پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي وري پابندي لڳي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ مشهور لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ  کي هڪ ڀيرو ٻيهر بلاڪ ڪيو ويو.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) طرفان جاري  پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ 2016ع جي لاڳاپيل قلمن جي روشني ۾ پي ٽي اي ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ ۽ ويب سائيٽ تائين پهچ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

جاري پريس ريليز موجب اِها ڪارروائي پليٽ فارم تي نامناسب مواد جي مستقل موجودگي ۽ پليٽ فارم جي اهڙي مواد کي روڪڻ ۾ ناڪامي جي ڪري ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ پڙھو

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث،  ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث، ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سنڌ جي ناليواري ليکڪ جي ٽي سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول …