ٽوئيٽر تي سنڌو درياءَ تي ڀاشا ڊيم خلاف تاريخي ٽرينڊ، سوا چار لک ٽوئيٽس ڪيا ويا

سنڌو درياءَ تي ڀاشا ڊيم اڏڻ خلاف ڇنڇر واري ڏينهن سنڌ جي مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن شاگردن اديبن وڪيلن صحافين شاگردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن پاران 4 لک 7 هزار ٽوئيٽس ڪري تاريخي ٽرينڊ ٽاپ ڪري ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو. اڱاري جي ڏينهن ٽوئيٽر تي امتياز سمون، رستم شاه ، انور کوسو، ڪامريڊ جعفر سنڌي ،مختيار لغاري، مصري لِڙڪو سرتاج ترڪ،جي ايم لغاري ۽ٻين ٽوئيٽ ڪري 16 مئي تي ڊيم خلاف مهم هلائڻ جي اپيل ڪئي جنهن جي موٽ ۾ خالد ڪوري، مجيب الرحمن، نور احمد ڪاتيار ۽ ٻين حمايت ڪندي اعلان ڪيو ائين ٻن ڏينهن اندر جاگرتا مهم هلائي وئي. ڇنڇر جي ڏينهن هزارين سنڌين بنا پارٽي جي فرق جي ٽوئيٽ ڪيا ائين ڏسندي ڏسندي ٽرينڊ رات جو چاير لک ڪراس ڪري ويو. ان دوران مختلف سياسي پارتين کانسواءِ ايس ٽي پي چيئرمين محترم ڊاڪٽر جبه ٽوئيٽ ڪري نوجوانن جي حوصئا افزائي ڪئي ۽ لکيو ته سنڌ هاڻي سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم يا ڪٽ قبول نه ڪندي پاڪ پاليٽڪس پاران جاري ڪيل لسٽ موجب ٽين ٽاپ ۾ ٽرينڊ پهرين نمبر تي رهيو #NoDamOnIndusRiver

جڏهن ته ان ٽرينڊ سڀ کان زياده ٽوئيٽ ڪندڙن ۾ ،سرتاج ترڪ،عروسا کٽي، جنت خاتون، عاجز جمالي،سنڌومير، خالد ڪوري ،امتياز سمون،انور کوسو، خليل سمون مصري لڙڪو، ۽ٻيا شامل هئا

وڌيڪ پڙھو

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث،  ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث، ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سنڌ جي ناليواري ليکڪ جي ٽي سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول …