حيدر آباد پريس رليز
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ٽنڊوالهيار ۾ پارٽي اڳواڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جي ٽين ورسي جي موقعي هزارين ماڻهن جي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي هڪ بهادر ۽ ڌرتي جو غيرتمند پٽ هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي مظلومن جي لاءِ وقف ڪئي کيس سنڌ هميشه ياد رکندي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ملڪ ۾ شامل سمورن صوبن کي برابري جي بنياد تي حق نه ڏنا ويندا تيستائين ملڪ مختلف بحرانن مان گذرندو رهندو. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مٿان مسلسل 15 سالن کان حڪمران رهندڙ پ پ پ سنڌ کي ڪجهه نه ڏئي سگهي آهي سنڌ جي اندر بک بدحالي ۽ بدامني عروج تي آهي. عوام کي صحت تعليم ۽ روزگار جون سهولتون ناهين. هر ادارو ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. سنڌ ۾ منشيات فروشي سرعام آهي جنهن سبب سنڌ جو نوجوان نسل تباھ ۽ برباد ٿي رهيو آهي. ضلعن جا چونڊيل نمائيندن کانويندي انتظامي ڪامورا ان ڪاروبار ۾ حصيدار بڻيل آهن. سنڌ جون زمينون تحفن ۽ ڀڳن مٺ تي کپائي پ پ پ پنهنجو اقتدار حاصل ڪندي رهي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مٿان مسلط ڪيل جاگيردار ،وڏيرا ۽ سردار سدائين مفاد پرست رهيا آهن انهن کي صرف پنهنجا ذاتي مفاد عزيز هوندا آهن. اهي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سيٽ جي لاءِ آمرن ۽ اقتدار ۾ ايندڙ ڌر جو ساٿ ڏيندا رهيا آهن. جلسي کي وڌيڪ خطاب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن کي شفاف بڻايو وڃي ان ۾ اسٽبلشمينٽ جي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي. هن ملڪ ۾ جهموريت جي لاءِ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا. ڪنهن طاقتور ڌر کي اهو حق ناهي اها اقتدار وارابندي سان ورهائيندي رهي. ڊاڪٽر قادر مگسي فلسطين مٿان اسرائيل جي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو ته فلسطين مٿان ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ جي لاءِ اقوام متحدہ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو پاڪستان جو نگران وزير اعظم اسلام آباد ۾ ۽ صوبن جا وزير اعلي پنهنجي پنهنجي صوبن جي گادي واري شهرن ۾ سرڪاري سطح تي عوامي احتجاج جو سڏ ئي اڳواڻي ڪن. پاڪستان جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پرامن احتجاج جي ذريعي فلسطين مٿان جاري ظلم بند ڪرائڻ ۾ مظبوط آواز بڻجي سگهي ٿو. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿي انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پورهيت ۽ سنڌ دوست ڌرين جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ايندڙ اليڪشن ۾ ايس ٽي پي سڄي سنڌ ۾ هنن ڀوتارن جو مقابلو ڪندي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند جي مرڪزي اڳواڻ گلزار سومرو ، حيدر ملاح ، قادر چنا ، نثار ڪيريو ،گوتم چنا وينجھار جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
