پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ 9 مئي وارن وقعن جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙ شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي وري فيصلي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ جناح هائوس، قائد اعظم جي پيانو، رائيٽنگ ٽيبل ۽ تلوار کي باهه ڏيڻ وارن واقعن جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي . نگران وزيراعليٰ محسن نقوي چيو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث شرپسندن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

ھي بہ پڙھو

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: ضمانت لاءِ لکت ۾ خاطري ڪرائڻ جي هدايت: فوجي ٺڪاڻن تي ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪريان ٿو: فواد

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي ضمانت …