاڙن، جابلو رستن، کجي جي وڻن، ڳوٺن ۽ بلوچستان جي انهن ماڻهن سان بي پناه محبت هئي جيڪي ماڻهو ايڪويهين صدي جي سڀني نعمتن کان بي خبر هئا. مان هن جي بي وقتائتي موت تي روئڻ بدران اهي شعر پڙهي رهي هيس جيڪي شعر هن کي ڏاڍا پسند هئا مونکي خبر آهي ته منهنجو روئڻ هن کي پسند ناهي ان ڪري مان چاهيندي به روئان نٿي اهي لفظ ٽورنٽو يونيورسٽي ڪيناڊا ۾ اڪانامڪس جي شعبي ۾ پڙهندڙ بلوچ قومپرست اڳواڻ ڪريما بلوچ جي ماءُ جميلا بلوچ جا آهن.ڪريما بلوچ جي ماءُ جميلا بلوچ کي صبح جو فجر جي اذان وقت پنهنجي ننڍي نياڻي ماه گنج بلوچ جڏهن 37 سالا ڪريما بلوچ جي مرڻ جي خبر ڏني ته هن اکين ۾ ايندڙ لڙڪن کي پنبڻين جي پاند ۾ رکي وضو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ فجر جي نماز پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي، ڪجهه ئي گهڙين ۾ سج اڀري آيو ته هنن جي گهر ۾ سوين ماڻهو هن سان ڏک ونڊڻ آيا هئا.
ماہ گنج چوي ٿي ته مان سياسي ڪارڪن ناهيان نه ئي مون ڪڏهن ڪا ڪنهن سياسي تنظيم ۾ ميمبر شپ ورتي آهي پر مان پنهنجي وڏي ڀيڻ ڪريما بلوچ سان هر احتجاج ۾ ان ڪري شريڪ ٿيندي هئس جيئن مان هن جي حفاظت ڪري سگهان.
احتجاجن دوران اڪثر اسان مٿان آنسو گیس جا شيل اڇلايا ويندا هئا يا وري اسان تي لاٺي چارج ڪئي ويندي هئي مون کي خبر هوندي هئي ته منهنجي ڀيڻ بهادر آهي ۽ سدائين اڳين صفن ۾ بيٺل ساٿين کان به اڳيان هوندي. مان رڙيون ڪري ان جي پويان ويندي هئس ۽ ڪوشش ڪندي هئس ته مان پنهنجي “لٽل مام” جي جسم تي لڳندڙ لٺ کي پنهنجي پٺن تي سهي وٺان. هو منهنجي واقعي “لٽل مام ” هئي جنهن مونکي فرسوده ريتن رسمن سان ويڙهه ڪرڻ جو فن ڏنو جنهن منهنجي ذهن ۾ سياسي ۽ نظرياتي شعور جي سگهه ڏني جنهن منهنجي پيرن کي مستقل هلڻ جي همت ڏني جنهن منهنجي هٿن کي جبر سان مهاڏي اٽڪائڻ جي تربيت ڪئي.
توڙي جو مونکي پنهنجي” لٽل مام “ڪريمه بلوچ جي موت جي رات جو ئي خبر پئجي چڪي هئي پر مان پنهنجي امڙ کي رات جو ڀيڻ جي موت جو اطلاع نه ڏنو. مون سوچيو اڄوڪي رات ان کي سڪون سان سمهڻ گهرجي باقي زندگي جا بچيل پل ته هوءَ پنهنجي پياري ڌيءَ جي يادن جي ڌاڳن ۾ ٻڌل هوندي، هن جي باقي بچيل ساهن جي سڳي ۾ ان ڪريما جي تڙپ هوندي جيڪا ڪجهه سال اڳ جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ امان جي هنج ۾ اچي ستي هئي ته امان هن کان پڇا ڪئي هئي خير ته آهي ڪريما اڄ مايوس آهين.
ڪريما چيو هو ته مان بلوچستان ڇڏي وڃڻ نه ٿي چاهيان مونکي پنهنجي بلوچستان جي صبح ساڻ بي پناه پيار آهي جنهن صبح جو اسان جي گهر جي اڱڻ تي جڏهن پکي اچي لهندا آهن ۽ آزاد اڏارون ڪندي سريليون لاتيون لنوندا آهن تڏهن منهنجي اندر ۾ به اها خواهش اڀرندي آهي ته ڪاش مان ۽ منهنجي وطن جا ماڻهو ائين ئي آزاد هجن. منهنجي امڙ، مان مجبور آهيان منهنجي تنظيم فيصلو ڪيو آهي ته مونکي بلوچستان ڇڏي ڪيناڊا وڃڻو آهي.
امان هن جي چهري تي هٿ ڦيري مٿي تي چمي ڏئي چيو هو ته ڪريما ڪڏهن وڃڻو آهي. هن هنج مان اٿي سامهون ماءُ جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو هو امان خبر اٿئي پنهنجي پاڙي وارا سڀ مائٽ مونکي چوندا آهن منهنجون ڀوريون اکيون بلڪل پنهنجي ماءُ جهڙيون آهن. امان اسان جون نه رڳو اکيون هڪجهڙيون آهن پر اسان جي ڀورين اکين جا خواب به هڪ جهڙا آهن.
ڪريما بلوچ جي ماءُ چوي ٿي ٻئي ڏينهن مان ان کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪرڻ ويس مون هن کي ڪجهه گهڙين لاءِ ڀاڪر ۾ ڀري رکيو هو ۽ پوءِ مون هن کي مزاحمتي شاعري ذريعي حوصلو ڏنو هو. انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڀاءُ ۽ ڪريما بلوچ جو مامو استاد نور محمد بلوچ مسنگ پرسن جي لسٽ ۾ هو ڪريما بلوچ جو سوٽ به جبري طور گم ڪيو ويو هو.
هن ويندي ويندي مونکي چيو امان پنهنجي ملاقات هاڻي آزاديءَ جي ترانن ۾ ٿيندي. پر افسوس هن جو لاش شايد هاڻي سوڳوار گيتن جي آلاپن ۽ غمزده ماڻهن جي ڪلهن تي تي کنيو ويندو.
ڪريما بلوچ 2016 ۾ ڪيناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ پهتي هئي هن اتي انساني حقن جي ڪارڪن طور ڪم شروع ڪيو هو هن اقوامه متحده کان وٺي انساني حقن جي عالمي تنظيمن توڙي فورمن ۽ ادارن تائين بلوچستان ۾ جبري طور گم ٿيندڙ ماڻهن بابت آواز اٿاريو.
ڪريما بلوچ 2005 ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي شهر تربت ۾ مسنگ پرسن جي تصويرن جو بينر کڻي احتجاج ڪندي سياسي ميدان تي آئي هئي تربت هن جو اباڻو علائقو آهي هي سياسي خاندان ناهي ان هوندي به هن جي مامي ۽ سوٽ کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو هو. جڏهن هي تربت ۾ احتجاج ڪري رهي هئي ان وقت ڪجهه ئي ماڻهو هن کي سڃاڻندا هئا هن جي چهري تي اڪثر بلوچ روايت مطابق نقاب هوندو ان ڪري ڪريما بلوچ جي نالي کان واقف ماڻهو به هن جي چهري جي سڃاڻپ کان ناآشنا هئا.
ڪريما بلوچ جو ان سياسي ٽهي سان واسطو هو جيڪا ٽهي بلوچن جي سرمچاري اڳواڻ سردار خير بخش مري جي سياسي تربيت هيٺ رهي هئي ڪريما بلوچ کي نظرياتي طور خير بخش مري متاثر ڪيو هو جنهن جو پٽ بالاچ مري افغانستان جي سرحد جي ويجهو بلوچستان جي سرلٺ واري علائقي ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سان هڪ جھڙپ ۾ شهيد ٿي ويو هو.
خير بخش مري بلوچن ۾ شهيدن جي تعزيت نه وٺڻ جو نئون رواج وڌو هو. جنهن جي پوئيواري هاڻي بلوچستان جا سڀ شهيدن جا وارث ڪن ٿا. خير بخش مري کي پنهنجي نوجوان پٽ بالاچ مري جي شهادت تي ڏک بدران فخر هو. جڏهن شهيد بينظير ڀٽو بالاچ جي تعزيت لاءِ خير بخش مري جو اڱڻ لنگهي وئي هئي ته خير بخش مري هٿ مٿي ڪري مغفرت لاءِ دعا گهرڻ بدران چيو هو ته شهيد مرندا ناهن، جو انهن جي مغفرت جي دعا گهرجي ان وقت هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته مونکي بالاچ جي شهادت تي فخر آهي بس افسوس اهيو اٿم ته بالاچ کي بلوچستان جي آزاديءَ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو هو پر هو وقت کان اڳ شهيد ٿي ويو.
ڪريما بلوچ 2006 ۾ بلوچستان جي آزادي پسند پارٽين جي ماءُ سمجهي ويندڙ تنظيم بي ايس او جي ٽن ڌڙن جي انضمام وقت بي ايس او جي نائب صدر چونڊجي آئي جلدي 2008 ۾ بي ايس او جي صدر ذاڪر مجيد جي گمشدگي کان پوءِ ڪريما بلوچ بي ايس او آزاد ۽ بلوچ نيشنل فرنٽ (بي اين ايف) جي چيئر پرسن ٿي ويئي، بي ايس او جي ستر سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي ايس او جي ڪا عورت چيئر پرسن ٿي آئي هئي.
جلدي 2013 ۾ پاڪستان سرڪار بي ايس او تي بندش وڌي هي دور ڪافي ڏکيو دور هو ڪافي ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا ڪافي ماڻهن سياسي سرگرمين کان لاتعلقي اختيار ڪئي پر ڪريما بلوچ بلوچستان جي هر علائقي ۾ پهتي ۽ تنطيمي ڪم، احتجاج منظم ڪرڻ توڙي نظرياتي لٽريچر پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
2008 ۾ ئي ڪريما بلوچ تي ايف سي اهلڪارن کان رائيفل ڦرڻ ۽ ماڻهن کي رياست جي خلاف ڀڙڪائڻ جو ڪيس داخل ٿيو، عدالت سزا ٻڌايل فيصلي ۾ لکيو ته عورت هجڻ سبب ڪريما بلوچ جي سزا ۾ رعايت ڪجي ٿي.ڪريما بلوچ سزا ٻڌايل ان فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو هو ته اسان انساني برابري جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ان ڪري اسان کي سزا به برابري بنياد تي ڏني وڃي.
ڪريما بلوچ مسنگ پرسن جي اشو تي ڪوئيٽا، کان ڪراچي تائين سوين احتجاجن جي اڳواڻي ڪئي هن فرزانہ مجيد،سميع بلوچ سان گڏجي 106 ڏينهن پرين پنڌ مارچ ڪيو هو. بي بي سي 2016 ۾ دنيا جي سو بااثر عورتن ۾ ڪريما بلوچ جو به نالو شامل ڪري ڪريما بلوچ جي سياسي سگهه جو نه صرف اعتراف ڪيو پر دنيا کي ڪريما بلوچ ڏانهن متوجهه پڻ ڪرايو.
توڙي جو ڪريما بلوچ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهي آهي پر ڪريما بلوچ ملڪي توڙي عالمي ميڊيا جي ادارن ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ڪريما بلوچ 20 ڊسمبر تي 2020 تي اهو چئي گهران نڪتي هئي ته هو واڪ ڪري واپس اچي ٿي پر اڍائي ڪلاڪ گذري وڃڻ کان پوءِ به جڏهن ڪريما سان ان جي خاندان جو رابطو نه ٿيو ته ٽورنٽو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ڪريما بلوچ جو مڙس حمل حيدر بلوچ جيڪو لنڊن کان واپسي کان پوءِ 14 ڏينهن جي لاءِ ڪورنٽائين سبب گهر ۾ هو ان کي پوليس اطلاع ڏنو ته ڪريما بلوچ جو لاش ٽورنٽو کان ٻاهر هڪ ڍنڍ مان ٻڏل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي.
حمل حيدر بلوچ به سياسي ڪارڪن آهي ۽ بلوچ حقن لاءِ سرگرم اڳواڻ رهيو آهي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته ڪريما بلوچ سان شادي جو ڪهڙو سبب هو ته حمل حيدر جو چوڻ هو ته ڪريما بلوچ انتهائي بهادر هئي . هيءَ بلوچستان ان جي ماڻهن سان بي پناهه محبت ڪندڙ هئي ان جي شخصيت ايڏي ته متاثر ڪندڙ هئي جو ان سان شادي ڪرڻ جو فيصلو مون ڪجهه پلن ۾ ڪري ورتو هو. اسان جو خاندان جو ڪريما بلوچ جي خاندان سان پراڻو واسطو هو اسان جي خاندانن جي وچ ۾ رشتي جي ڳالهه ٿي ۽ اسان شادي ڪري ورتي جڏهن اسان شادي ڪئي ۽ اسان جا خاندان بلوچستان ۾ خوشيون ملهائي رهيا هئا ان وقت ڪريما جي مامي ماستر نور محمد بلوچ جو چچريل لاش اڇلايو ويو هو. اسان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون ويون اڳتي هلي ڪريما بلوچ جي سوٽ جو به چچريل لاش هٿ آيو.ڪريما بلوچ چوندي هئي ته هو چون ٿا ته اسان جي خاندان جي سڀني مردن کي ماري ڇڏيندا جيڪڏهن اسان سياسي سرگرميون جاري رکيون ته اسان کي پنهنجي گهر جي ڀاتين جا لاش ئي کڻڻا پوندا. حمل حيدر بلوچ چئي ٿو بدقسمتيءَ سان اسان کي هڪ بهادر عورت جو لاش کڻڻو پئجي ويو آهي اهڙي عورت جنهن جي عمر اڃان 37 سال مس هئي جنهن کي بلوچستان جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو هو. حمل حيدر جو چوڻ آهي ته ڪريما بلوچ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون هنيون هن چيو اهڙو اظهار ڪريما بلوچ پنهنجي هڪ تقرير ۾ به ڪيو هو هن ڪيناڊا جي حڪومت تي ان تقرير ۾ سخت تنقيد ڪندي چيو هو ته انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي قاتلن کي ڪيناڊا حڪومت پناه ڏيئي رهي آهي جنهن ڪري انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جون زندگيون ڪيناڊا ۾ به خطري هيٺ آهن هي ڪنهن به وقت اسان کي قتل ڪري سگهن ٿا.
ڪريما بلوچ جي قتل جي شفاف جاچ جي گهر هيومن رائٽس ڪميش پاڪستان سان گڏ انٽرنيشنل هيومن رائٽس ڪميشن پڻ ڪئي آهي.
ڪريما بلوچ جي موت کي بلوچستان جا سياسي اڳواڻ سيد پاڪستان جي ڳجهن ادارن هٿان قتل قرار ڏيئي رهيا آهن ان لاءِ انهن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي چيف آف آرمي اسٽاف تازو بيان جاري ڪندي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ دانشورن، انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن ۽ پاڻ مرادو جلاوطن اڳواڻن کي تنبيھ ڪئي هئي ته هو پاڪستان جي خلاف عالمي فورمن تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي واري پروپيگنڊه بند ڪن. جڏهن ته ڊان ڊاٽ ويب سائيٽ تي ٽورنٽو پوليس پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته 37 سالا ڪريما بلوچ جي موت جي جانچ( نان ڪرمنل) ڪيس طور ڪئي پئي وڃي. ٽورنٽو پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جانچ ۾ ڪريما بلوچ جي ڪيس ۾ قتل بابت ڪابه شاهدي ناهي ملي.
ڪريما بلوچ جو موت شايد ڳجهارت ئي رهي پر ڪريما بلوچ جو ڪردار بلوچستان جي قومپرست سياست ۾ عورت اڳواڻ جي حيثيت ۾ مثالي ڪردار طور صدين تائين زنده رهندو. بلوچستان جي مزاحمتي تحريڪ تي نظر رکندڙ تجزيي نگارن جو خيال آهي ته بالاچ مري کان پوءِ ڪريمان بلوچ جو بي وقتائتو موت بلوچستان جي قومي تحريڪ جو وڏو نقصان آهي. ڪريما بلوچ جي موت کان پوءِ بلوچ عالمي سفارتي محاذ تي وڌيڪ ڪمزور ٿيندا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سياسي اثالم وٺندڙ انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن قومي آزادين جي تحريڪن سان لاڳاپيل سياسي اڳواڻ پاڻ کي وڌيڪ غير محفوظ محسوس ڪندا.

وڌيڪ پڙھو

ڪينجهر حادثو ۽ ذميوار ڪير

ڪينجهر حادثو ۽ ذميوار ڪير

اتفاق ڪنهن کان پڇي ٿوروئي ايندا آهن,پر ايندا آهن هر روز,هزارين ماڻھو,سوين فيمليون,سير تفريح لا۽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *