
پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 105 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 4 هزار 646نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪل انگ هڪ لک 8 هزار 317 ٿي ويو، پنجاب ۾ 40هزار 819، سنڌ ۾ 39هزار 555، خيبرپختونخواهه 14هزار 6، بلوچستان ۾ 6هزار 788، اسلام آباد ۾ 5هزار 785، گلگت بلتستان ۾ 952 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 412 شهري وائرس ۾ وٺجي ويا، عالمي وبا سبب هيل تائين فوتين جو انگ 2هزار 172 ٿي ويو، 35هزار 18 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.