
بحريا ٽائون انتظاميہ پاران ڳوٺ ڪمال جوکيو تي چڙھائي ۽ ڳوٺاڻن تي تشدد فائرنگ جون جئين ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون تہ سوشل ميڊيا تي احتجاج شروع ٿي ويو ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي پر سخت احتجاج ڪيو ويو . سي نو ٽو بحريا ٽائون جي ھيشٽيگ سان شام 4 بجي کان شروع ڪيل ٽرينڊ پاڪستان ۾ ٽاپ تي رھيو. ان ھيشٽيگ تي 50 ھزار جي لڳ ڀڳ ٽوئيٽس ڪيا ويا. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ھيشٽيگ استعمال ڪندي لکيو تہ بحريا ٽائون جي نالي ۾ سنڌ جي زمين دھشتگردي سان قبضو ڪيو پيو وڃي . ھنن سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت خود ھن قبضي واري معاملي ۾ شامل آھي ٽوئيٽر تي لکيو تہ