پندرنھن مھينا گذرڻ باوجود فرد جرم لاڳو ناھي ٿيو-امُ رباب

پندرنھن مھينا گذرڻ باوجود فرد جرم لاڳو ناھي ٿيو-امُ رباب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته منهنجي پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي کي قتل ڪيو ويو، ڪيس هلي رهيو آهي پر صحيح طريقي سان نه، 15 مهينا گذري ويا اڄ تائين فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس چيو هو ته ان ڪيس جو ٻن مهينن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، ڪيس ۾ ٻه ڀيرا پاڻمرادو نوٽيس ٿيو، پوءِ 15 مهينن ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿيو.

هن چيو ته ٻئي جوابدار پيپلز پارٽي جا وزير آهن، انهن جو اثر آهي، منهنجو ڪيس سکر ۾ هلي رهيو آهي، مون کي لاڙڪاڻي مان گذري وڃڻو پوندو آهي، ڪڏهن جوابدارن جو وڪيل ناهي ايندو ته ڪڏهن ٻيو ڪو مسئلو، ڪيس ۾ دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته مان پاڻ قانون جي شاگردياڻي آهيان ۽ مون کي عدالتن تي يقين آهي، عدالتن کي مقدس سمجهندي آهيان تنهن ڪري پيرين اگهاڙي عدالت ويس

وڌيڪ پڙھو

فلسطين جو مزاحمتي ڪرادر عھد تميمي

فلسطين جو مزاحمتي ڪرادر عھد تميمي

فلسطين جيڪو ڊگهي عرصي کان عدم استحڪام، ظلم ۽ بربريت جو شڪار رهندو پئي آيو …