پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي سميت مختلف سماجي سياسي پارٽين جو گڏيل کارو ڇاڻ کان ٺٽو تائين لانگ مارچ شروع

پاڻي جي کوٽ  خلاف ايس ٽي پي سميت مختلف سماجي سياسي پارٽين جو گڏيل کارو ڇاڻ کان ٺٽو تائين لانگ مارچ شروع

ٺٽي جي ساحلي علائقي سميت پوري ضلعي اندر پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف کاروڇاڻ کان پيادل لانگ مارچ شروع ٿي ويو آھي ”پاڻي پهچايو تحريڪ“ جي پهرين مرحلي ۾ سنڌو درياء جي ڇوڙ واري هنڌ کاروڇاڻ زيرو پوائنٽ وٽان نڪتل احتجاجي لانگ مارچ ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ماهيگير تنظيمن جي اڳواڻن سميت متاثر آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، پاڻي جدوجهد ڪميٽي پاران شروع ڪيل لانگ مارچ جو قافلو ساحلي پٽي واري شهر ٻگهاڻ پھتو، تہ مارچ جي پانڌيئڙن جو شاندار استبال ڪيو ويو، رپورٽ موجب ٺٽي جي ساحلي پٽي وارن علائقن ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري، کاروڇاڻ ۽ ميرپور ساڪرو سميت پوري ضلعي ٺٽي اندر واهن ۽ شاخن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي عدم فراهمي سبب زرعي ۽ انساني آبادي لاء پيدا ٿيل پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف ٺٽي جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ساڃاه وند ڌُرين توڙي متاثر آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن پاران باضابطه طور تي پاڻي پهچايو تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٺٽي جي کاروڇاڻ واري سنڌو درياء جي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ واري هنڌ زيرو پوائنٽ ڦاٽ کان احتجاجي لانگ مارچ شروع ڪيو ويو ، لانگ مارچ جو قافلو جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن توڙي آبادگارن جي اڳواڻي ۾ کاروڇاڻ کان ٺٽي طرف روان دوان آهي، جيڪو شيڊول موجب رات جو ٻگهاڻ ٻگھاڻ ۾ قيام بعد ٻيھر اڳتي روانو ٿيندو، جڏهن ته اعلانيل لانگ مارچ ساحلي پٽي جي شهرن ڳاڙهو، ليٽ ۽ ميرپور ساڪرو کان ٿيندو هفتي بعد ٺٽي پهچندو ۽ ٺٽي پهچڻ بعد تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، ان سلسلي ۾ احتجاجي پيادل لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ پاڻي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن مٺو لاشاري اياز لاشاري، حاجي سمن مرگهر، ، بچل شاھ، اسلم سمون، ، ، حق نواز رند،علي اڪبر آرائين، محمد رمضان ميمڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته، ٺٽي جي ساحلي پٽي ۽ ڪوهستاني پٽي سميت پوري ضلعي اندر ڏڪاري حالتون پيدا ٿي ويون آهن، جڏهن ته ضلعي جي ساحلي پٽي وارن تعلقن جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ هٿراڌو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري آبپاشي کاتو ضلعي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻائي سُڪائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي علائقي ۾ پيئڻ لاء پاڻي به دستياب نه آهي، جيڪا سنگين صورتحال کي مدنظر رکي مجبور ٿي انهن لانگ مارچ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي، لانگ مارچ جو قافلو 25 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪري، مورڇڏائي بعد ٻگھاڻ پھتو، جتي ثمان بلوچ، نظير شاھ، پير گلاب شاھ، غلام نبي سمون، ابراھيم جت، يعقوب اوٺو، سآصف راڄڙ، حبيب اللہ اوٺو، ايوب سھتو، زاھد منور بلوچ، سلمان شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن، ڳوٺاڻن، شھري سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن شرڪت ڪري قافلي جو استقبال ڪيو، رات جو ٻگھاڻ ۾ قيام ڪرڻ بعد لانگ مارچ جو قاگلو صبح جو وري اڳئين منزل ڳاڙھو ڏانھن روانو ٿيندو.

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …