پاڪستان ۾ تعليمي ادرا ڪڏھن جڙيا۽ انھن جو معيار ڇا آھي؟

پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ سون جي تعداد ۾ سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن جن مان سنڌ اندر 21 پبلڪ سيڪٽر ۽ 34 خانگي اعلى تعليمي ادارا آهن. پنجاب ۾ 37 پبلڪ سيڪٽر ۽ 27 خانگي ادارا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ 25 پبلڪ سيڪٽر ۽ 11 خانگي ادارا موجود آهن. بلوچستان ۾ 7 پبلڪ سيڪٽر ۽ هڪ پرائيويٽ سيڪٽر جي يونيورسٽي موجود آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 12 سرڪاري ۽ 6 پرائيويٽ سيڪٽر وارا اعلى تعليمي ادارا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 10 سرڪاري ۽ 2 خانگي يونيورسٽيون موجود آهن.

اسان جيڪڏهن ادارن جي قيام واري وقت کي ڏسون ٿا ته ڪي ادارا تمام گهڻا قديم ۽ ڪي ادارا نوان آهن، ڪي ادارا جديد ترين شهرن ۾ آهن جتي ٽرانسپورٽ کان ويندي هر سهولت موجود آهي ته ڪي وري پٺتي پيل علائقن ۾ آهن جتي شهري سهولتون تمام گهٽ آهن.

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سڀ کان قديم ادارو سنڌ يونيورسٽي آهي جيڪو سنڌ اندر موجود سمورن ادارن جي ماءُ سمجهيو ويندو آهي جتان پڙهي نڪرندڙ ماڻهن وٽ ملڪ جون واڳون آهن ۽ سماجي، سياسي توڙي هر شعبي ۾ سُڌ جي حوالي سان هن جو تاريخي ڪردار رهيو آهي. هي ادارو مادرِ علمي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سرڪاري انگن اکرن موجب 1944ع ۾ قائم ٿيو. ٻيو اعلى تعليمي ادارو ڪراچي يونيورسٽي آهي جيڪو سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ 1951ع کان وٺي موجود آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ڪئمپس بدين، ٺٽو، دادو، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، ميرپورخاص ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته تازو ئي يونيورسٽيءَ پاران ڪراچيءَ جي وسندي ملير ۾ پڻ هڪ ڪئمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مطلب ته هي ادارو هن وقت تقريبن سنڌ جي هر شهر ۾ تعليم جي روشني پکيڙي رهيو آهي. سنڌ اندر ميڊيڪل شعبي جي اهم يونيورسٽي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڄامشورو 1951ع ۾ ميڊيڪل ڪاليج بڻي. جڏهن ته 2001ع ۾ کيس يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو هڪ ڪئمپس خيرپور ۾ به موجود آهي. مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پهرين 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي نالي سان قائم ٿي، پوءِ 1977ع ۾ کيس خود مختيار يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو هڪ ڪئمپس خيرپور ۾ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي جتي انجنيئرنگ سان لاڳاپيل 6 شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر پوءِ وري 1987ع ۾ کيس خود مختيار يونيورسٽيءَ جو درجو مليو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور شڪارپور ۾ به پنهنجو هڪ ڪئمپس کوليو آهي. دائود انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي جو قيام 1962ع ۾ ڪاليج جي حيثيت سان ٿيو جنهن بعد هي ادارو مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو ۽ 2010ع ۾ کيس هڪ خود مختيار يونيورسٽيءَ جي حيثيت ملي.

ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي پيڙهه جو پٿر 1945ع ۾ سر هيوج ڊائو ڪاليج جي حيثيت سان رکيو جنهن کي ايڪويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي 2003ع ۾ يونيورسٽي جو درجو مليو. انجنيئرنگ سيڪٽر جو اهم ادارو اين اِي ڊِي يونيورسٽي (نادرشا اِيدلجي دِينش) جو بنياد 1922ع ۾ انگريز سرڪار وڌو ۽ ڪراچيءَ جهڙي ڪاروباري شهر ۾ هجڻ سبب هن جي حيثيت به تمام گهڻي آهي پر اڄ به هي ادارو سنڌ جي وڏي آبادي يعني ٻهراڙيءَ جي اڪثر نوجوانن لاءِ محدود سيٽون هجڻ سبب سڄي سنڌ کي فائدو ڏيڻ کان محروم آهي. انجنيئرنگ جو هڪ ٻيو ادارو قائدِ عوام يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه 1996ع ۾ يونيورسٽيءَ جي حيثيت اختيار ڪئي. سنڌ اندر زراعت جي شعبي ۾ تعليم جا ڏيئا ٻاريندڙ اعلى تعليمي ادارو سنڌ ايگرڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام 1977ع ۾ يونيورسٽي بڻيو. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچي 1955ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف پينسلوينيا جي سهڪار سان عمل ۾ آيو. سکر ۾ موجود ۽ ناليوارو ادارو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن سکر 1994ع ۾ قائم ٿيو ۽ هن اداري مختصر عرصي ۾ ڏاڍو نالو ڪمايو آهي. پرنس ڪريم آغا خان جي رهنمائيءَ ۾ سنڌ اندر تمام وڏو نالو ڪمائيندڙ ادارو آغا خان يونيورسٽي ڪراچي 1983ع ۾ قائم ٿيو. ماضيءَ ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي نالي ڪم ڪندڙ اداري کي 2012ع ۾ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو نالو ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي نالي تي قائم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) 1987ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو شاخون هن وقت دبئي، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن. ڪراچي ۾ قائم سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي 1993ع ۾ قائم ڪئي وئي. وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي 2002ع ۾ قائم ٿي جڏهن ته حڪيم محمد سعيد جي همدرد يونيورسٽي ڪراچي 1991ع، اقرا يونيورسٽي ڪراچي 1998ع، محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي 1998ع، انڊس يونيورسٽي ڪراچي 2003ع، ضياءُ الدين يونيورسٽي ڪراچي 1995ع، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي 2012ع، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد 1997ع، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد 2012ع ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو 2009ع ۾ يونيورسٽين جي حيثيت اختيار ڪئي. انهن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.

پنجاب سان واسطو رکندڙ اعلى تعليم ڏيندڙ ادارا عمر جي لحاظ کان سنڌ جي اڪثر ادارن کان وڌيڪ پراڻا آهن. بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان 1975ع، يونيورسٽي آف پنجاب 1882ع، فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي 1998ع، نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور 1875ع، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد 1906ع، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (يُو اِي ٽِي) لاهور 1921ع، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ٽيڪسلا 1975ع، يونيورسٽي آف وٽنري اينڊ اينيمل سائنسز 1882ع ۽ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور 2002ع ۾ قائم ٿي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اعلى تعليمي ادارا موجود آهن جيڪي پنجاب ۾ وڏي عرصي کان تعليم ڏئي رهيا آهن.

خيبر پختونخواهه ۾ اسلاميه ڪاليج پشاور 1931ع ۾ قائم ٿيو ۽ 2008ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ماڻيو. يونيورسٽي آف پشاور 1950ع، گومل يونيورسٽي ڊيرا اسماعيل خان 1974ع، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پشاور 1980ع، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر پشاور 1981ع، ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي 2001ع، هزاره يونيورسٽي مانسهره 2002ع، يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بنون 2005ع، خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور 2007ع، عبدالولي خان يونيورسٽي مردان 2009ع، باچا خان يونيورسٽي چارسده 2012ع، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شيرينگل اپر دِير 2009ع، يونيورسٽي آف سوات 2009ع، خوشحال خان خٽڪ يونيورسٽي ڪڙڪ 2013ع ۽ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي سوابي 1988ع ۾ قائم ٿيا.

بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خضدار 1987ع، بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز ڪوئيٽا (بيوٽمز) 2002ع، لسٻيلا يونيورسٽي آف ايگريڪلچر، واٽر اينڊ ميرين سائنسز لسٻيلا 2005ع، سردار بهادر خان وومينز يونيورسٽي ڪوئيٽا 2004ع، يونيورسٽي آف بلوچستان ڪوئيٽآ 1970ع، يونيورسٽي آف تربت 2012ع ۽ يونيورسٽي آف لورالائي 2013ع ۾ قائم ٿيون.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي 2002ع، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي 1980ع، نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل) 2000ع، نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) 1991ع، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز (پياز) 1967ع، قائدِ اعظم يونيورسٽي 1965ع ۽ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان انجنيئرنگ 2001ع ۾ قائم ڪيا ويا.

آزاد ڪشمير جي ميرپور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ميرپور 2008ع، يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير مظفرآباد 1980، يونيورسٽي آف پُونچ راولا ڪوٽ 2014ع، وومين يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير باغ 2013ع، يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪوٽلي 2014ع ۽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڀنڀر 2013ع ۾ قائم ٿيون

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …