پنجاب ۾ شيخوپورہ ۾ ريل ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر 19 ڄڻا فوت

پنجاب ۾ شيخوپورہ ۾ ريل ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر 19 ڄڻا فوت

حيدرآباد( نيوز ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ ريل مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، 18 سِک ياترين سوڌو 19 مسافر فوت ٿي ويا، ڊي پي او شيخوپوره چيو آهي ته فيصل آباد کان ڪراچي ويندڙ شاهه حسن ايڪسپريس ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، ريل جي ٽڪر جو شڪار وئن پشاور کان صادق آباد وڃي رهي هئي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته سک ياترين سان ڀريل ڪوسٽر ڦاٽڪ پار ڪرڻ دورانريل سان ٽڪرائجي وئي، حادثو فاروق آباد ۽ بحالي اسٽيشن جي وچ تي ٿيو، 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، ڪوسٽر ۾ 25 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، حادثو بنا ڪراسنگ واري ڦاٽڪ تي ٿيو، اختيارين موجب شاهه حسين ايڪسپريس فيصل آباد کان لاهور وڃي رهي هئي، حادثي جو شڪار ٿيل وين پشاور کان صادق آباد وڃي رهي هئي، جڏهن ته وزيراعظم طرفان حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …