پاڻي ڏيو -کاروڇاڻ کان نڪتل لانگ مارچ ساڪرو پھتو-شاندار استقبال

لانگ مارچ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ جلال شاھ، مٺو لاشاري، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمين جا اڳواڻ موجود

کاروڇاڻ کان 3 ڏينهن اڳ نڪتل پاڻي پهچايو تحريڪ جو قافلو مٺو لاشاري اياز لاشاري، حاجي سمن مرگهر، غلام مصطفئ چانڊيو، حق نواز رند، اسلم سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپور ساڪرو شهر ۾ پهچڻ تي آبادگارن، قومپرست اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر جلال شاھ، ملاح اڳواڻ آدم گندرو،ينگ سوشل نيٽ ورڪ ساڪرو جي اڳواڻ عبدالرزاق ڪلمتي، عوامي تحريڪ اڳواڻ مظهر لاشاري، ساڪرو سماجي فورم جي اڳواڻ امين ڪلمتي،آبادگار اڳواڻ يارمحمد لاشاري، حاجي محمد خان ڪاتيار، عبدالواحد ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلي جي پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان سياسي، سماجي ۽ شهري تنظيمن سميت هزارين ماڻهو مارچ ۾ شامل ٿي ويا هٿ وٺي ساحلي پٽي سميت پوري ضلعي اندر پاڻي جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي ڦُڙي لاء عوام ترسي رهي آهي، حڪومت اگهور ننڍ ۾ سُتل آهي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ جيستائين پاڻي نہ ملندو تيستائين تحريڪ جاري رھندي.

وڌيڪ پڙھو

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

پ پ پ ۽ ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم سان معاھدو رد ڪريون ٿا. ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس

سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن ۽ صحافين، تازو ايم ڪيو ايم، پيپلزپارٽي …