ٺٽي جو پوليس اھلڪار ڪراچي ۾ پنھنجي ضلعي جي پوليس اھلڪار ھٿان قتل-گھرن ۾ سوڳ

ٺٽي جا ٻہ پوليس اھلڪار منظور علي آٿو ۽ منظور علي چوھاڻ رزاق آباد ٽريننگ سينٽر تربيتي ڪورس تي ويل ھئا جن جي عيد جي ايمرجنسي ڊيوٽي ڪورنگي ۾ لڳائي وئي ھئي، جتي ڪنھن معمولي ڳالھ تان جھمپير جي رھواسي پوليس اھلڪار منظور علي آٿي چليا جي رھواسي اھلڪار منظور علي چوھاڻ کي سرڪاري رائيفل سان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس قاتل اھلڪار کي گرفتار ڪري ورتو. مقتول نوجوان منظور علي چوھاڻ جي 28 جون تي شادي رٿيل ھئي سندن خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. مقتول پوليس اھلڪار منظور چوھاڻ جي والد اسماعيل چوھاڻ جو چوڻ آھي تہ منھنجو پٽ ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ھو جيڪو ھاڻي ڪراچي رزاق آباد ٽريننگ سينٽر ۾ تربيتي ڪورس تي ويل ھو. قاتل جوابدار منظور آٿي منھنجي پٽ کي قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي ظالم اسان جي چمن کي اجاڙي ڇڏيو سموريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آھن

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …