
سينيئر صحافي نديم بوزدار اغوا ٿي ويو، رات دير سان اڇي رنگ جي ڪار ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو صحافي نديم بوزدار کي اغوا ڪري ويا، علائقي واسين ۽ وارثن موجب هٿياربند نديم کي آفيس مان ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد اغوا ڪري ويا آهن، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، جڏهن ته رات کان پوليس طرفان صحافي جي آزادي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن پر هن وقت تائين نديم بوزدار جو پتو نه پئجي سگهيو، ٻئي پاسي، سکر، پني عاقل، ڪراچي توڙي ٻين شهرن جي صحافين توڙي صحافتي تنظيمن طرفان سينيئر صحافي نديم بوزدار جي اغوا جي مذمت ڪندي ان جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، صحافين جو چوڻ آهي ته نديم بوزدار کي حق ۽ سچ لکڻ تي وڏيرن اغوا ڪرايو آهي، ان کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت مظاهرا ڪيا ويندا.