ٺٽہ ڊرينج ڊويزن ٺٽو جي ملازمن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاء آفيسن جي تالابندي ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھڪ احتجاجي مظاھرو

ٺٽہ ڊرينج ڊويزن ٺٽو جي ملازمن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاء آفيسن جي تالابندي ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽہ ڊرينج ڊويزن ٺٽو مڪلي جي آفيس کان پريس ڪلب مڪلي تائين حاجي عبدالمجيد خاصخيلي، محمد آچار خاصخيلي، غلام رسول ميمڻ،عبدالغفار شاھ، شبير احمد خاصخيلي، حاجي امام ڏنو، عبداللہ سمون، ممتاز علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي. جنھن ۾ ملازمن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي محمد آچار خاصخيلي، غلام رسول ميمڻ، حاجي عبدالمجيد خاصخيلي، عبدالغفار شاھ ۽ ٻين چيو تہ ٺٽہ ڊرينج ڊويزن ٺٽو ۾ ٻاھرين ماڻھن جون ڀرتيون ڪري مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن.ھنن چيو تہ اڳ ۾ جيڪي ٻاھرين ضلعن جا ملاز ڀرتي ڪيا ويا آھن اھي بہ ڊيوٽيون نٿا ڪن، جيڪي سمورا ويزا تي ويل آھن. ھنن انڪشاف ڪيو تہ ٺٽہ ڊرينج ڊويزن ٺٽو ۾ پوسٽون آيون آھن، جن جي ڪاغذ جمع ڪرڻ جي تاريخ ختم ٿيڻ بعد اشھتيار اخبار ۾ ڏنو ويو،جنھن ۾ پڻ ٻين ضلعن کي شامل ڪيو ويو آھي،ھنن چيو تہ سنڌ سرڪار ھڪ حڪم جاري ڪندي ھڪ کان 4 گريڊ جا ملازم مقامي ماڻھون ڀرتي ڪرڻا آھن پر ان حڪم تي بہ عمل نٿو ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ 2009 ۾ پڻ ٺٽي ضلعي ۾ ڄامشورو ضلعي جا ڪيترائي ماڻھون ڀرتي ڪري مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا ۽ ھاڻي بہ اھائي ساڳئي صورتحال ڪري ٻين ضلعن جي ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويندو.ان کانسواء ريگيوليٽرن جا درواز پڻ خراب پيل آھن، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ پاڻي بہ واپس ٿي رھيو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ ٻاھرين ماڻھن جي ڀرتي وارو سلسلو بند ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار مھيا ڪري ريگيوليٽرن جا دروازا صحيح ڪري ويزا تي ويل ملازمن کي ڊيوٽي جو پابند بنائي، ريگيوليٽرن جي مرمت ڪرائي مقامي ماڻھن کي روزگار مھيا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ 26 جولاء کان برساتن جي ڪيل اڳتي ۾ شروع ٿيندڙ برساتن ۾ ڪوبہ ملازم ڊيوٽي نہ ڪندو.

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …