پنجاب جو صوبائي ميمبر مظفر شيخ ڪورونا ۽ سندس گھر واري کي دينگي وائرس ظاھر

پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جو ميمبر مظفر علي شيخ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس گهر واري ڊينگي ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، حافظ آباد مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبر مظفر شيخ جي وارثن موجب سندس گهر واري جو 10 ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو، جنهن سبب هو ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، وارثن موجب اسپتال انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو ته هتي مڇر تمام گهڻا آهن پر انهن مڇرمار اسپري نه ڪيو جنهن سبب هو ڊينگي ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، هنن چيو ته اسپتال انتظاميه جي نااهلي سبب مظفر علي شيخ جي گهر واري جي زندگي کي سخت خطرا پيدا ٿي ويا آهن.

وڌيڪ پڙھو

سپريم ڪورٽ: پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ گرائونڊ ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ: پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ گرائونڊ ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، تحريڪ انصاف( پي ٽي آءِ کي ايڇ نائن ۽ جي نائن …