پاپوليشن ويلفيئر کاتي جا ملازم حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي اچي ويا، ڪراچيءَ ۾ احتجاج

ڪراچي ( پ ر ) پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون ڪندڙ 1250 سوشل ميل موبلائيزرن سنڌ حڪومت پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ طرفان پڪو نه ڪرڻ ـ گريجوئيشن جي بنياد تي مناسب گريڊ نه ڏيڻ ۽ انتقامي ڪارروائي طور گذريل 4 مھينن کان پگھارون جاري نه ڪرڻ  خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۽ وزيراعلي ھائوس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ـ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ميل موبلائيزرس ايسوسيئيشن فار بيٽر ڪميونٽي سروسز، پاپوليشن ويلفئير کاتي سنڌ جي صدر محمد اسماعيل لنجواڻي، سينيئر نائب صدر محمد حيات گولو، نائب صدر امام ڏنو ناهيون، جنرل سيڪريٽري عبدالغني لغاري، منير جاگيراني ـ عبدالرزاق بروھي ـ  نياز علي لغاري،  فياض علي ناريجو، ضلعي عهديدارن اربيلو ڳنڀير، انور علي بروهي،  محمد شريف هاليپوٽو، نثار احمد خاصخيلي، ڪرشن لال، اياز حسين سهتو،  قمرالدين جوڻيجوـ عبدالعزيز بروھي، بختيار علي هڪڙو، منظور علي رند ـ منصور احمدـ عليشير لنڊ ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاپوليشن ويلفيئر اهم کاتو هئڻ باوجود ان تي به ڌيان ڏيڻ لاء تيار نه آهي 21 ورهين کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ اسان گريجوئيٽ سوشل ميل موبلائيزرس جي داخل 15 کان وڌيڪ قانوني پٽيشنن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سرڪٽ 12 مارچ 2018 ع تي پڪو ڪرڻ وارو فيصلو ڏئي چڪي آهي، جنهن فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪيل توهين عدالت ڪيس به  اسان جي حق ۾ اچي چڪو آهي پر اڃا تائين سنڌ حڪومت پڪو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي مورڳو کاتي جي انتظاميا طرفان انتقامي ڪارروائي طور گذريل 4 کان 5 مھينن جون پگھارون  بند ڪري عيد جي خوشي واري موقعي تي به  پريشان ڪري خودڪشيون ڪرڻ جھڙو ڪيو ويو آهي سوشل ميل موبلائيزرن عدالتي حڪم باوجود  پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي عملدارن جي  انتظامي سستي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سوشل ميل موبلائيزرن کي پڪو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽  رھيل پگھارون جاري ڪيون وڃن سوشل ميل موبلائيزرن ٻڌايو ته پڪو ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت پاپوليشن کاتي خلاف داخل 15 کان وڌيڪ داخل قانوني پٽيشنن ۽ توھين عدالت ڪيسن تي ٻڌڻي اڄ 30 مئي 2019  تي ٿيندي جيڪي ڪيس جسٽس عزيز الرحمان ۽ جسٽس عدنان ڪريم جي سربراھي ۾ جوڙيل ٻه رڪني بينچ ۾ ٻڌا وينداـ ياد رھي ته وڏي وزير طرفان 21 ورھين کان گريجوئيشن جي شرط تي ڪانٽريڪٽ تي مقرر سوشل ميل موبلائيزرن کي عدالتي حڪم تي ھڪ گريڊ ۾ پڪو ڪرڻ واري سمري منظور ٿيڻ باوجود پڪو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سوشل ميل موبلائيزر  گذريل ڪيتري  عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهن

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …