ٻڏل خيرپور ناٿن شاهه ۽ اليڪشني سياست- حيدر ملاح


نومبر 2022 ۾ مان ايس ٽي پي پاران “ٻوڏ متاثرن جي زندگين جي بحالي ڪانفرنس” ۾ خيرپور ناٿن شاهه ويو هئس.
ان وقت اڃان شهر جي لائيٽ بند هئي ناٿن شاھ جي باءِ پاس سان پاڻي بيٺل هو.
ايتري تائين جو ڳوٺن کان خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايندڙ ماڻهو اڃان پاڻي جهاڳڻ لاءِ ٻيڙيون استعمال ڪري رهيا هئا.
سڄو شهر اجڙيل هو.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ خيرپور ناٿن شاهي ان ڏينهن حڪمرانن تي ڏاڍا ڪاوڙيل هئا.
ان کان اڳ ھٿرادو ٻوڏ دوران خيرپورناٿن شاھ جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي اڪثريت قاسم آباد ۾ آيل هئي جيڪي سرڪاري اسڪولن جي ڪيمپن ۾ ترسيل هئا. ايس ٽي پي جا ساٿي انهن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جي بندوبست ۾ اڳيان اڳيان هئا.ٻئي طرف سرڪار پاران سمورو عرصو ڪوشش رهي ته اسڪول خالي ٿين.
قاسم آباد جي هڪ اهڙي ڪيمپ ۾ محترم ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سان گڏ منهنجو به وڃڻ ٿيو هو ، خيرپور ناٿن شاهه جي ٻوڏ متاثرن جو ان ڪيمپ ۾ اهو آخري ڏينهن هو. موڪلاڻي واري شام ۾ ايس ٽي پي ضلعي حيدرآباد پاران سياسي جلسي ۽ راڳ رنگ جي محفل رکي ويئي هئي.
خيرپور ناٿن شاهه جون ڀينرون، مائرون، انهن جون نياڻيون انهن جا پٽ، انهن جا ور ان ڪيمپ جي الوداعي تقريب ۾ موجوده هئا، ٻئي ڏينهن صبح جو کين جهريل اباڻن ڪکن ۾ وڃڻو هو.
هو اسان جي تقريرن دوران پرجوش هئا. مردن پنهنجي ڏاڙهي ۽ عورتن پنهنجي سينڌ جو قسم کڻي وچن ڪيو هو ته هو پ پ کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندا.
اسان نياڻين کي اجرڪون اوڍائي کين خيرپورناٿن شاھ لاءِ روانو ڪيو هو. ان اميد سان ته ايڏي وڏي تباهي کان پوءِ هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ عزت ڀريو فيصلو ڪنديون.
پر ٿيو ڪجهه ٻيو
ڪالھ 15 جنوري 2023 تي بلدياتي اليڪشن جي نتيجن ۾ هٿ سان ٻوڙيل خيرپور ناٿن شاھ مان پ پ جا اميدوار کٽي آيا آهن.
ھٿرادو ٻوڏ ان ڪري مان لکان ٿو ڇاڪاڻ خيرپور ناٿن شاھ کي ان ئي هنڌ تي جڙندي ٻه صديون ٿي ويون آهن، ٻنهي صدين ۾ ڪڏهن به خيرپور ناٿن شاهه ناهي ٻڏو.
ناٿن شاھ شهر کي 2010 ۽ 2022 ۾ هٿ سان ٻوڙيو ويو.
آخر ڪهڙو سبب هو جو ذلتن جا ماريل ماڻهو ورائي ورائي انهن ماڻهن کي ووٽ ڪن ٿا جيڪي انهن جي زندگين کي ذلتن ڏانهن ڌڪيندا رهن ٿا.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته.
1.گذريل چئن ڏهاڪن کان رياست جيڪو سياسو بيانو ٺاهيو آهي ته “ڪجهه نه ٿيندوسياست جي معني آهي دوکو، ڪوڙ”, ان بياني جا سنڌي سماج تي وڏا اثر پيا آهن.
2.سنڌي سماج کي راڄن، برادرين، ذاتين، قبيلن ۾ ورهائڻ واري رياستي منصوبابندي ڪافي حد تائين ڪامياب ويئي آهي. جنهن ڪري ماڻهو، اخلاق، سياسي ڪردار ۽صلاحيت ڏسڻ بدران پنهنجي ذات جي ماڻهو کي ووٽ سان گڏ زندگي جي هر ڪارونهوار ۾ اهميت ڏيڻ شروع ڪئي آهي.
ان پويان نفسياتي پھلو اهو آهي ته عام ماڻهو هن وقت سماجي طور پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو،هو ذات برادري ۾ پنهنجو تحفظ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
3.قومپرست سياست پاران اليڪشني سياست کان اڌ صدي جي لاتعلقي سبب عام ماڻهن قومپرستن لاءِ ذهن ٺاهي ورتو آهي ته هي قوم پرست فقط مظاهرن ۽ احتجاجن وارا ماڻهو آهن. وڌيڪ وڏي ڪم لاءِ مناسب ناهن.
اسان جا قوم پرست به سالن کان اهو چوندا اچن ته اسان جو اوهان سان رشتو ووٽ وارو ناهي سر ڏيڻ وارو آهي.جڏهن رشتو ئي ووٽ وارو ناهي ته ماڻهو ووٽ ڇو ڏيندا.
4.ماڻهن وٽ سالن کان پ پ جي متبادل طور ليگ رهي آهي يا ان جو ڪو گڏيل اتحاد، جن جي ڪارڪردگي به ڪا پ پ کان ڀلي نه رهي آهي. ساڳيو پ پ وارو مٿيون ڪلاس انهن جي سامهون اچي ٿو.
ڀلا مراد علي شاھ ۽ لياقت جتوئي جي حڪمراني ۾ ڪهڙو فرق آهي.
عام ماڻهو، بد کان بدترين جي چونڊ ڪن ٿا. سنڌي جي چوڻي آهي “گڏھ کان گهوڙي جي لت ڀلي. ” سچ ته عام سنڌي ماڻهو اڃان تائين “گڏھ کان گهوڙي جي لت “کي اهميت ڏيئي ٿو.
5.مڊل ڪلاس جيڪو روشن خيال سمجهيو ويندو آهي ان جي لاتعلقي يا وري مورڳو ئي سو ڊگرين جي موقعي پرستي جي ڪلابازي هڻڻ، ڄڻ ته مڊل ڪلاس اهو طعه ڪري ڇڏيو آهي ته سياسي طور هر صورت ۾ حڪمرانن سان ئي بيهڻو آهي.
“پنهنجي ناهي ٻارڻي….! “
سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ مڊل ڪلاس جئين ته تاريخي پراسز مان ناهي جڙيو پر ٺڳين، ڪرپشن ۽ حڪمرانن جي آشيرواد سان پيدا ٿيو آهي ان ڪري اهو پنهنجو تبديلي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ کان هن وقت قاصر لڳي پيو.ويتر رياست جي ادارن جي ڳرن ٽيڪسن هڻي ان کي منڊو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي “منڊي گهوڙي کيڙيءَ ۾ ڪيئن ڊوڙي”

هاڻي ٿيڻ ڇا گهرجي؟

1.اسان مان وڏي اڪثريت تڪڙ جي پاسي بيهڻ جي عادي آهي،يعني انهن روحاني طور بي تاب ماڻهن کي نتيجا به تڪڙا ٿا کپن.
اوهان ڪڏهن انڊس هاءِ وي تي وين ۾ سفر ڪري ڏسو. ڊرائيور کان وڌيڪ مسافرن کي تڪڙ هوندي آهي. پيا ڊرائيور تي سڄي واٽ ٽوڪون
ڪندا.
بار بار پيا چوندا.
“تو واري وين کان ڀلو هو غلامون جي گڏھ گاڏي تي سفر ڪريون ها.پوءِ ڊرائيور به اجائي غيرت جي گوري کائي وڃي وين کي کاهي ۾ هڻندو آهي.
نتيجو” مسافر، وين ۽ ڊرائيور ٽئي چٺ “
ائين سياست ۾ نتيجن وٺڻ لاءِ به اسان تڪڙا آهيون. اسان وساري ويهون ٿا ته سنڌ مٿان چئن صدين کان جاگيردارن، سياسي ڀوتارن ،سيدن ،قبائلي سردارن جي حڪومت آهي اهي پنهنجو ٽڪساٽ ڪيئن آساني سان ٽوڙڻ ڏيندا.
گهٽ ۾ هن صورتحال ۾ جڏهن رياست جا سڀ ادارا انهن جا مددگار هجن.
ان ڪري هن جبل کي ٽُڪڻ لاءِ سياسي طور مستقل مزاجي جي ضرورت آهي.
مسلسل اليڪشنن ۾ حصو وٺڻ سان ئي ممڪن ٿيندو ته پورهيت طبقي جي ماڻهن يا مڊل ڪلاس لاءِ ڪا جڳهه پيدا ٿي سگهي.
2.اليڪشني سياست هارائڻ سان ختم نٿي ٿيئي پر هي واحد سياست آهي جيڪا هارائڻ کانپوءِ ٻيهر نئين جذبي سان کٽڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. ان ڪري اليڪشن هارائڻ وارا نوجوان ايندڙ پنج سال ئي اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪم ڪن. عام ماڻهن سان گڏ رهن ۽ انهن جي مسئلن تي آواز بلند ڪندا رهن. اهو چوڻ ته سر جو رشتو آهي ان بياني کي تبديل ڪري ووٽ جي رشتي کي اهميت ڏيڻ جي ور ور ڏيئي ڳالهه ڪن.
3.محڪومن جي يادگيري بابت اهو عالمي طور مشهور آهي ته انهن کي ويسر جي بيماري ٿيندي. انهن ويسارن ماڻهن کي ذلتن بابت بار بار يادگيري ڏيارڻ لاءِ انهن کي سياسي تحرڪ سان جوڙي رکڻ ضروري هوندو آهي. ان ڪري رابطي کي قطعي نه ٽوڙڻ گهرجي.

  1. اسان مڃون يا نه مڃون قومپرستي ۽ ڪامريڊ لفظ سنڌ ۾ پِٽجي چڪو آهي. بدڪردارن، جڳاڙين، بشنين ،ڪار لفٽرن، چاٻي چورن ماڻهن هنن لفظن جو تقدس ختم ڪرائي ڇڏيو آهي.
    ان ڪري اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سنڌ دوست ماڻهو پنهنجي نئين سياسي پوسچر سان سامهون اچڻ جي شروعات ڪن.
    قومپرستي يا ڪامريڊي جي بنياد تي ڪڏهن به پ پ يا ليگ کا ڪابه پارٽي يا فرد ويندي اتحاد به اليڪشن کٽي نٿو سگهي. ماضي جا سڀ تجربا پنهنجي سامهون آهن. پ پ ۽ ليگ کان وڏا ڀلا ٻيا ڪھڙا قومپرست ٿي سگهن ٿا.
    جيڪي ڪلچر ڊي به ملهائين ٿا ته “مرويسوں، مرويسوں سندہ نہ ڈیسوں” جا نعرا به هڻن ٿا.
    ايس اين اي کان وٺي يواين اي اتحاد تائين سڀ قومپرستي جي نالي ۾ ٿيندڙ اتحاد جڏهن اليڪشن ۾ ويا ته مڪمل شڪست کاڌائون.
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، ماضي جا اليڪشن جي محاذ تي قومپرستي جي بنياد تي شڪست کاڌل ڪردار آهن.
    هن وقت انهن جو تعداد ڊزن کن کان وڌيڪ آهي.
    ان ڪري جڏهن سماج ۾ ڪي نالا، نظريا، ليبل قبوليت جوڳا نه رھن ٿا ته انهن کي پنهنجي نئين جوڻ سان اڳتي اچڻ گهرجي.
    “اکران دی وچ جوئی اڙیا عشق دی چاڙھی مور نہ چڙھیا”. اکرن جي تقدس پڻي يا هٿرادو جوڙيل ٽڪساٽ مان فورن ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي.
    هنن حالتن ۾ قومپرستي لفظ جي عقيدي پرستي مان پاڻ کي ڪڍي نئين انداز سان عوام وٽ وڃڻ جي ضرورت آهي.
    قومپرست جي جڳهه تي، سنڌ دوست، سنڌ پرور، سنڌ وزنري، سنڌ بليورس يا اڃان ڪنهن نئين ليبل سان اڳتي وڌڻ گهرجي.
    4.اليڪشني سياست جا پنهنجا لوازمات آهن، ان ۾ وڏو ڪردار ڳوٺ جي چڱي مڙس جو ٿئي ٿو ان کي پاڻ سان جوڙڻ لاءِ اٽڪلون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي مجبوري اجائي ڦوشٽ، پوليس جي ياري ۽ چورن جي چو ياري آهي. ان سان اليڪشني رشتو فقط ان بنياد تي جڙي سگهي ٿو جڏهن هو سمجهي وڃي ته اوهان ان کان وڌيڪ طاقتور آھيو.
    5.پنهنجي صفن ۾ موجودہ سرفروش ساٿين جي بهادري، همٿ، جرئت ۽ غيرت کي هڪ جڳهه تي مرڪوز ۽ متحد ڪجي. انهن کي عام ماڻهن جي تحفظ ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي. جيئن، سول بيوروڪريسي پوليس، يا ڪنهن لوفر کان عام ماڻهن جي مال ملڪيت ۽ عزت محفوظ رهي.
    6.صالح ڪردار وارن مستقل مزاج ماڻهن کي پارٽين ۾ اڳيان کڻي اچجي جيئن عام ماڻهن جو پارٽين جي ڪردار بابت جوڙيل خراب تصور تبديل ٿيئي ۽ ماڻهو نئين انداز سان ڏسڻ ۽. پرکڻ شروع ڪن.
    “اٽي تي چٽي” وارا ماڻهو پاسي تي رکجن.
    7.سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهه اهڙا اليڪشني تڪ آهن جن تي ڪنهن به فرد جو خانداني ڪليم ناهي. انهن تڪن تان ڪڏهن ڪير ته ڪڏهن ڪير اليڪشن کٽي اچي ٿو. انهن تڪن جي چونڊ ڪري انهن تي ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪجي.
    8.الڪيشن جي سياست رڳو نعرو ناهي. نعرو هڻڻ سولو آهي. جهنڊو ور ۾ وجهي ڪنهن جي به جلسي يا ادبي ميلي ۾ وڃي جهنڊو ڦڙڪائي نعرو هڻڻ ڪجهه ڪلاڪن جو خفت آهي. اهو نهايت ئي آسان ڪم آهي. اليڪشني سياست مستقل مزاجي، جهجها وسيلا، تنظيم ڪاري، ڪردار جي پاڪيزگي، صبر ۽ سهپ گهري ٿي، هي سياست پاڪيزگي گهري ٿي. ان ڪري هي ڪم هڪ ماڻهو جو ڪم ناهي پوري هڪ پارٽي جو ۽ پوري هڪ تجربيڪار ٽيم جو ڪم آهي. ان جي پورائي ڪيئن ٿيندي ان تي ڪنهن ٻئي دفعي لکبو.

ھي بہ پڙھو

هو اسان جي زمين ڳڙڪائڻ چاهين ٿا؟. حيدر ملاح

هو اسان جي زمين ڳڙڪائڻ چاهين ٿا؟. حيدر ملاح

حيدر ملاح پي ڊي ايم جي حڪومت جي آخري هفتي ۾ ڪراچي ۾ واپارين جي …