ٽنڊو محمد خان-جمنا واقعي ۾ ڪوڏو شيخ ۽ روشن ملوث آھن-متاثر نياڻي کي شراب جون ٻہ بوتلون پياريون ويون. جمنا جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالھيون

ٽنڊومحمد خان -نامعلوم وحشي پينو نياڻي کي ڏاڍائي جو شڪار بنائي فوجي شگرمل گرائونڊ ۾ اڇلائي ويا- سول اسپتال حيدرآباد مان نياڻي کي واپس ٽنڊو محمد خان روانو ڪيو ويو.اسپتال جي عملي جي رويي تي سڄاڻ ڌرين پاران سخت تنقيد

ٽنڊو محمد خان فوجي شگر مل گراؤنڊ تي نامعلوم وحشي جوابدارن هڪ تيرهن سالن جي نياڻي جمنا ڌيء مٺو فقير سامي ويٺل جاتي ضلعو سجاول کي بيهوشي جي حالت ۾ ڦٽو ڪري ويا ابتدائي رپورٽ مطابق نياڻي کي نشو ڏئي ساڻس سان جنسي ڏاڍائي ٿيل آھي، نياڻي پني پنھنجي گھر وارن جو پيٽ پاليندي ھئي مليل معلومات موجب جمنا کي نامعلوم ماڻھو شراب پياري جنسي زيادتي جونشان بنائڻ کانپوءِ ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگر ملز گرائونڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو. جتي نينگري هوش اچڻ بعد نشي واري حالت ۾ تڙپي رهي هئي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي آهي. شهرين جي اطلاع تي سٽي پوليس نينگري جمنا کي سول اسپتال پهچايو. جتي شروعاتي ميڊيڪل چيڪ اپ دوران نينگري سان لڄالٽ جي تصديق ٿي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته گهڻو رت وهڻ ڪري نينگري جي حالت خراب ٿي وئي هئي، جنهن سبب کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٽنڊي محمدخان سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او صلاح الدين رستماڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نينگري هوش ۾ اچڻ بعد ٻڌايو آهي ته 2 ڄڻن شراب پياري زيادتي جو نشاڻو بڻايو. هن چيو ته نينگري جي حالت مان اهيو لڳي رهيو آهي ته ساڻس ڏاڍائي ٿي آهي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته نينگري جوابدارن کي سڃاڻي نه ٿي سگهي، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، جلد کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. متاثر نياڻي جي پيءُ مٺو جوڳي جو چوڻ هو ته منهنجي ڌي سان ظلم ٿيو آهي. اسين غريب مسڪين جوڳي آهيون. اسان جي ڪنهن سان به ڪابه ذاتي دشمني نه آهي. اسين پني پنهنجو پيٽ پاليون ٿا. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. . پوليس موجب نياڻي جي ميڊيڪل ڪرائي پئي وڃي جلد ملوث جوابدرن کي گرفتا ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙھو

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي:(ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سي اين …