پشاور: پوليس لائين جي مسجد ۾ ڌماڪو، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

پشاور: پوليس لائين جي مسجد ۾ ڌماڪو، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

پوليس لائين جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب پشاور جي علائقي صدر پوليس لائين ۾ مسجد ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي آواز ايتري شديد هئي جو پري پري تائين ٻڌي وئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا آهن.


ذريعن موجب ڏماڪي کان پوءِ ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا آهن جڏهن ته زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا آهن. سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو ظهر جي نماز دوران پوليس لائين جي مسجد ۾ ٿيو آهي جنهن سبب مسجد ۾ موجود ڪيترائي نمازي زخمي ٿي پيا آهن. اکين ڏٺين شاهدن موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مسجد ۾ نماز ادا ڪئي پئي وئي.
سيڪيورٽي اختيارين موجب پوليس لائين ۾ ٿيندڙ ڌماڪو خودڪش هو، خودڪش حملي آور مسجد جي پهرين صف ۾ موجود هو جنهن نماز دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب مسجد جي ڇت پٽ پئجي وئي.
ذريعن موجب پوليس لائين صدر جو علائقو ريڊ زون ۾ آهي جيڪو هڪ حساس علائقي طور مڃيو ويندو آهي جنهن جي ويجهو حساس عمارتون به آهن جڏهن ته سي ٽي ڊي آفيس به پوليس لائين ۾ ئي آهي. هن علائقي ۾ پشاور پوليس جو سربراهه ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جي آفيس به آهي.

ھي بہ پڙھو

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

پنجاب حڪومت پاران فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي …