پاڪستان ۾ اي ڪورٽس سسٽم شروع ٿي ويو

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي ڪورٽس جو سسٽم شروع ٿي ويو. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ اي ڪورٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ٽيڪنالوجي جي جهان ۾ هي انتهائي اهم قدم آهي، اي ڪورٽ ذريعي گهٽ خرچ ۾ فوري انصاف مهيا ٿي سگهندو، سموري دنيا ۾ پهريون ڀيرو اي ڪورٽس جو نظام آيو ۽ اُن جي شروعات پاڪستان ۾ سُپريم ڪورٽ مان ئي ٿي آهي. اي ڪورٽس سان سائلين تي مالي بار گهٽ پوندو. چيف جسٽس اي ڪورٽس نظام ٺاهيندڙ آءِ ٽي ڪميٽي جي ميمبرز جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مشير عالم کي خراج تحسين پيش ڪيو، گڏوگڏ نادرا چيئرمين جي ڪوششن کي به ساراهيو. سُپريم ڪورٽ پهرئين ڏينهن 4 مختلف ڪيسز جي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ڪندي، اي ڪورٽس سسٽم ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس ٻڌڻ واري سهولت پهرئين مرحلي ۾ سُپريم ڪورٽ لاهور ۽ ڪراچي رجسٽري ۾ مهيا ٿيل آهي.

وڌيڪ پڙھو

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

اهم فيصلا ڪري ورتا آهن اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ اعلان ڪنداسين: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسان اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. ايندڙ 48 …