پاڪستان پاران سرڪاري طور نئون نقشو جاري، ڪشمير کي نقشي ۾ شامل ڪيو ويو آھي.

 پاڪستان والاريل ڪشمير کي پنهنجَي نئين سياسي نقشي جو حصو بڻائي ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جِي منظوري بعد نئون سياسي نقشو جاري ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جو نئون سياسي نقشو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو پاڪستاني قوم جِي ترجماني ڪري ٿو، ڪشمير جو حل گڏيل قومن جَي ٺهرائن ۾ آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نقشي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اڄ کانپوءِ هِي نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو، سياچِن ڪالهه به اسانجو هو، اڄ به اسان جو آهي، نقشي بابت ڪشميري قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، جِي پاڪستان جَي موقف جِي حمايت ڪئي، ڀارت کي واضح پيغام آهي ته پاڪستان ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان سدائين گڏ آهي

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شهباز گل کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو …

Leave a Reply

Your email address will not be published.