ٽنڊومحمد خان ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل جمنا جا جوبدارگرفتار-ڪيس داخل-جوبدارن جي جمنا سڃاڻپ ڪري ڇڏي-ٻن ڏينھن تائين زيادتي جو نشان بنايو ويو

ٽنڊو محمد خان ۾ زبردستي ڪچو شراب پياري زيادتي جو ٻن ڏينھن تائين نشانو بڻائي گرائونڊ ۾ اڇلائي ويندڙ نياڻي جمنا جا جوبدارن ٽنڊو محمد پوليس گرفتار ڪري ورتا آھن . گذريل رات دير سان ڪيس داخل ڪيو ويو، جئين ئي سوشل ميڊيا تي جمنا جي معاملي جي وڊيو وائرئل ٿي تہ سڄي سنڌ جو شديد ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو، جمنا سان ٿيل زيادتي ۾ ملوث جوبدار روشن شيخ ۽ رجب عرف جگنو شيخ کي گرفتار ڪري مٿين ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايس ايس پي ٽنڊومحمد خان جي مطابق نياڻي کي ٻن ڏينھن تائين زيادتي جو نشانو بنايو ويو ھو، کيس زبردستي ڪچو شراب پياري نشي واري حالت ۾ ساڻس زيادتي ڪئي وئي . جوبدارن جي گرفتاري واري عمل کي سوشل ميڊيا تي پوليس جي کنيل تڪڙن قدمن کي ساراھيو پيو وڃي

جمنا ڪيس بابت وڌيڪ پڙھو

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …