ٺٽي ضلعي جي انتھائي پوئتي پيل علائقي ۾ پھريون ڀيرو ايس ئي ايف جي اسڪول ۾ سائينسي ميلو-قاضي جي ايم

انسان جي تهذيب ۽ ترقي جي تاريخ انسان جي صرف علم جي ترقي جي تاريخ آهي. علم اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي چڪو آهي ۽ وڌيڪ اهم نتيجن حاصل ڪرڻ جي جستجو پيدا ڪندو آهي.
دنيا ۾ مختلف قسمن جا علم آهن پر هن وقت جيڪڏهن ڪو علم انسان وٽ معنيٰ رکي ٿو ته اهو صرف سائنسي علم آهي. سائنس ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن پٺتي پيل ماڻهو يا ڳوٺاڻي کان پڇندو ته اڪثريت کي پهرين ڳالهه ته سائنس جي خبر نه هوندي پر جن کي ٿوري ڀاڳي خبر هوندي آهي اهي سائنس جي تشريح عقلي انداز سان ڪندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ سموري سنڌ ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو جيڪو هڪڙي لحاظ قوم جي ماڻهن لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو پر انھي موقعي ته هڪ اهڙي اسڪول جيڪا جھنگ جي وچ ۾ هجي، پري پري تائين نه بجلي، نه گاڏي، نه وري ڪو معياري روڊ هجي، اتي ڪامياب طريقي سان سائنسي ميلو ملهائڻ حيرت ۾ وجهندڙ هڪ ساراهه جوڳو ۽ بهترين قدم آهي.
اچون ته ان سائنسي ميلي تي ڳالهيون.
جيئن ته سائنس ثبوتن ۽ تجربن جي بنياد تي نتيجا اخذ ڪرڻ ۽ وري انهن نتيجن کي مضبوط دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي رد ڪرڻ جو نالو آهي.
سائنس 2 قسمن جي ٿيندي آهي.هڪ نظرياتي، ٻي تجرباتي.
هن سموري سائنسي ميلي جو مقصد ٻارن منجهه انهن ٻنهي موضوعن بابت اتساهه پيدا ڪرڻ هو.
هن ميلي ۾ مختلف سائنسي منصوبا جوڙيل هئا جنهن ۾ ٻارن مٽي مان جانورن جي زندگي جا نمونا ٺاهيا، انهي سان گڏوگڏ مختلف ٻوٽن جي نسل لڳائي هڪ مصنوعي زندگي جو چرخو ٺاهيو، جنهن جانور ۽ ٻوٽا هڪ ٻئي تي ڪيئن اثرانداز ٿين ٿا ۽ انھي کانسواءِ هڪ ڪچي گهر ۾ رهندڙ ٻار، جنهن جو نالو الطاف هو، ان سائنسي بنيادن تي جيڪو سٽي ماڊل پروجيڪٽ جوڙيو، اهو بيحد حيرت ۾ وجهندڙ هو، ڪنهن يورپي ماڊل شهر جو تصور ڏنل هو.
ٻيا مختلف پروجيڪٽس، جن ۾ سولر انرجي، هائيڊرو آڪسيجن جي بنيادن تي مصنوعي ڪرين تيار ڪرڻ ۽ موسمون تبديل ٿيڻ جو سلسلو ڪچي مواد مان آسان انداز ۾ سمجهائڻ وارو هڪ زبردست مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو. هن سائنسي ميلي جو 2 خاصيتون اهم هيون، جنهن ۾ هڪ ڇوٿين ڪلاس جو ٻار اي ٽي ايم ٺاهي آيو ان اي ٽي ايم ۾ هن پئسا وجهي مصنوعي ڪارڊ جي ذريعي ڳوٺاڻن توڙي ميلي ۾ آيل ماڻهن کي طريقو سمجهايو ۽ پڻ حيران ڪيو.
سائنسي ميلي ڪاسمس يعني ڪائناتي رازن کي پرکڻ لاءِ جيڪون مشينون ڪم آنديون وينديون آهن، انهن جا به ماڊل هئا مصنوعي راڪيٽ، مصنوعي ٽيلي اسڪوپ ۽ مختلف پرزا جيڪي انسان کي اها جستجو ڏين ٿا ته ان وٽ شعور ۽ فهم آهي.
سائنسي ميلي جي گيلري ۾ دنيا جي عظيم سائنسدانن جا فوٽو ۽ انهن جي ڪم تي روشني ڏنل هئي،آئزڪ نيوٽن کان وٺي هاڪنگ تائين جنهن اک جي اشاري تي ڪائنات جا راز ٻڌايا، سڀ هئا. هن ميلي ۾ سڀ کان اهم منصوبو جيڪو مونکي ڏسڻ لاءِ مليو اهو هو مصنوعي ذهانت جيڪو هڪ ٽئين ڪلاس جي شاگرد ٺاهيو هو. هي خيال مستقبل جو آهي، اهڙا سائنسي ميلا يقينن هڪ بهترين قدم آهن.
هي سائنسي ميلو سيف جي اسڪول انڊس برائٽ فيوچر اسڪول ڌڻي بخش لاشاري ۾ منعقد ڪيو ويو هو، جيڪو ڪوسٽل علائقي ۾ آهي. اتي موجود هن شخص ٻڌايو ته پنج سال اڳ اتي ڪوبه اسڪول نه هو ۽ ٻار مختلف ڪم ڪندا هئا، جن ۾ ٻني ٻارو ۽ مال وغيره چارڻ. پر اسڪول اچڻ کان پوءِ خيالن جي اڏام تيز ٿي وئي. اهي پڙهڻ لڳا، الف کان وٺي سج تائين سمجهڻ لڳا جنهن ۾ ٿورو انهن عظيم استادن جو آهي جن اهڙا خيال آڻي پسمانده علائقي جي ماڻهن کي علم حاصل ڪرڻ جي جستجو عطا ڪئي آهي.
اسڪول جي پرنسپال شاه زيب قاضي ٻڌايو ته “اسين دنيا کي نئون پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسين سائنسي سوچ رکي مستقبل لاءِ سوچي رهيا آهيون، هي هڪ سنهري قدم جيڪو اڳتي هلي ڪري بهتر نتيجا ڏيندو”.
هن ميلي ۾ سينيئر استاد خليل سمون، غلام مرتضيٰ ۽ الطاف قاضي سان گڏ ٻيا استاد توڙي ٻارڙن جا مائٽ به سرگرم ڏسڻ ۾ آيا. سنڌ جي تعليمي ادارن کي اهڙن سائنسي ميلن جي ضرورت آهي، جن سان ٻارن جي سوچ تخليقي ته ٿئي ٿي پر انهن ۾ جوش ولولو پيدا ٿئي ٿو ۽ سچ حاصل ڪرڻ جي جستجو بيدار ٿئي ٿي

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …

Leave a Reply

Your email address will not be published.