پاڪستان جا حڪمران۽ مداري جو تماشو-ھوت خان گاڏھي

منهنجي آبائي شهر هالاڻي ۾ ساليانو ٻه ميلا لڳندا آهن هڪ اسان جي پاڙي گاڏهي محلا ۾ قائم درگاهه. پير لڪياري. جو ميلو ۽ ٻيو هالاڻي ۾ ٻائي سروپ چند جي سماڌي تي ويساکي جو ميلو. ويساکي جي ميلي تي تفصيلي مضمون الڳ لکندس. اڄ پنهنجي موضوع جي نسبت سان پير لڪياري جي ميلي جي ياد تازي ٿا ڪريون.
ٽيهارو کن سال اڳ سنڌ ۾ اڄ جيان جهجها ميلا لڳندا هئا پر انهن ۾ چار ميلا ترتيب وار. لال شهباز قلندر جو ميلو. ڀٽ شاھ جو ميلو. راڻي پور ۾ پير دستڳير جو ميلو ۽ هالاڻي ۾ پير لڪياري جو ميلو وڏا ميلا هوندا هيا. پير لڪياري جو هاڻي جيڪو ميلو مين روڊ تي ماڇي ڳوٺ وٽ لڳي ٿو اهو پهريان هالاڻي جي اولھ طرف ريلوي جي ڦاٽڪ کان روهڙي ڪئنال تي جڙيل پل طرف ويندڙ روڊ تي لڳندو هو جنهن ڦاٽڪ کي اڳ ۾ چيتن وارو ڦاٽڪ سڏيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ڦاٽڪ سان گڏ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ چيتن مل جو ريلوي پٽڙي کان روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تائين ڦهليل وڏو باغ هوندو هو. ميلو ڦاٽڪ کان شروع ٿي روهڙي ڪئنال تي اڏيل پل تائين اندازن ٽي ڪلوميٽر تائين ڊگھو ۽ ڏيڍ ڪلوميٽر تائين ويڪري ايريا تي ڦهليل هوندو هو. ميلي ۾ سجيل ڀلن اٺن گهوڙن جي ڊوڙ. پهرين جوڙ جي ملھ پهلوانن جي مقابلي وارو ملاکڙو ڪٻٽي جو مقابلو. ان وقت جا نالي وارا سرڪس جوبلي جنهن ۾ هاٿي. شاهين جنهن ۾ گهوڙا. لڪي ايراني جنهن ۾ شينهن تماشي لاءِ هوندا هيا. چار کن مختلف نالن سان موت جا کوھ جنهن کي اردو ۾ موت ڪا ڪنوان لکندا هيا. جانورن خاص طور عجيب خلقت جانورن جا چڙيا گهر. پروجيڪٽر تي فلم شو ڏيکارڻ واريون سينما. ٽي عدد ٿيٽر ڪمپنين جا ٿيٽر . جنھن ۾ مختلف تاريخي ڪهاڻين ڏند ڪٿائن تي لکيل ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا. انهن ۾ ان وقت جا مشهور فلم ايڪٽر. ڳائڻا اداڪارائون. ڊانسرز جهڙوڪ عنايت حسين ڀٽي سندس ڀاءُ اداڪار ڪيفي. نذر مشڪرو. عالم لوهار. عشرت چوڌري. سيان چوڌري وغيره ايندا هيا جن کي پرفارمنس ڪندي مون به سامهون ڏٺو. رڇ ڪتن جي بڇ جي ويڙهه. جنهن لاءِ ڪتن جا شوقين دهل شرنائين تي رڇ ۽ ڪتن کي سرگس ڪري هالاڻي شهر ۽ ميلي ۾ کين گهمائيندا هيا . جوا جون تڪريون جنهن ۾ ٺڳ ۽نورسر باز خوب ماڻهن کي ٺڳيندا هيا. سڄي ملڪ مان جيب ڪترا اچي ميلي ۾ لهندا هيا جن جا ميزبان مقامي ڳنڍي ڇوڙ هوندا هئا. مٺائي. سڪي ميوي. منيارڪي سامان ٻارڙن جي رانديڪن. گهريلو سامان. گهوڙن اٺن جي سنجن جون وڏيون بازاريون لڳنديون هيون. ميلو ٽي ڏينهن مردن ۽ هڪ ڏينهن عورتن لاءِ هوندو هو . ڏهاڪو کن عورتن جي مجري ۽ ايتريون ئي ڇوڪرن جي ناچ جون ۽ ڳائڻ جون محفلون لڳنديون هيون . ۽ هڪ وسيع علائقي تي مشتمل خيما بستي تي اڏيل بازار حسن جنهن کي سنڌي ٻولي ۾ ڳاڙهي بازار چوندا هئا جنهن جي رستن تي بونس جي لٺين وارا رضاڪار بيٺل هوندا هيا جيڪي ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيندا هيا . ميلي ۾ ٻن قسمن جا مداري ميلي جي خاص رونڪ ھوندا ھئا. مفت ۾ هجڻ سبب ۽ ڏينھن جو هجڻ سبب اسان جهڙن مفت خور اٺن کان پندرهن سالن جي ٻارڙن ۽ وات ڪٽلي ٿيل ميلي جي شوقينن جي انهن تي وڌيڪ رش هوندي هئي.. گاڏهين. نانگورن ٻين غريب ذاتين جي ٻارن کي وري پيسن وارا وڙ ڏسڻ لاءِ اهو فائدو هوندو هو جو خليفو خدا بخش نانگور ۽ اسان جي برادري جو چڱو مڙس سرائي ادا محمد ايوب گاڏهي ميلي جا منتظم هوندا هيا کين اختيار هوندو هو ته هو ڪنهن کي به ٿيٽر. سرڪس وغيره ۾ مفت موڪلي سگهندا هئا ۽ ٻئي دريا دل ماڻهون هيا سڄي ميلي ۾ اسان جهڙا مفت خوريا پيا کين ڳوليندا هيا…..
.. مون ڳالھ ٿي ڪئي ميلي ۾ ٻن قسم جي مدارين جي جيڪو اڄ منهنجو موضوع به آهي مٿين جهلڪ ان ڪري ڏيکاري جيئن اڄ جي نسل کي خبر پوي ته اسان جي جاگيرداري سسٽم جي ماضي ۾ اسان جون سماجي سرگرميون ڪهڙيون هيون. هڪڙا مداري هوندا هئا ڊٻڪي وارا جن وٽ هڪ يا ٻه ڀولڙا. هڪ ٻڪر هوندا هيا ڊٻڪي وڄائي ماڻهون ڪٺا ڪري ڀولن ۽ ٻڪر جا ڪرتب ڏيکاري آخر ۾ ٻڪر کي مٿي آسمان ڏي منهن ڪرائي ۽ ڀولڙن کي پٺي ڀر ليٽائي چوندا هئا ﷲ پاڪ جي واسطي بکئي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڏيو. پوء تماشي ۾ موجود ماڻهن منجهان ڪافي ماڻهون سڪا اڇليندا هيا جيڪي ميڙي هو ٻئي پڙ ڏانهن روانو ٿي ويندو هو.. ٻيا مداري هوندا هئا بانسري وارا جادوگر مداري ان وٽ هڪ عدد بانسري. اٺن ڏهن سالن جو هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو هوندو هو بيٽا جمهورا ۽ هڪ ٿلهي ڪپڙي جي بجڪي جنهن ۾ ڪافي قسم جا ٽولس ۽ رانديڪا پيل هوندا هئا. زور زور سان بانسري وڃائي ماڻهون گڏ ڪندو هو. پوءِ بجڪي مان سامان ڪڍڻ شروع ڪندو ان سامان ۾ ڪاٺ جا مختلف مهرا. گهوڙا. هاٿي. گڏا گڏيون وغيره جيڪي چوڌاري مجموعي جي سامهون مختلف جاين تي رکندو ويندو مجموعي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ ۽ مجموعي کي پنڊ پهڻ ڪرڻ لاءِ انهن رکيل شين کي ڪهڙا ڪهڙا ڪرتب ڏيکارڻا آهن پيو بار بار دهرائيندو هو پر انهن جو ڪو ڪرتب شروع نه ڪندو هو سڄو مجموعو وٽس سوگھو ٿي ويندو هو. ان وچ ۾ ٽي چار مذهبي نعرا هڻائي رهيل ڪم به پورو ڪري ڇڏيندو هو. وري بانسري وڃائڻ شروع ڪندو ساڻس گڏ ڇوڪري کي بلند آواز ۾ سڏ ڪندو بيٽا جمهورا هو موٽ ۾ چوندو جي استاد جي. وري کيس چوندو هو گهوم ڪي آء ڇوڪرو چوندو استاد گهوم ڪي آيا. پوءِ چوندس بيٽا جمهورا وو جو تيسري لائن ۾ بلو ڪپڙي والا بهائي کڙا هي اس ڪي جيب ۾ ڪيا هي ڇوڪرو چوندو استاد اس ڪي جيب ۾ لال رنگ ڪا رومال. ڪيٽو سگريٽ ڪي دبي شمع ماچيس تين دس روپي ڪي نوٽ ايڪ پانچ روپي ڪا نوٽ هي. پوء مداري ان بلو ڪپڙن واري همراه کي منٿ ڪري چوندو ڀاءُ ۾ اپڪو نهين جانتا آپ مهرباني ڪرڪي اجائو اهو همراه سامهون ايندو هو سندس کيسي مان ساڳو سامان نڪرندو هو جيڪو بيٽو جمهورو چوندو هو . پوء تاڙين جا ڦهڪا ٿي ويندا هيا. مداري وري باسري وڄائڻ شروع ڪندو. پوءِ بجڪي مان تازو ليمون ۽ ڇري ڪڍندو مجموعي جي چوڌاري سڀني کي ليمون ۽ ڇري ڏيکاريندو تقرير ڪندو ويندو هو مجموعي کي متوجه ڪري ليمي کي ٻه اڌ ڪندو ۽ ليمي مان تازو ڳاڙهو رت وهڻ شروع ٿي ويندو هو وري تاڙين جو ڦهڪو ۽ بانسري شروع وري رکيل مهرن جا ايندڙ ڪم ٻڌائيندو. پوءِ بجڪي مان ڪڪڙ جو بيدو ۽ سيون اپ جي خالي بوتل ٻئي ڪڍي مجموعي اڳيان نمائش ڪري کين ڏيکاري بيدي کي بوتل جي سوراخ تي رکي پاڻ بانسري وڄائڻ شروع ڪندو بيدو آهستي آهستي ڪري سوڙهي سوراخ مان ٿي بوتل ۾ هليو ويندو هو ۽ زوردار تاڙيون وڄڻ لڳنديون هيون. پوءِ ڇوڪري جي مٿان اڇي چادر وجهندو هو ۽ بانسري وڄڻ شروع ٿيندي تقرير ڪندي بجڪي مان ڪجهه شيون ڪڍندو وري وجهندو ڇوڪري کان سوال جواب ڪندي ليمي واري ساڳي ڇري سان زمين تي سڌو ستل چادر ۾ ڍڪيل بيٽي جمهوري جي منڊي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو هو ڇوڪرو تڙپڻ شروع ڪندو هو ۽ چند منٽن ۾ مڪمل شانت ٿي ويندو هو ۽ چادر تي رت وهڻ شروع ٿي ويندو هو ۽ ڇري به رت سان ڳاڙهي ٿي ويندي هئي سڄو مجموعو بلڪل سندس ڪنٽرول ۾ ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هو . وري بانسري شروع ۽ رکيل مهرن جي ايندڙ ڪمن تي تقرير شروع. وري بجڪي مان پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ پيل واري ڪڍندو هو پاڻي جي ڀريل گلاس ۾ اها واري وجهي سڄي مجموعي کي ڏيکاري پوءِ گلاس مان پاڻي هاري وري گلاس مان آلي واري بجاءِ سڪي واري ڪڍي مجموعي کي پٽ تي ڇٽي ڏيکاريندو هو ته تاڙين جو وري ڦهڪو ٿي ويندو هو پر سڀني جي نظر سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل ٻار تي هوندي هئي. هو وري بانسري وڄائڻ شروع ڪندو هو سڄي مجموعي کي چڪر لڳائي جڏهن ڇوڪري جي ڀرسان پهچندو هو ته سندس بانسري اچانڪ بند ٿي ويندي هئي. مڙس سخت پريشان ٿي ويندو هو وري وري بانسري کي وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو پر مجال آهي جو بانسري وڄي پوءِ وٺي رڙيون ڪندو هو ته ڪنهن منهنجي سڄي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي مان هن ٻار کي ڪيئن زندھ ڪندس ۽ هنن مهرن کان ڪيئن اوهان کي ڪرتب ڏيکاريندس پوءِ مجموعي اڳيان ٻانهون ٻڌي ايلاز ڪندو هو ته ڪير آهي جنهن منهنجي سگھ ختم ڪئي آهي بحال ڪري ته مان هن ڇوڪري کي زندھ ڪريان ته سندس ٻانهن ٻڌل هٿ به هڪ ٻئي سان چنبڙي ويندا هئا سخت ڪوشش کان پوءِ به جڏهن سندس هٿ نه کلندا هيا ته پوءِ چوندو ڪير به آهي ان کي واسطو آهي ﷲ پاڪ جو. پنجتن پاڪ جو قرآن شريف جو مون تي رحم ڪر.. ان دوران هڪ نوراني چهري وارو اڇو وڳو پهريل هلڪي ڏاڙهي وارو همراه مجموعي مان نڪري نروار ٿيندو هو. اچڻ سان ٻٽي آيتون پڙهندو هو. پوءِ صلواتون ۽ مقدس نعرا هڻائي پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائيندو هو ته هو حافظ قرآن آهي. سيد آهي. فلاڻي مقدس گادي سان تعلق رکندڙ آهي وغيره وغيره ۽ سندس ڪم آهي ته مداري جهڙن دين جي دشمن کي قرآن پاڪ جي علم ۽ طاقت سان زير ڪري توبه تائب ڪرائي دين کي بلند ڪري پوءِ وري ٻٽي قول ۽ هديثو ٻڌائي سڄي مجموعي کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو۽ ساڳيو مجموعو مداري بجاء سندس شان ۾ تاڙيون وڄائڻ شروع ڪندو هو . پوءِ سندس پيرن ۾ پيل مداري کان پڇندو هي ڪم ڇوٿو ڪرين مداري روئيندي چوندو هو سائين پنهنجي ۽ ٻچن جي بکئي پيٽ خاطر. پوءِ سيد سڳورو مجموعي کان پڇندو هو بابا هاڻي کيس جهجهي سزا ملي آهي مان سيد آهيان ڪنهن کي نقصان نٿو پهچائڻ چاهيان کيس معاف ڪريون سندس لفظن جي ادائگي اهڙي هوندي هئي جو سڄو مجموعو يڪ آواز ٿي چوندو هو سائين معاف ڪريوس. پوءِ شاھ صاحب دل ۾ آيت پڙهي پهريون سندس هٿ کوليندو هو. هٿ کلڻ شرط مداري سندس پيرن تي ڪري پوندو هو ۽ چوندو هو شاه صاحب آپ هر لحاظ سي اعلي مقام رکهتي هو آپ لولاڪ ڪي مالڪ هو يهان سي جاني ڪا نه ڪرايا هي نه خاني ڪي لئي ڪڇه هي. پوءِ شاھ صاحب سري اچي ڏڙ کان ڌار سسي جي مٿان بيهندو هو ۽ چوندو هو هن معصوم ٻار تي ترس ٿو اچي. پوءِ آسمان ڏي نھاريندي چوندو هو جيڪي به پنج تن پاڪ کي مڃيندڙ آهيو قرآن پاڪ تي ايمان رکندڙ آهيو آهي مون سيد جي چوڻ تي هن جهولي ۾ وجهو پوءِ پنهنجي قميص جي جهولي پهلائي چوندو هو هن سيد جي جهولي واسطي جيڪو اٿو هن جي مدد ڪريو پنڊ پهڻ ٿيل مجموعي وٽ جيڪو وکر هوندو هو سڀ ڪجهه شاھ صاحب جي نظر ڪندا ويندا هئا ۽ ڪجهه ته سندس هٿن تي چميون به ڏيندا ويندا هئا ايئن کوڙ سارا گڏ ٿيل پيسا ۽ بانسري مداري جي هٿ ۾ ڏيندي چوندو هو هاڻي وڄاء ڏس بانسري وڄڻ شروع ٿي ويندي هئي. شاھ صاحب هٿ وڌائي ڇوڪري جي سسي ڌڙ سان ملائيندو هو جيڪو اشاري سان جيرو سلامت پر رت لڳل ڪپڙن سان اٿي بيهندو هو تاڙيون وڄندي مداري پنهنجا سامان ميڙڻ شروع ڪندو هو پکڙيل مهرن جو ڪمال ڏيکارڻ کان سواءِ بجڪي ۾ وجھندو ويندو هو ۽ شاھ صاحب نظر نه ايندڙ ڪنهن قوت جيان گم ٿي ويندو آهي ۽ وري وقت جي ٿوري وٿي ۽ مٽيل جڳھ تي مٽيل نالن سان وري ساڳي ڪرتب سان ساڳين مفادن خاطر ٿورو هليو مٽائي عوامي مجموعي ۾ موجود هوندا آهن۽ مجموعو ڪنهن وقت مداري ۽ ڪنهن وقت شاھ صاحب جي شان ۾ تاڙيون وڄائيندو هو ۽ وڄائيندو رهي ٿو….. .. مون ميلي ۾ مداري جو کيل ڏسندي جڏهن هاڻي پاڪستان جي 73 سالا اقتداري بسات تي نظر وجھان ٿو ته سمجھ ۾ اچي ٿو ته مداري وارا سڀ ڪردار هتي به ساڳي عمل سان موجود آهن پر؛ اها خبر نٿي پوي ته مداري هنن وٽان سکيا آهن يا هي مدارين وٽان

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …

Leave a Reply

Your email address will not be published.